تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

زرعي ملڪ ۾ زرعي شين جو بحران

ڪنهن زرعي ملڪ ۾ زرعي شين جو بحران ناممڪن نه ته به حيرت ۾ وجهندڙ ضرور آهي،بحران به اهڙو جو اگهه وڃن ٿا ڏينهون ڏينهن وڌندا،ڪڻڪ روس مان گهرائڻ جو اعلان ٿيو آهي ته ٽماٽا ايران مان گهرائي بحران کي منهن ڏيڻ ۽ ڪنهن قدر قيمتن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.نالي ۾ اسان جو ملڪ زرعي سڏجي ٿو پر جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ڪڏهن به انهي زراعت کي پنهنجي پاليسين ۾ اهم حصو يا اها جاءِ نه ملي آهي جنهن جو ئي سبب آهي جو اسان جي ڪيش ڪراپ سڏجندڙ ڦٽي به ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي ته صنعتي شعبن وانگر زراعت کي ڪو صنعت سمجهي ان جي واڌ ويجهه يا جديد بنيادن تي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ ڪي حڪومتي پاليسيون يا گائيڊ لائين نه جوڙيون ويون آهن جنهن جو اڄ نتيجو اهو نڪتو آهي ته ڪڻڪ وافر مقدار ۾ پيدا ٿيڻ باوجود اڄ ٻاهران گهرائڻ تي مجبور آهيون.
اسان جا حڪمران هر شيءَ کي ڪورونا ۽ برساتن جي بهاني لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اها ڳالهه يا ذميواري تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن ته انهن کان انتظامي غلطيون ٿيون جنهن جي ڪري ملڪ هن وقت ڪڻڪ جي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ عوام کي کائڻ لاءِ اٽو ملي ئي نه ٿو ۽ جيڪڏهن ملي ٿو ته اهو 70 کان 75 رپيا في ڪلو تائين وڃي پهتو آهي. اڃان اڳتي انهي جي قيمت ڪيتري وڌندي انهي جي ڪا خبر ناهي.جڏهن به ڪنهن فصل جي مند يا سيزن ايندي آهي ته انهي جو آبادگار کي اهو اگهه ئي نه ملندو آهي جيڪو سرڪار مقرر ڪندي آهي يا وري امدادي اگهه ئي ايترو مقرر ڪيو ويندو آهي جو آبادگارن جو خرچ ئي نه نڪري سگهندو آهي ۽ پوءِ اهي جنسون يا فصل اوپن مارڪيٽ ۾ ٻيڻ جي اگهه تي وڪامندا رهندا آهن جنهن جا ٻه نقصان ٿيندا آهن هڪ ته آبادگارن کي پنهنجو صحيح اجورو نه ملي سگهندو آهي ٻيو عام عوام کي به پنهنجي کاڌي پيتي جي شين جو بندوبست مهانگي اگهه تي ڪرڻو پوندو آهي.هاڻي به جڏهن ملڪ ۽ خاص ڪري صوبي ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جون قيمتون وڌي ويون آهن ته سنڌ سرڪار فلور ملن کي ڪڻڪ رليز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪا پهرين آڪٽوبر کان ڪرڻ رليز ڪرڻ گهرجي ها،سنڌ سرڪار 3687.5 رپيا جي اگهه سان في ٻوري مطلب 100 ڪلو گرام فلور ملن کي مهياڪرڻ جي اجازت ڏني آهي جنهن ۾ بارداني جا 150 رپيا به شامل هوندا جنهن ڪري ڪڻڪ جو اگهه 1475 رپيا ٿيندو ،هن وقت سرڪار موجب مارڪيٽ ۾ فلور ملز جي اٽي جو اگهه 57 رپيا آهي ،سرڪار جي تازو مقرر ڪيل اگهه سان فلور ملز تي اٽي جو اگهه 47.48 رپيا ٿيندو جنهن سان امڪان آهي ته اٽي جي اوپن مارڪيٽ ۾ اگهه تقريبن 10 رپيا گهٽجي ويندو جيڪو عوام لاءِ هڪ عارضي رليف ثابت ٿي سگهي ٿو جڏهن ته اهو اٽو اگهه وڌڻ کان اڳ عوام کي 50 رپيا ڪلو تائين ملي رهيو هو جيڪو وڌي وڃي 70 رپين تائين پهتو هو سرڪار جي انهي فيصلي سان هاڻي 55 کان 60 رپين تائين ملي سگهندو اصل مسئلو اهو آهي ته سرڪار فلور ملن سان گڏ اٽي چڪين لاءِ به اٽي جو اگهه مقرر ڪري ۽ ان تي عمل کي يقيني بڻائي.
اسان سمجهون ٿا ته اهو عارضي حل آهي، جڏهن سرڪار آڏو ڪڻڪ لهڻ کان وٺي ان جي مارڪيٽ ۾ موجودگي تائين سڀ انگ اکر مهيا هوندا آهن ته پوءِ اهڙي صورتحال ئي ڇو پيدا ڪرڻ ڏني ويندي آهي جنهن سان عوام کي ماني لاءِ به اضافي پئسا خرچ ڪرڻا پوندا آهن ،تنهن ڪري سنڌ سرڪار يا وفاقي سرڪار کي ڪي مستقل پاليسيون ٺاهڻ گهرجن جنهن سان کائڻ پيئڻ جي شين ۾ ٿيندڙ بحران کي منهن ڏيئي سگهجي ،جڏهن ڪڻڪ ملڪ ۾ وافر مقدار ۾ موجود هئي ته وفاقي سرڪار کي اهي اندازو نه هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان جي کوٽ ٿي سگهي ٿي جو اها ڪڻڪ ٻاهر موڪلڻ جي اجازت ڏني وئي يا غير قانوني طور سمگل ٿيندڙ ڪڻڪ کي روڪڻ جون ڪوششون نه ڪيون ويون اها ته انتظامي ناڪامي هئي جنهن جي سزا اڄ عوام مهانگو اٽو خريد ڪري ڀوڳي رهيو آهي. اهڙي طرح جڏهن بصر ٽماٽي جي سيزن اچي ٿي ته ملڪ ۾ انهن جو اگهه ٽڪي ڌڙي به نه ٿو ملي پوءِ آف سيزن ۾ ماڻهن کي کائڻ لاءِ اهو ٽماٽو بصر نه ٿو ملي ڇا ملڪي سطح تي اهي شيون ان وقت خريد ڪري ڪولڊ اسٽوريج ۾ رکڻ جو وڏي پئماني تي بندوبست نه ٿو ڪري سگهجي جنهن سان آبادگارن کي به مناسب اگهه ملي ۽ بعد ۾ عوام جي کيسي تي به اضافي بار نه پئجي سگهي.تنهن ڪري زرعي حوالي سان حڪومتن کي ڪي مستقل پاليسيون جوڙڻ گهرجن جنهن سان اهڙي قسم جا بحران پيدا ٿيڻ ئي نه ڏجن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *