تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

راوڻ جھڙي راڄ ۾

ڇا ھي سماج سيتا جي لاءِ سک ۽ سلامتيءَ وارو بڻجي چڪو آھي؟
جيڪڏھن ان سوال تي سوچيو وڃي ھا تھ ننڍي کنڊ ۾ ڏياريءَ جي رات روشنين جي ٻوڏ جيان نظر نھ اچي ھا. ماڻھو نون سوالن تي نھ ٿا سوچين. ھو صرف ڪنڌ نوائي پراڻين روايتن جي راھن تي ھلندا رھن ٿا. انھن کي صرف اھا خبر آھي تھ فلاڻي ڏينھن ڏياري آھي. ان ڏينھن کي سرمائيدار ۽ واپاري ڀرپور طرح سان ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائن ٿا. ان ڏينھن سوچڻو ناھي، سمجھڻو ناھي، ويچار ناھي ڪرڻو تھ ڏياريءَ جو ڏينھن ڪھڙي معنيٰ کي پاڻ ۾ سانڍي ٿو اچي؟ ان ڏينھن صرف ڦٽاڪا ڦاڙڻا آھن. ان ڏينھن مٽي توڙي پتل جا ڏيئا ٻارڻا آھن. ان ڏينھن نوان لباس پھري رقص ڪرڻا آھن. ڏياريءَ جو ڏينھن ھندو سماج ۾ جشن جو ڏينھن آھي. جڏھن تھ ان ڏينھن جي سلسلي ۾ سوچڻ گھرجي تھ جنھن سيتا جو ھرڻ ٿيو ھو، جنھن سيتا کي اغوا ڪيو ويو ھو، جنھن سيتا کي لنڪا جي محل ۾ باندي بڻايو ويو ھو، ڇا ان سيتا جي پيڙا پنھنجي منطقي انت تي پھتي آھي؟ ڇا اھا سيتا ھن جھنگ جھڙي سماج ۾ ھاڻي سلامت سمجھي سگھجي ٿي؟ ڇا ھاڻي ھن راڄ ۾ ڪو بھ رواڻ ڪونھي؟
ڪيئن ڪونھي؟ ھن مھل بھ انڊيا جي جلترنگ ۽ جمھوري شھرن ۾ ڇوڪريون روڊن تان اغوا ڪيون وڃن ٿيون ۽ انھن کي ھلندڙ بسن ۾ نھ رڳو ريپ ٿو ڪيو وڃي پر انھن کي ايتري جنسي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو تھ ھو ڪوما ۾ رھندي پنھنجا پراڻ پورا ڪري ٿيون ڇڏين. ھن مھل بھ انڊيا ۾ ھر ڏينھن ڪنھن نھ ڪنھن ڪنيا سان ڪلور ٿئي ٿو ۽ اھو ڪجھھ صرف ھند ۾ ناھي پر سنڌ ۾ بھ ساڳيو ظلم ۽ ساڳي بربريت آھي. ڪانپور کان وٺي ڪشمور تائين ھن ننڍي کنڊ ۾ عورت ھڪ وڏي رڙ آھي. جڏھن معصوم عليشا جنسي بگھڙن جي ور ٿي چڙھي تھ ان لاءِ معاشري جي چپن تي احتجاج جون صدائون آھن پر جڏھن پوليس انڪائونٽر ذريعي انصاف جو شارٽ ڪٽ ڪڍي ٿي اچي تھ اھا سماج جي سورمي بڻجي وڃي ٿي. اسان وٽ ھيرو ٿيڻ ڪيترو نھ آسان آھي؟ جنھن بھ سماج ۾ سچا ھيرا نھ ھوندا آھن، اتي ڪوڙن ھيرن جا ڍڳ ڪٺا ٿي ويندا آھن. ھي ڪوڙن ھيرن جو معاشرو آھي. جيڪڏھن پوليس جو ڪردار قانون جي محافذ وارو ھجي ھا تھ ڪشمور جي درندن کي ڪڏھن بھ اھا جرئت نھ ٿئي ھا تھ ھو ڪراچيءَ مان ھڪ عورت کي معصوم ڌيءَ سميت گھرائي، ان جو معصوم نياڻيءَ سميت ريپ ڪن. جڏھن معاشري ۾ قانون نھ ھوندو آھي تھ مجرم بي خوف بڻجي ويندا آھن. جڏھن سماج ۾ انصاف نھ ھوندو آھي تھ سيتائون نھ صرف اغوا ٿينديون آھن پر انھن جو ست بھ سلامت رھي نھ سگھندو آھي. ان ڪري اسان کي خوش ٿي پنھنجو پاڻ کي دوکو نھ ڏيڻ گھرجي. اسان کي سمجھڻ گھرجي تھ ھي معاشرو ايترو محفوظ ناھي، جنھن ۾ خوشيون ملھائي سگھجن. جنھن ۾ مسرت جا گيت ڳائي سگھجن. جنھن ۾ روح جي راحت لاءِ رقص ڪري سگھجن. اڃا تائين ھي معاشرو راوڻ جھڙن ڪردارن سان ڀريل آھي.
سيتا جو مطلب صرف رام جي پتني ناھي. سيتا صرف راجا دسرٿ جي نھن ناھي. سيتا صرف لڇمڻ جي ڀاڀي ناھي. سيتا معنيٰ ھن سنسار جي ناري. اھا ناري جيڪا سازشن جو شڪار ٿي بنواس ڀوڳي ٿي. جنھن سان بار بار دوکا ٿين ٿا. جڏھن اھا اغوا ٿئي ٿي تھ ان جي واپس ٿيڻ کان پوءِ بھ الزام ان جي مٿان لڳي ٿو. ھن کي باھھ تان گذري پنھنجي پوترتا جي پڪ ڏيڻي پوي ٿي. ڇا اغوا ٿيڻ ۾ سيتا جو ڪوئي قصور ھو؟ اوھان پورو رامائڻ پڙھو ۽ تمام گھڻي ڌيان سان پڙھو. اوھان کي سيتا جو ڪٿي بھ ڪو قصور ڏسڻ ۾ نھ ايندو. سيتا جي سلامتي جو فرض تھ ھن جي پتي رام مٿان عائد ٿي ٿيو. اھو ڏوھھ سيتا جو نھ ھو تھ ھوءَ اغوا ڪئي وئي. پر الزام وري ھن جي مٿان آيو. بلڪل اڄوڪي سماج جي انوسار. جڏھن بھ ڪنھن عورت جي لڄ لٽي ٿي وڃي تھ ھن جي مٿان سوالن جا تير وسڻ لڳن ٿا. جڏھن ھڪ عورت موٽر وي تي پنھنجن ٻچڙن آڏو وحشت ۽ درندگيءَ جو نشانو بڻي تھ سوال ھن کان ڪيا ويا. الزام ھن تي ھنيا ويا تھ ھوءَ ايتري دير سان بغير ڪنھن مرد جي ٻاھر ڇو نڪتي؟ جيڪڏھن ھي معاشرو قانون ۽ قانون جي محافظن ھوندي ايترو غيرمحفوظ آھي تھ اھو قانون ڇو نھ ٿو وجود ۾ آندو وڃي تھ عورت ڪنھن پنھنجي مرد کان سواءِ ٻاھر نڪري نھ ٿي سگھي. اھا معاشري جي منافقت آھي. جيستائين ڪنھن معاشري جي منافقت ختم نھ ٿيندي تيستائين اھو محفوظ بڻجي نھ ٿو سگھي.
عورت ھر معاشري ۾ غيرمحفوظ آھي. ھر مذھب جي عورت ۽ ھر رنگ نسل جي عورت پاڻ کي مڪمل طور تي سلامت سمجھي نھ ٿي سگھي. اھا بازارن ۽ دفترن ۾ تھ ڇا پر پنھنجي گھرن ۾ بھ محفوظ ناھي. اھا پراين کان تھ ڇا پنھنجن کان بھ بچيل ناھي. اھا بگھڙن جي گھيري ۾ آھي. جنسي بگھڙ ھر دور ۾ ۽ ھر ھنڌ رھيا آھن. اھي ھن مھل بھ پوري دنيا ۾ اوناڙيون ڪن ٿا. اھي ھن مھل بھ معصوم نارين کي پنھنجي وحشت جو نشانو بڻائڻ جا وجھھ ڳولھين ٿا. اھي معصوم ناريون، جيڪي پيار جي نالي ۾ اعتبار ڪن ٿيون ۽ انھن کي پيار جي بدران ھڪ اھڙو ڄار ملي ٿو، جنھن ۾ ڦاسي ھو سموري زندگي ڦٿڪنديون رھن ٿيون.
ھن معاشري ۾ اھي ناريون جيڪي ھندو گھرن ۾ جنم وٺن ٿيون. جيڪي پورھيت پيئرن ۽ محنت ڪش مائرن جي قربانين سان تعليم پرائن ٿيون. وڌي وڏيون ٿين ٿيون. جن کي جنھن عمر ۾ اھو پتو نھ پوندو آھي تھ پيار ڇا ھوندو آھي؟ ان عمر ۾ ھو معصوم دل سبب دوکن ۾ اچي وڃن ٿيون ۽ انھن جا صرف ڌرم نھ ٿا کسجي وڃن پر انھن جي جيون جا سمورا ڪرم ۽ انھن جا نالا ۽ انھن جي رشتن جا حوالا، انھن کان سڀ ڪجھھ ڦرجي وڃي ٿو. جڏھن ھو محبت جو انجام ڏسي وٺن ٿيون ۽ پنھنجي تڪليف کي ھٿ جي وڍي سمجھي قبول ڪن ٿيون، تڏھن انھن جي مٿان ھوليءَ يا ڏياريءَ جا ڏڻ ڪيتري نھ مشڪل جو سبب بڻجن ٿا. جڏھن ھو تصور ۾ ڏيئا ٻرندا ڏسن ٿيون، جڏھن انھن جي احساسن ۾ مٺائيءَ جي خوشبو ۽ ان جو مٺاس ڀرجي وڃي ٿو، جڏھن ھو سوچڻ لڳن ٿيون تھ ان ڏينھن تي ڪير ڪير رنگن ۾ آلو ٿيو ھوندو ۽ ڪير ڪير نوان لباس پائي ڪنھن ڪنھن سان سيلفيون ڪڍرائيندو ھوندو! تڏھن انھن کي شدت سان محسوس ٿيو آھي تھ ھي معاشرو راوڻ جو راڄ آھي ۽ ھو اھڙيون ڪمزور سيتائون آھن، جيڪي لڙڪ لاڙڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھھ بھ ڪري نھ ٿيون سگھن.
ھن دنيا ۾ جيڪڏھن عورت محفوظ ھجي ھا تھ “سيتا ھرن” جھڙو شاھڪار ناول لکندڙ قرت العين حيدر “اگلي جنم موھي بٽيا نھ ڪيجيو” جي عنوان سان ناوليٽ نھ لکي ھا. عورتن سان ھن پوري عالم ۾ ظلم ٿيا آھن. ھي ظلم اڃا بھ جاري آھن. اھو ئي سبب ھو جو منشي ابراھيم بھ لکيو ھو تھ:
“اڃا عمر جو جبر آ جاري
اڃا نھ مارئي آ ماڳ موٽي”
اڄ بھ ماريون معاشري جي ڪوٽن ۾ قيد آھن، انھن کي انھن جي پسند خلاف پرڻا ڪرڻا ٿا پون. انھن کي دوستيءَ جي الزام ھيٺ قتل ڪيو وڃي ٿو. انھن کي غلام رکيو وڃي ٿو. ان کي غيرت جي سوريءَ تي چاڙھيو وڃي ٿو. ان کي ٻوليءَ ۾ گار بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو. انھن سان دوکا ۽ دولاب مسلسل ھلندا رھن ٿا. انھن کي آھھ بھ ڪرڻ جي اجازت نھ ٿي ڏني وڃي. انھن جو جيئڻ مسلسل زھر پيئڻ جھڙو آھي. اھي تاريخ جي ھر دور ۾ عذابن جو شڪار رھيون آھن ۽ انھن جي تاريڪ دنيا اڃا تائين روشن ٿي نھ سگھي آھي. ھن دنيا ۾ ڏياريءَ جي ڏڻ تي ڀلي ڪيترا بھ ديپ جلن پر ناريءَ جي جيون ۾ جيڪو انڌيرو آھي، اھو ڪابھ ڏياري ختم ڪري نھ ٿي سگھي، ھن جي لاءِ تھ ڏينھن بھ رات جيان آھي. ھن جي اھڙي جيون ۾ صرف ارتقا جي ذريعي جيڪا ڌيمي تبديلي اچي ٿي، ان جي سھاري ھوءَ تاريخ جو سمورو صحرا ڪراس ڪري رھي آھي. ھن جي جيون ۾ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبھ انقلاب اچڻ جو نالو نھ وٺي.
عورتن کي عذابن مان نجات ڏيارڻ جي لاءِ ساحر لڌيانوي جيڪو نظم لکيو ھو، ان جا ٻول ھن کي ڀارت ۾ اھو مقام ڏئي نھ سگھيا، جنھن مقام تي ماڻھو مڪمل محفوظ ھوندو آھي. ھن وقت ھند جو ڇا ذڪر ڪيون؟ ھيءَ سنڌ جنھنجو روحاني رھبر پنھنجي پوري شاعريءَ ۾ عورت جي درد کي ھر ماحول ۾ پينٽ ڪندو رھيو ۽ ھن جي حيثيت کي بھتر بڻائڻ ۽ ھن کي انصاف ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو، ان لطيف جي ڌرتيءَ تي اڄ بھ عورت سندس انھن لفظن جا لٽا پائي بيٺل آھي تھ:
“ننڍڙي لاڪون ڏک ڏٺاسين
سورن ۾ جند ساماڻي الا….!”
ڇا عليشا ۽ ھن جھڙين ھزارن نياڻين سان جيڪو ڪجھھ ٿيو آھي يا جيڪو ڪجھھ ٿي رھيو آھي، اھو انھن ٻولن ۾ ٻڌي نھ ٿو سگھجي؟
سيتا يا گيتا يا ڪويتا يا عليشا، نالو اوھان ڪھڙو بھ سوچيو پر ڪوبھ نالو ان ناريءَ کي اھو تحفظ ڏئي نھ سگھيو آھي، جنھن جو تھذيب ھن سان واعدو ڪيو ھو. تھذيب جو سفر جاري آھي ۽ ان سفر ۾ عورتون جيئن گھلجي رھيون آھن، ان جو منظر تمام گھڻي تڪليف ڏئي ٿو. جنھن منظر کي ڏسي اسان کي تڪليف ٿئي ٿي، ان منظر ۾ موجود عورت ان عورت لاءِ اھو عذاب ڪيئن ھوندو؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *