Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_tl3r82tfi4fcgle2dvsoif90op, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
زراعت ماڪڙ جي ٻئي حملي جي سٽ سهي سگهندي ! ؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar زراعت ماڪڙ جي ٻئي حملي جي سٽ سهي سگهندي ! ؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

زراعت ماڪڙ جي ٻئي حملي جي سٽ سهي سگهندي ! ؟

سنڌ جي زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهو هڪ دفعو ٻيهر خطري هيٺ آهي،هڪڙي مصيبت مان جان ڇڏائي زراعت ،زميندار ، آبادگار ۽ هاري ساهه مس ٿا کڻن ته مٿن ٻي مصيبت ڪڙڪي ٿي پوي ۽ انهي مصيبت کي هو اڪيلي سر ئي ڀوڳين ٿا نه ڪٿان سندن واهر ٿئي ٿي نه ئي سرڪار انهي انداز ۾ انهن کي پهتل نقصان جو ازالو ڪري سگهي ٿي پوءِ فصل تي قرض لاهيندڙ آبادگار ۽ هاري قرضن مٿي قرض چڙهڻ سبب ڪنگال ٿي ٿا وڃن۽ سندن گذارو به مشڪل ٿي پوي ٿو.ماڪڙ کان ڪورونا۽ برسات ، ٻوڏ جو ستايل اهو زرعي شعبو ۽ زراعت هڪ دفعو ٻيهر ماڪڙ جي نشاني تي آهي جنهن جو چتاءُ زراعت واري وزير ڏئي ڇڏيو آهي.
زراعت جي صوبائي وزير جاري ڪيل الرٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي لاڙ واري پٽي ۽ بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۾ ماڪڙ جي ٻيهر حملي جو خطرو آهي چيو ويو آهي ته ماڪڙ راجستان ويل هئي جتي ٿڌ شروع ٿيندي ئي هو ايران وڃڻ شروع ٿيندي ۽ ايران پهچڻ کان اڳ ويندي ويندي سنڌ جي فصلن کي نقصان پهچائي سگهي ٿي، صوبائي وزير ٻڌايو ته زراعت کاتي جون ٽيمون ماڪڙ جي حملي کي منهن ڏيڻ لاءِ متحرڪ آهن پر وفاقي سرڪار کي گهرجي ته اها به ماڪڙ جي خاتمي لاءِ اڳواٽ قدم کڻي. هوڏانهن ايوان زراعت جي اڳواڻن چيو آهي ته اڳ ئي ماڪڙ ڪڻڪ ،سرنهن ۽ ڀاڄين جا فصل ناس ڪري ڇڏيا هيا جنهن سان آبادگارن کي ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو، هن چيو ته سنڌ حڪومت ماڪڙ جو خدشو ظاهر ڪرڻ کانپوءِ به وري مدد لاءِ وفاق ڏانهن واجهائي رهي آهي جيڪو آبادگارن کي چڙ ٿو ڏياري، ٻنهي حڪومتن کي هن اهم معاملي تي سياست نه چمڪائڻ گهرجي.جيڪڏهن صوبائي وزير طرفان جاري ڪيل الرٽ ۽ ايوان زراعت جي آبادگار جي ڳالهين کي ڏسجي ته ظاهر ٿيندو ته آبادگار ڪهڙي ڏکئي وقت مان گذريا آهن ۽ مٿن اڃان ڏکيو وقت اچڻ وارو آهي پر ان کان به وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ عمل ٻنهي حڪومتن جو رويو آهي جيڪو زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن لاءِ اختيار ڪيو ويو آهي، اڳ ۾ به جڏهن ماڪڙ حملو ڪيو ته ٻئي حڪومتون هڪٻئي تي الزام هڻنديون رهيون ۽ مسئلي طرف ڌيان نه ڏنو ويو تيستائين ماڪڙ فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيا، هاڻي به نظر ايئن اچي رهيو آهي ته عملي طور ماڪڙ خلاف قدم کڻڻ بدران حڪومتون هڪٻئي تي الزام هڻي رهيون آهن، جڏهن سنڌ حڪومت کي وفاقي حڪومت جي رويئي جو اندازو آهي ته گذريل ڀيري هنن ڪهڙي انداز ۾ ماڪڙ دوران سنڌ حڪومت سان سهڪار ڪيو ته پوءِ هاڻي به اڃان انهي حڪومت ڏانهن واجهائڻ جو ٻيو مطلب اهو ئي ٿئي ٿو ته سنڌ حڪومت به آبادگارن ۽ زراعت کي لاچار ۽ بيوس ڇڏي ماڪڙ خلاف ڪا اثرائتي حڪمت عملي ٺاهڻ طرف ڌيان نه پئي ڏئي، جڏهن صوبائي وزير پاڻ انهي الرٽ جاري ڪرڻ دوران انگ اکر ڏئي چڪو آهي ته وفاقي حڪومت گذريل ڀيري رڳو 2 هزار ايڪڙن تي اسپري ڪرايو جڏهن ته زراعت کاتي سنڌ 3 لک ايڪڙن تي ڦوهارو ڪرايو هو ته پوءِ وفاقي حڪومت ڏانهن واجهائڻ بدران سنڌ حڪومت پاڻ ڇو وقت سر قدم نه کڻي رهي آهي .
اسان سمجهون ٿا هي ئي وقت آهي جڏهن حڪومت کي اڳواٽ خدشو آهي ته ماڪڙ حملو ڪري سگهي ٿي ته انهي جي خاتمي لاءِ هاڻي کان ئي ڪوششون شروع ڪرڻ گهرجن ڇو ته ماڪڙ جي ٿيل اڳ حملي ،ڪورونا ۾ فصلن جي مارڪيت تائين نه پهچڻ سبب ٿيل نقصان ۽ برساتن ۽ ٻوڏ ۾ تباهه ٿيل زراعت ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ اهو ست ئي نه رهيو آهي جو اهاٻي ڪا سٽ سهي سگهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *