تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ديوارون ديوارون دنيا

فرانس جي وجودي مفڪر ۽ رائٽر زان پال سارتر جي ڪھاڻين جي مجموعي INTIMACY (ويجھڙائپ) جي وڌيڪ سگھاري ڪھاڻي اھا نه ھئي، جنھن جو نالو ڪتاب لاءِ منتخب ڪيو ويو. ان مجموعي جي سڀ کان اثر ڇڏيندڙ ڪھاڻي THE WALL (ديوار) ھئي. پر ديوار جو مک ڪردار پابلو عام پڙھندڙ لاءِ ايترو پرڪشش نه ھو. جڏھن ته وجھڙائپ جي ھيروئن “لولو” ۾ جنسي جماليت جي وڌيڪ ڇڪ ھئي. خاص طور تي تڏھن جڏھن ڪھاڻيءَ جي ابتدا ئي انھن لفظن سان ٿيندي ھجي ته “لولو لٽا لاھي سمھندي ھئي. ھن کي پنھنجي جسم تي چادر جو ڇھاءُ وڻندو ھو” جڏھن ته ان جي برعڪس ديوار نالي ڪھاڻي جو پس منظر ھڪ جيل ھو. جنھن ۾ فرانڪو خلاف وڙھندڙ باغي ۽ انقلابي قيد ھئا. انھن مان ھڪ پابلو به ھو. پابلو جنھن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي ھئي. ھڪ فرينچ نقاد سارتر جي ان ڪھاڻيءَ جي نالي تي تبصرو ڪندي لکيو آھي ته “ديوار عام طور فائرنگ اسڪواڊ جي علامت آھي. پر سارتر ھن ڪھاڻيءَ ۾ ديوار کي ان معنيٰ ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي پويان ڪير ڪھڙي حال ۾ جيئي ٿو؟ ڪھڙي حال ۾ مري ٿو؟ ٻاھر جي دنيا کي ڪا خبر نه ٿي پوي”
ڇا شيخ اياز جي ذھن ۾ به اھو ساڳيو تصور ھو؟ جڏھن ھو اھي لفظ لکي رھيو ھو ته:
“ديوار ڊھي توساڻ ملان
ڪا واجھه نه آ
ڪا وٿ نه آ
مون جيڪو تنھنجو روپ ڏٺو
ڪا ريک ان جي ڪٿ نه آ”
ديوار صرف قيد ۽ آزاديءَ جي وچ ۾ نه ھوندي آھي. ديوار صرف جسمن کي الڳ نه ڪندي آھي. ديوار ٻن دلين ۽ ٻن ديسن کي به ھڪ ٻئي کان پري ڪرڻ جي سلسلي ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي آھي.
اھي سڀ ديوراون آھن، جيڪي ٺھنديون ڊھنديون رھن ٿيون. ڪنھن ٿي ڄاتو ته اھا ديورا برلن به سر سر ٿي ويندي، جنھن کي ڪراس ڪندي ڪيترائي جرمن گولين جو بک بڻيا ھئا. جنھن جي ٻنھي پاسن تي باغي شاعر ۽ مجبور عاشق ڪجھه شعر ۽ ڪي نالا لکي ويندا ھئا. ھر ديوار جي ھڪ عمر ھوندي آھي. ڀلي پوءِ اھا ديوار چين ئي ڇو نه ھجي!
ڇا ڪوئي سوچي سگھيو پئي ته وٿين مان ھڪ ٻئي لاءِ واجھه وجھندڙ عرب ملڪ ۽ اسرائيل اوچتو دنيا کي ڌماڪي واري خبر ڏيندا؟ ھن وقت پوري عرب دنيا ۾ اٿل پٿل آھي ته گڏيل عرب امارات UAE جي پويان ڪھڙا ڪھڙا عرب ملڪ ويندا؟ دنيا کي ھجي نه ھجي پر مسلمانن جي دنيا کي اھو سوال تمام گھڻو تنگ ڪري رھيو ھو ته “ڇا سعودي عرب به اسرائيل کي قبول ڪندو؟ سعودي عرب……سعودي عرب…..ڇا حرمين شريفين جا محافظ ان يھودي رياست کي قبول ڪندا، جنھن جي ھڪ ھڪ سر مٿان ڪنھن نه ڪنھن عرب شھيد جي خون جو ڇنڊو آھي؟” ان کان اڳ جو اھڙا سوال تمام گھڻي تشويش کان پوءِ تلخ صورتحال کي جنم ڏين، سعودي عرب جلد اھو علان ڪيو ته “اسرائيل کي تيستائين تسليم نه ڪيو ويندو، جيستائين فلسطين جي رياست وجود ۾ نه ٿي اچي” ان بيان ۾ جنھن شرط کي بيان ڪيو ويو آھي، اھا ھاڻي ناممڪن نه ٿي محسوس ٿئي. دنيا جا باغي مسلمان به ڇا ياد ڪندا ته جيڪو ڪم جمال عبد الناصر جو مصر، حافظ الاسد جو شام، قذافيءَ جو لبيا ۽ صدام حسين جو عراق نه ڪري سگھيو، اھو ڪم ھاڻي سعودي عرب ڪري ڏيکاريندو. دنيا جا داناءَ اھو به ڄاڻن ٿا ته ھر ملڪ ۽ ھر ماڻھوءَ کي پنھنجي مزاج مطابق سوکڙي ملندي آھي. جيڪو فلسطين ياسر عرفات جي ڀڪوڙيل مٺين ۽ جارج حباش جي پوري برسٽ جھڙي تقرير ۽ محمود درويش جي شاعريءَ مان جنم وٺي ھا، اھو فلسطين اھڙو نه ھجي ھا، جھڙو بنا جنگ جي اسرائيل سعودي عرب کي سوکڙيءَ طور ڏيندو.
لبنان ۾ ڌماڪي کان پوءِ جيڪا ماٺار ڇائنجي وئي آھي، ان ۾ لبرل عرب معاشري جا جرنلسٽ، رائٽر ۽ آرٽسٽ سوچي رھيا آھن ته ڇا ھڪ وقت اھڙو به اچڻو ھو؟ مصر ۽ اردن تھ اڳ ۾ ئي اسرائيل جي ھنج حوالي ٿي چڪا. پر ھاڻي جڏھن سالن کان وٺي ھلندڙ ڳجھو رشتو منظرعام تي اچي رھيو آھي ۽ عرب امارات جي نقش قدم تي ھلندي عمان ۽ قطر جھڙا ملڪ اسرائيل سان ملي اھڙو ماحول جوڙي رھيا آھن، جنھن ۾ سعودي عرب جي حڪمرانن کي تشريف آوريءَ ۾ تڪليف نه محسوس ٿئي، تڏھن لبنان ۾ تمام ٿوري وقت اندر تمام گھڻي طاقتور ٿيندڙ حسن نصراللھ جي ڌر حزب الله جو ڪھڙو ڪردار ھوندو؟ جڏھن اشاري تي ھلندڙ ميڊيا عربي ۽ عبراني ٻوليءَ جو تاريخي تعلق بيان ڪندي ته ايڊورڊ سعيد جي سامراج دشمن فڪر جي آڱر پڪڙي ھلندڙ دانشور ڪھڙو اظھار ڪندا؟
وچ  اوڀر ۾ جيڪي ڀتيون ڀورڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آھي، ان ترڪيءَ جا سياسي سپنا ٽوڙي ڇڏيا آھن. جيڪڏھن اھو ڪجھه نه ھجي ھا ته ترڪي عرب امارات ۽ اسرائيل جي امن معاھدي کي تاريخ کي سڀ کان وڏي غداري ڇو قرار ڏئي ھا؟ جڏھن ته ترڪي پاڻ اھو ملڪ آھي، جنھن عرب کان اڳ ۾ اسرائيل سان سفارتي تعلقات قائم ڪيا ھئا. اھو ته غزا جي مٿان اسرائيل جو حملو ھو، جنھن ۾ ترڪ امدادي ڪارڪن به اجل جو لقمو بڻيا ھئا، جنھن کان پوءِ ترڪي ۽ اسرائيل جي وچ ۾ وٿي پيدا ٿي وئي. ان وٿيءَ ۾ اردغان جديد خلافت جو بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي پر مسلمان دنيا ھن جي اھڙي تصور کان اڳتي ٽپي وئي آھي. تاريخ جو ڦيٿو ڪڏھن به پوئتي ڦيرائي نه ٿو سگھجي. تاريخ جو ڦيٿو ھميشه اڳتي ئي وڌندو آھي. ڀلي ان جي ھيٺان ڪنھن جا ڪيترا نازڪ جذبا ۽ احساس چيڀاٽجي ختم ڇو نه ٿين. تاريخ ته انسانن جو اھو حشر ڪندي آھي، جھڙي حشر جو ذڪر ڪندي انگريز شاعر شيڪسپيئر لکيو ھو ته “ديوتا اسان سان اھو ڪجھه ڪن ٿا، جيڪو ٻار پوپٽن سان ڪندا آھن. اھي اسان کي پنھنجي راند ۾ قتل ڪن ٿا” اھو ساڳيو خيال ايتري خوبصورت انداز سان نه سھي پر معنيٰ جي سلسلي ۾ ان سنڌي پھاڪي ۾ نه سمايل آھي ته “مرون آ موت ملوڪان شڪار”. دنيا جا تمام دولت مند ۽ طاقتور ملڪ مسڪين رياستن جو اھڙو ئي حشر ڪندا آھن . جيڪڏھن اھو ڪجھه نه ھجي ھا ته ڇا پاڪستان ان حد تائين پريشان نظر ايندو ھجي ھا؟ ڇا پاڪستان ڪڏھن سوچيو ھو ته سعودي عرب ھن کان ڏنل پئسا واپس گھرندو؟ ڳالھه ھڪ ارب ڊالر جي ناھي. معلوم ناھي ته شبلي فراز ڪھڙي خيال ۾ ٿو چوي ته “ممڪن آھي ته سعودي عرب کي پئسن جي ضرورت ھجي” جڏھن ته پوري دنيا کي معلوم آھي ته سعودي عرب پاڪستان کان پئسا واپس گھري، ھن تي پنھنجي تمام گھڻي ڪاوڙ جو اظھار ڪيو آھي. پاڪستان جيڪو ھميشه فخر سان اھو چوندو ھو ته جيڪي حڪمران مقدس ماڳن جي حفاظت ڪن ٿا اسان انھن جا محافظ آھيون. پر سعودي عرب ھاڻي پاڪستان کي چٽن لفظن ۾ ۽ پوري دنيا جي سامھون چئي ڇڏيو آھي ته ھن کي سندس حفاظت جي ڪا ضرورت ڪونھي. جڏھن سعودي عرب اسرائيل سان تعلق وڌائڻ طرف پيش رفت ڪري چڪو آھي ته پوءِ ھن کي پاڪستان جي ڪھڙي پرواھه؟
ڇا پاڪستان جو ڏوھه اھو آھي ته ھو آمريڪا پاران انڊيا سان آخري حد تائين وڃڻ واري ماحول ۾ مجبور ٿي ان چين طرف گھڻو جھڪي ويو آھي، جيڪو چين ڪووڊ19 واري الزام بازيءَ ۾ اڙجي آمريڪا کان گھڻو پري ٿي ويو آھي ۽ ھن جي ڀارت سان لداخ واري سرحد تي سخت ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ کان پوءِ موديءَ جي طرفان ڀارت ۾ ھندو قومپرستيءَ جو اڀار ۽ ان ۾ سوشل ميڊيا آڏو ٽٽندڙ چيني ٽي وي سيٽ ۽ چين جي بائيڪاٽ جا اعلان، اھڙو ماحول پيدا ڪري ويا جو چين کي ايران جي مٿان ھٿ رکڻو پيو ۽ ھن پنھنجي تاريخ جي سڀ کان وڌيڪ سيڙپ ڪاري ايران ۾ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پاڪستان کي مجبورن چين جي پاسي ھجڻ سبب ايران سان گڏ بيھڻو پيو. اھڙي صورتحال ۾ سعودي عرب جي ڪاوڙ غيرفطري ته ناھي. سعودي عرب جي شاھي خاندان کي ايترو خطرو ته اسرائيل کان به محسوس نه ٿيو آھي، جيترو خطرو انھن ايران مان محسوس ڪيو آھي. ھن مھل جڏھن ايران چين سان گڏجي ھڪ نئين طاقت بڻجڻ طرف وڌڻ جي رٿابندي ڪري رھيو آھي، ان مھل آمريڪا کي به نه صرف چين پر پاڪستان تي تمام گھڻي ڪاوڙ اچڻ ھڪ فطري ڳالھه آھي پر پاڪستان ڇا ڪري؟
دنيا ۾ پراڻين ديوارن ڊھڻ ۽ نين ديوارن ٺھڻ جو سلسلو ھن ڀيري ڏکڻ ايشيا کان شروع ٿيندو نظر اچي رھيو آھي. ھن ڀيري اھڙا ملڪ ھڪ ٻئي جي ويجھو اچي رھيا آھن، جن جي باري ۾ ڪڏھن ڪنھن سوچيو به نه ھو ۽ اھڙا ملڪ ھڪ ٻئي کان پري ھٽي رھيا آھن، جن جي سلسلي ۾ سوچيو ويندو ھو ته انھن جو انگ آسمان جي ستارن پاڻ ۾ اڙايو آھي. پر علم نجوم توڙي خلائي سائنس جو گڏيل خيال آھي ته پولارن ۾ ھر شيءَ گردش ڪندي رھي ٿي. ان گردش ۾ رشتا ناتا ٺھندا ڊھندا رھن ٿا. جڏھن ماڻھن جا رشتا مستقل ناھن ته انھن ملڪن جا رشتا مستقل ڪيئن ٿي سگھن ٿا، جن ملڪن جا مفاد اڄ ھڪڙا ۽ سڀاڻي ٻيا ٿي وڃن ٿا. جڏھن استاد غالب جي دل تي غمن جو غبار وڌي ويندو ھو، تڏھن ھو پنھنجن سورن ۽ پورن کي انھن سٽن سان سنڀاليندو ھو ته:
“رات دن گردش مين ھين سات آسمان
ھو رھي گا ڪڇ نه ڪڇ گھبرائين ڪيا؟”
پر صرف پنھنجي دل کي آٿت ڏيڻ سان ڪجھه نه ٿو ٿئي. آسمان به انھن تي مھربان ٿئي، جيڪي پنھنجي حالت ۽ حيثيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ ڪن ٿا. جيڪي صرف وقت جو انتظار ڪن، انھن ۾ ديوارون ڊاھڻ ۽ ٺاھڻ جو ڪو جذبو نه ھوندو آھي. اھي پاڻ ڪنھن ڀت جي پاڇي ۾ ويٺا ھوندا آھن. انھن کي اھو خيال به نه رھندو آھي ته اھا ھڪ ڀت ، ڀريل ڀت آھي. جيڪا ڪنھن به وقت انھن جي مٿان ڪري سگھي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *