تازا ترين
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

زرداري شهباز ملاقات، اصل ڌڻين لاءِ نياپو

بلاول هائوس ڪراچي ۾ اڱاري ڏينهن ٿيل وڏي سياسي ملاقات ۽ رابطن جون خبرون ٽي ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به بحث هيٺ آهن. شهباز شريف اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ملاقات لاءِ لاهور کان ڪراچي ويو جتي ميڊيا جي اسڪرين ذريعي سڄي دنيا ڏٺو پر اصل رابطو اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ آصف زرداري وچ ۾ ٿيل ٽيلي فونڪ ڳالهه ٻولهه آهي ۽ اندازو اهو آهي ته شهباز شريف به وڏي ڀاءُ جي حڪم تي ئي بلاول هائوس ويو ۽ ان سان اهم ڌرين کي پيغام ڏنو ويو ته اسان هڪ ڀيرو ٻيهر اختلافن کي وقتي طور تي وساري متحده سياسي جدوجهد ڪري سگهون ٿا ڇو ته شهباز شريف جي ڪراچي وڃڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ئي اڳوڻو صدر آصف زرداري ۽ سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري به اسلام آباد کان ڪراچي پهتو هو.
هي ملاقات اسلام آباد ۾ به ٿي پئي سگهي ۽ ان کان اڳ ٻئي اڳواڻ پارليامينٽ هائوس جي رستن ۾ به ملندا رهيا آهن. شهباز جو بلاول هائوس ڪراچي وڃڻ ۽ نواز شريف جو ٽيلي فون ايندڙ ڏينهن ۾ ٿيندڙ سياسي هلچل جو پيغام آهي ۽ ان سان گڏ ٻنهي وڏين سياسي قوتن هڪ ٻئي سان ايڪي جو اظهار به ڪيو آهي. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري لاهور ۾ شهباز شريف سان ملڻ سندس گهر ويو ۽ هاڻي شهباز شريف اهڙي وقت ۾ بلاول هائوس ياترا تي ويو آهي جڏهن وفاق سنڌ حڪومت تي ناقص ڪارڪردگي کي بنياد بنائي حملاآور ٿيل آهي. ڪڏهن ڪراچي کي ڌار صوبو ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ته ڪڏهن سنڌ ۾ گورنر راڄ لڳائي اقتدار تي قابض ٿيڻ جا بهانا ڳوليا پيا وڃن. شهباز شيف جي بلاول هائوس وڃڻ سان نيازي حڪومت ۽ اهم قوتن کي اهو پيغام ته واضح لفظن ۾ ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ڪو غير جمهوري قدم کنيو ويو ته اسان گڏ آهيون ۽ ان جو سموري ملڪ ۾ جواب ڏنو ويندو.
هن اهم ترين سياسي رابطي ۽ ملاقات جي حوالي سان جيڪا گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي هئي ان ۾ چيو ويو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان محمد نواز شريف وچ ۾ 14 سال اڳ ٿيل ميثاق جمهوريت ۽ ان جي روشني ۾ جمهوري اصولن جي پيروي جو وچن ورجائيندي زور ڏنو آهي ته 1973ع جي آئين تي ان جي روح موجب عمل ڪيو وڃي ڇو ته اهو ئي واحد رستو آهي جيڪو پاڪستان جي روشن مستقبل ڏانهن وڃي ٿو. ٻنهي پارٽين جي قيادت اتفاق ڪيو ته ملڪ ۾ آئين ۽پارليامينٽ جي بالادستي، عدليه ۽ ميڊيا جي آزادي، جمهوري عمل جي حفاظت ۽ عوام جي آئيني ۽ جمهوري حقن کي بچائڻ لاءِ گڏجي جدوجهد ڪئي ويندي. اپوزيشن اڳواڻن ان تي به اتفاق جو اظهار ڪيو ته موجوده حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ سمورا آئيني آپشنز استعمال ڪيا ويندا ڇو ته هن حڪومت جون ناڪاميون ۽ نااهليون ملڪ ۽ عوام لاءِ عذاب بڻجي ويون آهن. ٻنهي پارٽين موجوده حڪومت طرفان احتساب جي اوٽ ۾ جاري ڪاررواين کي سياسي انتقام قرار ڏيندي ان جي مذمت به ڪئي. خبرن موجب ٻنهي پارٽين نيب جي انتقامي ڪاررواين خلاف گڏجي مزاحمت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نواز شريف وچ ۾ ٿيل ٽيلي فونڪ رابطي ۾ ٻنهي اڳواڻن ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ٿيو ته اڪيلي سياسي اڏام ممڪن ناهي گڏجي وفاقي حڪومت جي خاتمي جي تحريڪ هلائي وڃي. اپوزيشن پارٽين جي اي پي سي جي رهبر ڪاميٽي جي گڏجاڻي ۾ به ڪجهه معاملا طئي ٿي چڪا آهن، اي پي سي 20 سيپٽمبر تي زرداري هائوس اسلام آباد ۾ گهرائي وئي آهي. اپوزيشن پارٽين، خاص طور تي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ سرگرم ٿيندي نظر اچي رهي آهي پر اڃان به هي ٻئي پارٽيون نيازي حڪومت کي گهر موڪلڻ لاءِ سنجيده ناهن.
ملڪ ۾ گذريل ٽن ڏهاڪن کان جاري اقتدار جي ميوزيڪل ڪرسي تي اهي ئي ٻه پارٽيون ( پ پ ۽ ن ليگ) واري واري سان ويهنديون رهيون آهن، تحريڪ انصاف ٽئين آپشن جي طور تي آئي يا آندي وئي. نيازي حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ايتري خراب رهي آهي جو عمران حڪومت هن وقت عوامي سطح تي پنهنجي مقبوليت وڃائي چڪي آهي، عوام مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت سبب ايترو پريشان آهي جو هو پاڻ حڪومت کان آزادي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اڳوڻين حڪمران پارٽين ڏانهن واجهائي رهيو آهي جڏهن ته ٻئي وڏيون سياسي پارٽيون حڪومت کي ڪيرائڻ لاءِ فوري طور تي ڪا به تحريڪ هلائڻ جي موڊ ۾ نه آهن. جنهن جو سبب ملڪ جي موجوده بدترين معاشي صورتحال، پرڏيهي سيڙپڪارن جي عدم دلچسپي، دوست ملڪن جي ناراضگي ۽ ٻيا عمل شامل آهن. نيازي حڪومت مان عوام تنگ ٿي چڪو آهي ۽ جيتريون به تازيون عوامي سروي ٿيون آهن انهن ۾ عوام موجوده حڪومت کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جي خواهش ئي ظاهر ڪئي آهي. هن وقت پي ٽي آءِ پنهنجي عوامي مقبوليت جي بدترين دور مان گذري رهي آهي. جيڪڏهن اپوزيشن پارٽيون حڪومت کي ڪيرائڻ چاهين ته اهو ڪو ڏکيو ڪم نه هوندو ڇو ته عوام ته اڳ ئي حڪومت خلاف ڪاوڙيو پيو آهي کين رڳو روڊن تي آڻڻو آهي ۽ بقول باباءِ جمهوريت نوابزاده نصر الله خان (مرحوم) عوام کي روڊن تي آڻڻ سياستدان جي کاٻي هٿ جو ڪم آهي پر اصل مسئلو آهي انهي هجوم کي ڪنٽرول ڪرڻ جو، ڇو ته جيڪڏهن هي عوام روڊن تي نڪري آيو ۽ هنن پنهنجي مطالبن مثال طور مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري خلاف احتجاج شروع ڪيو ۽ سياسي اڳواڻن جي سڏ کي اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو ته پوءِ هي عوامي جن بوتل ۾ بند ڪرڻ ڪنهن جي وس ۾ نه هوندو ڇو ته سياسي پارٽيون پنهنجي ڪارڪنن ۽ عوام کي مخصوص مقصدن ۽ وقتن لاءِ ئي روڊن تي آڻين ٿيون ۽ پوءِ ڪوشش ڪن ٿيون ته هي ماڻهو جڏهن هو چاهين پرامن طور تي واپس به هليا وڃن. هاڻي جيڪي حالتون آهن، عوام مهانگائي سبب دانهون ڪري رهيو آهي. سوشل ميڊيا ذريعي عوام جي ڪاوڙ هر روز ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي جيڪڏهن وڏين سياسي پارٽين عوامي تحريڪ هلائي ته هن ۾ تشدد جو عنصر پکڙجڻ جا امڪان وڌيڪ آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪا وڏي تبديلي جيڪا غير سياسي، غير جمهوري ۽ آئين کان مٿانهين هجي ان جي ٿيڻ جا به امڪان آهن. ٻئي پارٽيون اهو نه چاهينديون ته ڪنهن به تحريڪ جي نتيجي ۾ انڌي منڊي جمهوريت جي به تڏا ويڙهه ٿي وڃي.
قومي ميڊيا ذريعي اهي خبرون به سامهون آيون آهن ته ان هائوس تبديلي لاءِ پيپلزپارٽي مسلم ليگ ن کي ليڊ ڪرڻ جي صلاح ڏئي رهي آهي. ان کان اڳ پنجاب ۾ به پيپلزپارٽي مسلم ليگ ن کي قدم وڌائڻ جي صلاح ڏئي چڪي آهي جنهن تي هيل تائين ليگي قيادت ڪو جواب ناهي ڏنو. حالانڪه پنجاب ۾ بوزدار حڪومت هڪ ڪمزور حڪومت سمجهي وڃي ٿي ٻن سالن کانپوءِ به عثمان بوزدار جي انتظامي معاملن ۾ گرفت نه هجڻ جي برابر آهي. وزيراعظم هر هفتي لاهور جو دورو ڪري سياسي حڪومتي ۽ انتظامي معاملن تي بريفنگ وٺي ٿو ۽ حڪم جاري ڪري ٿو هر ٽن مهينن کانپوءِ وزيراعظم بيوروڪريسي ۾ تبديليون ڪري ٿو ۽ وزيراعليٰ سميت سمورا وزير هڪ ٻئي جو منهن ڏسندا رهن ٿا. وزيراعظم طرفان پنجاب جي انتظامي معاملن ۾ بي حد مداخلت تي هاڻي ته پي ٽي آءِ جي وزيرن به اجلاس ۾ احتجاج سان گڏ پنهنجي خدشن جو اظهار ڪرڻ شروع ڪيو آهي. هر ٽن چئن مهينن کانپوءِ مقررين ۽ بدلين سان ڪيترين ئي وزارتن جا معاملا مفلوج ٿي ويا آهن ۽ وزيرن جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. حڪومتي ڪارڪردگي تي عوام ايترو ڪاوڙيل آهي جو حڪومتي اسيمبلي ميمبر پنهنجي تڪن ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ٿا جڏهن ته اپوزيشن پارٽين جا ڪجهه اسيمبلي ميمبر جن تازو پنهنجي پارٽي پاليسي خلاف وڃي وزيراعليٰ سان ملاقات ڪئي کيس خاص طور تي ترقياتي فنڊز ڏنا ويا آهن ان تي به حڪومتي ميمبر ناراض آهن. حڪومتي اتحادي ق ليگ جا چوڌري صاحبان پنجاب ۾ سياسي فائدا کڻڻ ۾ لڳل آهن. سياسي رابطا تيزي سان جاري آهن، مختلف سڌارن ۾ سياسي ڌڙن، برادرين ۽ گروپن سان رابطا ڪيا پيا وڃن، کين پارٽي ۾ شامل ڪيو پيو وڃي. وزيراعليٰ کان ترقياتي فنڊز وٺڻ ۾ به ق ليگ پهرين نمبر تي آهي جڏهن ته مسلم ليگ سان به رابطا جاري آهن.
پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي ڪمزور بوزدار حڪومت کي به ڪيرائڻ ۾ مسلم ليگ ن سنجيده ناهي پر ان جي خواهش آهي ته ان هائوس تبديلي بدران ملڪ ۾ نيون چونڊيون ڪرايون وڃن. عوام نئون مينڊيٽ ڏئي ۽ موجوده حالتن ۾ مسلم ليگ ن پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون حاصل ڪري سگهي ٿي. سياسي مبصرن موجب ٻئي وڏيون پارٽيون اپوزيشن جي ٻين ننڍين پارٽين کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ سان گڏائي حڪومت خلاف وڏو قدم کڻڻ بدران هلڪي ڦلڪي موسيقي تي ئي ڌيان ڏينديون ته جيئن حڪومت تي دٻاءُ برقرار هجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *