تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

دوزخ بڻيل سماج مان ڪهڙي اميد ڪجي؟

دنيا ۾ هر شئي وڪامي ٿي پر ماڻهوءَ کي نه وڪامڻ گهرجي ڪنهن به قيمت تي! ۽ جيڪو وڪامي وڃي ٿو، اهو ماڻهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ ها هر شئي جي هڪڙي قيمت آهي ۽ اها پنهنجي قيمت تي وڪامي ٿي، پر انسان يا ماڻهو اهڙو وجود آهي، جنهن کي قُدرت اشرف المخلوقات بڻائي دنيا ۾ موڪليو آهي، جنهن جي ڪا به قيمت ٿي ئي نه ٿي سگهي! آئون سمجهان ٿو ته هي اهڙي حقيقت آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ رد نه ٿو ڪري سگهجي پر اصولي طور تي اها ڳالھه صحيح هئڻ جي باوجود دنيا ۾ هر جاءِ تي ماڻهو وڪامن ٿا ۽ اسان جي سماج ۾ ته بلڪل سستي اگھه تي وڪامن ٿا! ها اها به حقيقت آهي پر انهي جي جواب ۾ اهو سوال سامهون اچي ٿو ته ڇا انهن کي ماڻهو چئي سگهجي ٿو جيڪي وڪامي وڃن ٿا!؟
انساني شڪل ۽ شبيھه وارن سڀني جاندارن کي انسان چئي نه ٿو سگهجي. انسان حقيقت ۾ اهڙو مڪمل وجود آهي، جنهن ۾ انسان واريون سڀئي خصلتون موجود هجن. جهڙيءَ طرح اصول اهو ئي ٿي سگهي ٿو جيڪو سڀني لاءِ هڪجهڙو آهي، جيڪڏهن هڪڙن لاءِ هڪڙو ۽ ٻين لاءِ ٻيو هُجي ته اهو “اصول” ٿي نه ٿو سگهي. ساڳيءَ طرح قانون  آهي، جيستائين اهو سڀني لاءِ هڪجهڙو ناهي تيستائين اُهو “قانون” ٿي نه ٿو سگهي.
جنهن سماج ۾ اصول، قانون ۽ انصاف ناهي ان کي مهذب انسانن وارو سماج ڪيئن ٿو چئي سگهجي؟ جيڪڏهن هي سماج مهذب انسانن جو سماج هجي ها ته جهڙو انسانيت سوز واقعو ڪشمور ۾ ٿيو يا اهڙي قسم جا ٻيا واقعا بلڪل نه ٿين ها.
سوال اهو آهي ته انسان دشمن ماڻهو، جيڪي اهڙي قسم جي وارداتن ۾ ملوث آهن، اهي سُڌريل معاشرن واري دنيا ۾ سگنل ٽوڙڻ جهڙي غلطي به نه ٿا ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته اتي حقيقي معنيٰ ۾ قانون جي حڪمراني آهي. آئون سمجهان ٿو ته سڀئي مذهب انسانيت جو درس ڏين ٿا، پر اسان جو ته اهڙي مذهب سان تعلق آهي، جنهن ۾ اخلاقيات، انسانيت، انصاف، ايمانداري، سچائي ۽ رواداري تي تمام گهڻو زور ڏنو ويو آهي. مساوات ۽ برابري جو ان کان وڏو تصور ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته “جيڪڏهن توهان جي پاڙي ۾ ڪو غريب ماڻهو بُک تي سمهي ٿو ته توهان جي عبادت به قبول نه ٿيندي” اسان وٽ دعوائون ته وڏيون آهن پر ڇا اسين انسان واري اُن مفهوم تي پورا لهي رهيا آهيون؟ جيڪڏهن اسان جي عمل ۾ ايمانداري ناهي ته اسان جو علم ۽ عقل ڪهڙي ڪم جو آهي؟
اسين هر ڳالھه ۾ غيرقانوني رعايت چاهيون ٿا ۽ اُن لاءِ اسان وٽ وڏو دليل اهو هجي ٿو ته” سڀ ڪجھه هلي ٿو، ماڻهوءَ کي هر جاءِ تي سهولت ملڻ گهرجي” اِهي ناجائز سهولتون ڏيندي ڏيندي اسان ماڻهن جون عادتون ايتريون ته خراب ڪري ڇڏيون آهن جو هاڻي قانون جي ڳالھه ڪندڙ دنيا جي نظر ۾ احمق آهن. جتي سڀ ڪجھه هلندو آهي اُتي ڪجھه به صحيح ناهي هوندو ۽ جتي ڪجھ به صحيح ناهي هوندو اتي ڏوهاري ذهنيت جنم وٺندي آهي ۽ پوءِ انسانيت کي لڄائيندڙ واقعا معمول بڻجي ويندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ قانون جو ڊپ ختم ٿي ويو آهي، جنهن ڪري ڇڙواڳي ۽ لاقانونيت جنم ورتو آهي. اهو به وڏو الميو آهي جو اسان وٽ مُروج قانون ۾ ايتريون ته پيچيدگيون آهن جو ڏوهاري آسانيءَ سان آجا ٿي وڃن ٿا ۽ ناانصافين جو شڪار ماڻهو عذاب ۾ مبتلا رهن ٿا. اهڙا لاتعداد مثال موجود آهن جتي هيٺ کان مٿي تائين غلط ڪم ڪندڙ ماڻهن کي سپورٽ ملي ٿي ۽ غلط ڪمن خلاف اُٿندڙ آواز کي روڪڻ لاءِ سڀئي چور هڪ ٿي وڃن ٿا.
سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته اسين ڪيڏانهن پيا وڃون ۽ هي سماج اڃا ڪيترو بدبوءِ دار بڻبو؟ اسان کي اڃا ڪيتريون تباهيون ڏسڻيون پونديون؟ عورتن لاءِ هي سماج ڪنهن جهنم کان گهٽ ڪونهي، اهڙن ادارن ۾ به عورتون محفوظ ناهن جتي وڏا پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ عالم ويٺا آهن. جنهن سماج ۾ عورت محفوظ ناهي ان سماج جي بهتر ٿيڻ جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي؟ مظلوم لاءِ دوزخ بڻيل سماج اڳتي ڪيئن وڌي سگهندو؟ اسان وٽ جيڪي سنگين واقعا ٿين ٿا، انهن ۾ رڳو اُهي ڏوهاري ناهن جيڪي انهن واقعن ۾ سڌيءَ طرح ملوث آهن، پر انهن ڏوهن ۾ اهي به حصيدار آهن جيڪي قانون ۽ انصاف جي معاملي ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح رڪاوٽ بڻيل آهن. توهان ڪنهن به معاملي ۾ غلط عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندئو ته توهان تي لاتعداد دٻاءُ ايندا ۽ ممڪن آهي ته توهان جي دشمنن ۾ به واڌارو ٿي وڃي، پر توهان زماني جي مُروج طور طريقي سان هلندئو ۽ غلط عمل کي جيئن جو تيئن جاري رکندئو ته توهان کي ماڻهن جو ساٿ به ملندو ۽ واھ واھ به ٿيندي.
غلط طور طريقا ۽ جُڳاڙي عمل ايترا ته پُختا ۽ مقبول ٿي چُڪا آهن، جو هاڻي انهن جي مخالفت ڪندڙن جو جياپو ڏُکيو ٿي ويو آهي. پر سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته جُڳاڙ تي هلندڙ هن سماج مان انسانن کي چڱائي ملي سگهي ٿي؟ جن ماڻهن جون پروفيشنل ذميواريون قانون تي عمل ڪرائڻ آهي، اُهي قانون ٽوڙڻ وارن سان گڏ بيٺل هُجن، جيڪي مهانگائي کي روڪڻ لاءِ مقرر ٿيل هجن اُهي مهانگائي جو سبب بڻيل هجن، جن کي چوري روڪڻ لاءِ مقرر ڪجي اُهي پاڻ ئي چورين ۾ ملوث هجن، جن جي ذميواري ڪرپشن کي روڪڻ هجي، اهي ڪرپشن کي هٿي وٺرائڻ ۾ ملوث هجن ته اتي صورتحال اهڙي ئي هوندي جهڙي اڄ اسان وٽ آهي. اها حقيقت سڀئي چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا ته اها صورتحال ماڻهن جي تڪليفن ۾ واڌاري کان سواءِ ڪجھ به نه ٿي ڏئي سگهي.
هاڻي اسان کي پنهنجي عملي ڪردار کي سامهون رکي ايمانداريءَ سان پنهنجو تنقيدي جائزو وٺڻو پوندو ۽ اُن ڳالھه تي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻو پوندو ته ڇا اسين پاڻ کي اهڙو انسان بڻائي سگهيا آهيون جنهن جو عمل قانون ۽ انصاف مطابق هُجي؟
اسان هر ننڍي وڏي ڳالھه تي ٻين تي تنقيد جا تير وسائيندا آهيون ۽ اڪثر ڪري ٻين تي ئي ڳالهائيندا رهندا آھيون، اسان کي ٻيا ئي غلط نظر ايندا آهن پر پنهنجن غلطين تي سوچڻ جي ضرورت به محسوس ناهيون ڪندا. هاڻي ٻين کي ڇڏي پنهنجي عمل، ڪردار ۽ روين تي سوچڻ جي ضرورت آهي. ٻين کي سُڌارڻ جي ضرورت ناهي، پاڻ کي سُڌارڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي لاءِ انصاف چاهيو ٿا ته ٻين سان به انصاف ڪرڻ سِکو، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪيو ٿا ٻين لاءِ به اهو ئي پسند ڪيو.
آئون پنهنجي ڳالھه کي سهيڙيندي ٻيهر اُن نُقطي ڏانهن اچان ٿو ته دنيا ۾ هر شئي جي قيمت آهي ۽ هر شئي وڪامي ٿي، پر ماڻهوءَ جي ڪا به قيمت ناهي ۽ نه ئي اهو وڪامي سگهي ٿو! ۽ جيڪو وڪامي وڃي ٿو اُن کي ماڻهو چئي سگهجي ٿو!؟
[email protected] 

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *