تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

رڳو عمران خان نه سڀئي بند گهٽي ۾ ڦاٿل آهن!!

پاڪستان جي سياسي منظرنامي تي نگاھه وجهجي ته اندازو ٿئي ٿو ته رڳو عمران خان ئي نه پر مخالف ڌر جون سموريون سياسي پارٽيون به بند گهٽي ۾ ڦاٿل نظر اچن ٿيون، مخالف ڌر وٽ بيانن ۽ پريس ڪانفرنسن کان سواءِ ڪا ٽئين شيءَ ناهي، ساڳي صورتحال حڪومت سان به آهي. سچ ته اهو به آهي ته عمران خان جي مخالف ڌر ته سندس ئي حڪومت آهي، ڪابينا اندران جيڪي ڳالهيون سامهون اچن ٿيون، ان مان ئي اندازو ٿئي ٿو ته عمران خان وٽ هاڻي “ هينئر يا ڪڏهن به نه ” واري آپشن کانسواءِ ٻيو ڪوبه آپشن ناهي. پر هو اهو سڀ ڪجھه نٿو ڪري سگهي جيڪو چاهي ٿو.  پاڪستان ۾ مروج سرڪاري مشينري جو سسٽم عمران خان کي هضم ڪرڻ بدران اوڳاڇڻ چاهي ٿو. اهو سڀ ڪجھه ان ڪري ٿي رهيو آهي ته 22 سالن جي ڊگهي سياسي جدوجهد جي دعويدار هن اڳواڻ پاڪستان کي لڳل بيمارين جو ذڪر ته هر هنڌ ڪيو پر هن وٽ انهن بيمارين جو سياسي ترياق نه هو. ويڄ چورائڻ ۽ ٿيڻ ۾ گهڻو فرق آهي.   
 هن وقت اسلام آباد سميت ملڪ جي سمورن سياسي توڙي غير سياسي حلقن ۾  وزيراعظم عمران خان جي پنهنجي لاءِ  مائينس ون واري  ڪيل ڳالھه سنجيدگي سان بحث هيٺ آهي. مخالف ڌر ته اڳي ئي اها ڳالھه ڪري رهي هئي، هن  پاڻ ان ۾ رڳو اهو اضافو ڪيو ته جيڪڏهن هو نه به رهيو ته به مخالف ڌر جي بدعنوان اڳواڻن کي جيڪو به ايندو اهو نه ڇڏيندو. يعني هن کي اها پڪ آهي ته سندس ايجنڊا تي ڪم جاري رهندو.
 وفاقي بجيٽ پاس ٿيڻ کانپوءِ لڳي ٿو ته هو ان دٻاءُ مان  عارضي طور نڪري ويو آهي، جنهن ۾ هو بجيٽ کان اڳ ۾ ڦاٿل هو. گذريل سال هو ان قسم جي بليڪ ميلنگ جو شڪار نه ٿيو هو، جهڙي ريت هن سال ٿيو آهي. اهو سڀ ڪجھه ان ڪري به ٿيو ته هن  ڪچن ڪابينا جي گهيري سبب  انهن ميمبرن کي منهن ئي نه ڏنو ، جن جي ووٽن جي ڪري هو ملڪ جو وزيراعظم بڻيو آهي پر مخالف ڌر پاران تيز ٿيندڙ زباني سرگرمين سبب هڪ طرف اتحادين جي اهميت ۾ اضافو ٿيو ته ٻئي طرف حڪومتي پارٽي جي ميمبرن جي نخرن ان تاثر کي هٿي ڏني ته بجيٽ جي منظوري وقت حڪومت سان ڪو ڌڪ نه ٿي وڃي. گذريل هفتي جي آخر ۾ جڏهن پهريون ڀيرو وزيراعظم پنهنجي سرڪاري رهائش گاھه تي سمورن ميمبرن کي گهرائي راضي ڪيو ۽ سندن مطالبن کي پورو ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ته کيس اطمينان ٿي ويو ته هو بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو. ايئن ئي ٿيو، هن قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي غير موجودگي ۾ سڪون سان تقرير ڪري آخر ۾ پنهنجي مائنس ون ٿيڻ  واري ڳالھه ڪري اها به ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن هو نه رهيو ته به سندس جاءِ تي جيڪو  آيو اهو مخالف ڌر جي اڳواڻن کي نه ڇڏيندو. بجيٽ جي منظوري کانپوءِ وزيراعظم جي اعتماد ۾ اضافو ٿيڻ فطري هو. پر سچ اهو آهي ته اهو اعتماد عارضي آهي.
هن وقت مخالف ڌر پنهنجيون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن. جيئن حڪومت لاءِ وڌيڪ مسئلا ۽ پريشانيون پيدا ڪري سگهجن.  ڇاڪاڻ ته انتظامي مشينري عام ماڻهو کي رليف ڏيڻ ۾ ڏينهون ڏينهون ناڪام ٿيندي ٿي وڃي، ان جا ٻه سبب آهي، هڪ نااهلي ۽ ٻيو بيوروڪريسي ۽ حڪومت جي وچ ۾ اعتماد جي کوٽ آهي، بجيٽ ۾ حڪومت جن شين تان ٽيڪس ختم ڪيو يا گهٽايو آهي اهي شيون به مهانگيون ٿي رهيون آهن. پيٽروليم بحران بابت اڃان تائين رپورٽ سامهون نه اچي سگهي آهي. جڏهن ته کنڊ واري بحران جي ڏوهارين جو تعين ٿيڻ اڃان باقي آهي، اٽي جي اگھه ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، معاملا حڪومت جي هٿ مان نڪري رهيا آهن، جنهن ڪري عوام اندر بي يقيني ۽ بداعتمادي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، عوام جي ان بي يقيني کي مخالف ڌر ڪيش ڪرائڻ چاهي ٿي. پر عمل جي کوٽ سبب اهو ممڪن نظر نٿو اچي.  مخالف ڌر هن وقت کُلي کيڏڻ لاءِ به تيار ناهي، ان جا به ٻه سبب آهن، هڪ اهو آهي ته شديد گرمي ۽  ٻيو ڪورونا وائرس جي ڪري  حڪومت مخالف عوامي تحريڪ هلائڻ جي پوزيشن ۾ ناهي. جڏهن ته عوامي تحريڪ هلائڻ کان اڳ ۾ جن اهم نقطن تي اتفاق ٿيڻ گهرجي ان تي به مخالف ڌر جون جماعتون مشاورت نه ڪري سگهيون آهن. هن وقت  رڳو مسلم ليگ ن جا اهم اڳواڻ  نين عام  چونڊن جو مطالبو ته ضرور ڪن ٿا پر هو  پيپلزپارٽي جي  ان خيال سان به سمهت آهن ته عمران خان بدران تحريڪ انصاف منجهان ئي ڪو نئون قائد ايوان اچي. جڏهن ته مولانا فضل الرحمان عمران حڪومت جي خاتمي کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالھه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هڪ طاقتور مخالف ڌر هجڻ جي باوجود جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت پاران کيس هر دفعي ٽف ٽائيم ڏنو ويو آهي، گذريل هفتي بجيٽ اجلاس جي آخري ڏينهن وفاقي وزير علي زيدي مخالف ڌر کي ٽريپ ڪري ورتو هو، هن هٿ وٺي هڪ اهڙي جي آءِ ٽي جي رپورٽ جا اهم نقطا ايوان ۾ پيش ڪيا، جنهن جي باري ۾ اڃان تائين اها خبر نه هئي ته اها رپورٽ درست به آهي يا جعلي آهي، هن ان رپورٽ کي بنياد بڻائي پيپلزپارٽي جي قيادت مٿان سنگين الزام هنيا، جڏهن هن تقرير پوري ڪئي ۽ پيپلزپارٽي جي عبدالقادر پٽيل کي ان باري ۾ جواب ڏيڻ جو موقعو مليو ته پٽيل تقرير جي  شروعات ئي سيتا وائيٽ کان ڪئي ۽ اسپيڪر سيتا وائيٽ جو نالو ٻڌندي ئي ڪاوڙجي پيو ۽  قادر پٽيل جي مائيڪ بند ڪري ڇڏي جنهن تي مخالف ڌر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري نڪري وئي، حڪومت چاهيو ئي اهو ٿي، مخالف ڌر جي وڃڻ ساڻ وزيراعظم ايوان ۾ داخل ٿيو ۽ پوءِ ڊگهي تقرير ڪري پنهنجي مائنس ون هجڻ جو ذڪر ڪيو، هن لاءِ اها تقرير ان ڏينهن ان ڪري به ضروري بڻجي وئي  هئي ته هن ٻه ڏينهن اڳ ۾ سندس ئي رهائش گاھه جي وڏي پارڪ ۾  پارٽي جي پارليامينٽرينز ۽ اتحادين کي خطاب ڪندي واضح چيو هو ته “ هن کانسواءِ ٻي ڪابه چوائس ناهي”. هن اصل ۾ ان جملي جي وضاحت ڪري اسٽيبلشمينٽ جي ناگواري ختم ڪرڻ  ٿي چاهي ته ٻئي طرف مخالف ڌر کي پيغام به  ڏنو ته جيڪڏهن کيس هٽايو  ويو ته پاليسي اها ئي رهندي. وزير اعظم جي سڪون سان تقرير ان ڪري ئي ممڪن ٿي سگهي ته مخالف ڌر کي مڇرايو ويو ۽ هو ڪاوڙجي ايوان مان نڪري وئي.  
 وزيراعظم مخالف ڌر جي غير موجودگي ۾ ڪيل تقرير ۾ پنهنجي ان ئي موقف تي بيٺل هو جتي هو ٻه سال اڳ ۾ هو. هن اهو به واضح اعلان ڪيو ته وٽس ادارن اندر تبديلي کانسواءِ ٻيو ڪوبه گس ناهي، ملڪ اندر مافيائن جو ذڪر ته هن ڪيو، پر ٻه سال گذرڻ بعد هاڻي عام ماڻهو هن جي ڳالھه تي ڪيترو اعتبار ڪري، ڇاڪاڻ ته شگر مافيا جي هن ڳالھه ڪئي، پر ان مان 30 کان 40 سيڪڙو مافيا هن جي پارٽي سان  لاڳاپيل، يا اتحادي آهي. ادارن اندر تبديلي ڪيئن ممڪن آهي، جيستائين قانوني سڌارا نٿا اچن. هڪ ڪمزور حڪومت بيورو ڪريسي جي سامهون بيوس آهي، اها دعوا ڀل ڪيتري به وڏي ڪري، پر عملي طور  ممڪن نظر نٿو اچي.  اهو ئي سبب آهي ته ملڪ نه پيو هلي سگهي، پاڪستان ۾ نواز شريف پنهنجي پيدا ڪيل بيورو ڪريسي ذريعي نظام کي ڇيڙڻ کانسواءِ ڪاميابي سان هلايو هو، عمران خان چاهي ٿو ته نظام به تبديل ٿئي ۽ ڪاميابي سان هلي به سگهي، جيڪو ممڪن ناهي.
 گذريل ٻن سالن ۾ هن وقت حڪومت خلاف عوام اندر جيڪا بي چيني آهي ،مخالف ڌر ان کي ڪيش ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام آهي، ڇاڪاڻ ته مخالف ڌر به عوامي جدوجهد بدران اسٽيبلشمينٽ سان معاملا سڌي ڪرڻ جي چڪر ۾ آهي. جڏهن ته ٻئي طرف بيزاري جي احساس ۾ ورتل اسٽيبلشمنيٽ ان اميد ۾ آهي ته شايد صورتحال بهتر ٿي سگهي. پر صورتحال بهتر ٿيڻ جا امڪان نظر نٿا اچن، اڳ ۾ ته پنجاب اندر وڏي وزير عثمان بوزدار کي تبديل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري هيون ته معاملو هاڻي اچي عمران خان مٿان بيٺو آهي، مخالف ڌر کي اندازو آهي ته جيڪڏهن عمران خان کي ڪنهن به طريقي سان ( جيڪو ٿيندي نظر نٿو اچي) تبديل ڪيو ويو ته ان ڳالھه جي ڪهڙي ضمانت آهي ته کيس ڪو رليف ملندو.  وچ مدي واريون چونڊون پيپلزپارٽي کي وارو نٿيون کائن، ڇاڪاڻ پيپلزپارٽي  جوسڄو زور ڏکڻ پنجاب تي آهي جتان ئي هو ڪاميابي حاصل ڪري ته ان پوزيشن ۾ هوندي ته اتحادين سان گڏجي حڪومت جوڙي سگهندي، تحريڪ انصاف جي ڪوشش آهي ته پنجاب جي اسٽيبلشمينٽ کي راضي رکندي ڏکڻ پنجاب ۾ ڪو اهڙو سيٽ اپ جوڙي وجهي جنهن سان پورو نه ئي سهي اڌوگابرو سرائيڪين جو مطالبو پورو ٿي سگهي.
ن ليگ هن وقت به عام چونڊن لاءِ تيار آهي، پر سڀ کان وڏو چيئلينج ميان نواز شريف ۽ مريم نواز جي چونڊ مهم ۾  شامل ٿيڻ جو آهي، شهباز شريف ان پوزيشن ۾ ناهي جنهن جي ميدان ۾ لهڻ سان سڀ ڪجھه تبديل ٿي وڃي، جڏهن ته نواز شريف فلحال مڪمل خاموش آهي،  نواز شريف جي لاڳيتي خاموشي تحريڪ انصاف لاءِ فائديمند ثابت ٿي رهي آهي.  
ملڪ جي موجوده سياسي منظرنامي ۾ جيڪا ڳالھه واضح طور سامهون اچي ٿي اها هي آهي ته رڳو عمران خان نه پر ملڪ جون  سياسي ۽ غيرسياسي ڌريون به  بند گهٽي ۾ ڦاٿل آهن. حڪومت خلاف فيصلائتي تحريڪ جا فوري امڪان ناهن، ڪنهن به حڪومت مخالف تحريڪ کانسواءِ موجوده حڪومت ۽ ان جي غير سياسي حامين  کي حمايت تان دستبردار نٿو ڪرائي سگهجي.  

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *