Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_lcmmtqj46o5f6jhgjavomqii3p, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
روز پيدا ٿيندڙ قيامتون ۽ سماج - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar روز پيدا ٿيندڙ قيامتون ۽ سماج - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

روز پيدا ٿيندڙ قيامتون ۽ سماج

جنونيت چئجي،وحشيت،درندگي سفاڪيت يا ان کان به وڌيڪ اڃان ٻيا ڪي اهڙا لفظ استعمال ڪجن،تڏهن به اهي لفظ انهي عمل آڏو پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي رهن، تڏهن به اهي لفظ انهي عمل آڏو ڪنڌ جهڪائي بيهي رهن،انهي عمل آڏو لڄي لڄي ۽ شرمسار ٿين پر جيڪڏهن ڪنهن کي ڪو حياءُ ،ڪو شرم،ڪا لڄ محسوس نه ٿي ته انهي کي جنهن ڪجهه ڏينهن اڳ ڪشمور ويجهو اهڙو عمل ڪيو ،جيڪو سڄي سنڌ سامهون سانحي جي صورت ۾ آيو آهي. جنهن تي سڄي سنڌ پنهنجي پنهنجي منهن روئي رهي آهي، سڏڪي رهي آهي ۽ هر ڪنهن جي اندر ۾ تڏو وڇايل آهي.تڏو انهي انسانيت جو جيڪا لڳي ٿو موڪلائيندي پئي وڃي، تڏو انهي اخلاقيات جو جيڪا رڳو ڊڪشنري تائين محدود ٿي وئي آهي، تڏو انهي ماڻهپي جو جيڪو هر معصوم ٻار ۾ پنهنجي اولاد کي ڏسندوهو .ڳالهه انسانيت جي شرمائڻ وار چوڻي کان به چڙهي وئي آهي، ڳالهه مهذب سڏائڻ واري دعويٰ تان هٿ کڻڻ جهڙي ٿي وئي آهي. جڏهن انسان جي روپ ۾بگهڙن جا ٽولا اسان جي سماج ۾ جُهنڊ ۾ گهمندا ڦرندا روز ڪنهن معصوم کي پنهنجي وحشيت جو نشانو بڻائن،جڏهن انهن کي ڪو قانون ڪو ضابطو روڪي نه سگهي، جڏهن اهڙن درندن کي ڪا سزا نه اچي سگهي ته پوءِ جانورن جي جهنگ ۽ اشرف المخلوقات سڏائيندڙن جي معاشري ۾ ڪهڙو فرق ٿو وڃي رهي.؟
دنيا جون مهذب قومون ۽ ملڪ ڪائنات جي ٻين سيارن ۾ زندگي جي ڳولا ڪري رهيا آهن ۽ اسان وٽ اڄ به ڪمزور طبقا پنهنجي جيئڻ جو جتن ڪري رهيا آهن،جڏهن معاشرن مان اخلاقيات ،انسانيت ۽ ماڻهپو موڪلائي وڃي جتي قانون جي حڪمراني بدران جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو قانون هلي اتي سڀ کان وڌيڪ ظلم جو نشانو اهي طبقا بڻبا آهن جيڪي ڪمزور هوندا آهن،عورتن کان وٺي معصوم ٻار انهي لاقانونيت جو شڪار ٿي رهيا آهن،جنسي بگهڙن جي اهڙي بک ڪيترن معصم ٻارن کي شڪار ڪري رهي آهي ۽ هر نئين ٿيندڙ واردات کانپوءِ حڪمران نوٽيس وٺندا آهن، سوشل ميڊيا تي تبرا ٿيندا آهن وري ايندڙ ڪنهن ٻئي واقعي تائين سماج هڪڙي ماٺ ۾ هليو ويندو آهي اهو معمول بڻجي ويو آهي يا اسان جي سماج پاڻ کي ان تي هيرائي ڇڏيو آهي. ڪٿي ڪير سماج ۾ وڌندڙ اهڙن روين تي سوچڻ لاءِ تيار ناهي ڪير ڏينهون ڏينهن ان وڌندڙ واقعن جي سببن تي ويچارڻ لاءِ تيار ناهي.قصور جي زينب کان وٺي ڪشمور ۾ ماءُ سميت بربريت جو شڪار ٿيل انهي معصوم ٻارڙي سميت ڪيتريون ئي زينبون ،عليشائون آهن جيڪي انهي سماج جي انهي گهاڻي ۾ پيڙجي رهيون آهن جيڪو چاڪي جي ڏاند وانگر ڦرندو ئي رهي ٿو پر پنهنجو قبلو درست ڪرڻ ته ڇا ويچارڻ لاءِ به تيار ناهي. هي ڪا جنسي محرومي جي واردات ناهي، هي ڪا ڪنهن اڌ مغزي جو ڪيل ڪم ناهي ،هي سماج جو اهو اولڙو اسان جي آڏو آيو آهي جنهن جا سالن کان بنياد رکيا ويا آهن جيڪو زهر سماج جي رڳن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي رڳو هڪڙي ڪموڊٽي سمجهڻ واري روش ذريعي لاٿو ويو آهي، عورتن ۽ ٻارڙن کي پنهنجي ملڪيت سمجهڻ واري سوچ جيڪا سماج جي ذهنن ۾ اوتي وئي آهي ته ڪيڏي مهل ۽ ڪير به چاهي ته پنهنجي مرضي سان ان کي استعمال ڪري سگهي، نه کيس ڳالهائڻ جو حق آهي نه ئي کيس ڪڇڻ جي اجازت،انهي سماج ۾ اسريل نسريل ماڻهو اهڙيون ئي وارداتون ڪري سگهن ٿا جيڪي عورت ۽ ٻارڙن کي انسان سمجهڻ کان ئي قاصر آهن يا انسان ئي نه ٿا سمجهن.
اسان سمجهون ٿا ته ڪشمور وارو سانحو رڳو حڪومتن ۽ انتظاميا لاءِ اکيون کولڻ جو معاملو ناهي،هن واردات ۽ سانحو سماج کي جنجهوڙڻ کان به اڳتي جو معاملو آهي،جوابدار ته گرفتار ٿي ويو پر رڳو هڪ جوابدار جي گرفتاري سان اهو مسئلو حل نه ٿيندو، نه ئي ان کي سزا ڏيڻ سان اهي واقعا ختم ٿيندا ،انهي جوابدار کي سخت کان سخت سزا هرحال ۾ ملڻ گهرجي،هن سانحي آڏو جوابدار جي گرفتاري ۽ سزا ڏيڻ معمولي مطالبو ٿو لڳي، اصل ڳالهه انهي نفسيات ۽ روين کي روڪڻ جي آهي جيڪي انساني بوتن ۾ هلندڙ بگهڙ پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا. اهو ڪم رڳو ڪا هڪ حڪومت يا انتظاميا نه ٿي ڪري سگهي،انهي لاءِ سماج کي ڇرڪ ڀري جاڳڻو پوندو، انهي لاءِ سڄي سماج جي معتبر،سلجهيل ،ساڃاهه وندن سميت سڀني پرتن کي پنهنجو پنهنجو ڪردار روايتي نه پر غير روايتي انداز ۾ ادا ڪرڻو پوندو، تڏهن وڃي اسان ڪمزور طبقن لاءِ جهنم بڻيل سماج ۾ ٻرندڙ باهه کي وسائي سگهنداسين ۽ عورتن ۽ ٻارڙن لاءِ روز نيون پيدا ٿيندڙ قيامتن کي روڪي سگهنداسين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *