تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

زميندار جي وزارتي دور ۾ زرعي اداري سان ويڌن!!

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جنهن جي خوشحالي ۽ سڌاري جو دارومدار زراعت تي آهي ۽ قومي آمدني جو 60 سيڪڙو زراعت مان حاصل ٿئي ٿو جڏهن ته ملڪ جا 80 سيڪڙو ماڻهو سڌي يا اڻ سڌي ريت زراعت جي ڌنڌي سان سلهاڙيل آهن پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته انهي زرعي ملڪ ۾ هر ايندڙ حڪومت زراعت سان پنهنجي وس آهر حشر نشر ڪيو آهي، ڄڻ سندن هارين ۽ آبادگارن سان ڪو پراڻو پلاند رهيل هجي. زرعي کاتو اڳ به صوبائي حڪومتن وٽ رهيو پر 18هين ترميم کانپوءِ گھڻي حد تائين اختيار صوبن کي منتقل ٿيا پر اهي اختيار ملڻ باوجود سنڌ جي صوبائي حڪومت زراعت سان ساڳي روش برقرار رکي. صوبائي حڪومت زرعي سڌارا ته نه آڻي سگھي پر نقلي دوائن ۽ غيرمعياري ٻج جو ڪاروبار به نه روڪرائي سگھي،
جنهن سبب آبادگار پريشان آهن. صوبي ۾ نج ٻج تي تحقيق لاءِ صرف هڪڙو ئي ادارو آهي، ان اداري (سنڌ سيڊ ڪارپوريشن) جو به ڏيوالو نڪري چڪو، هن وقت زرعي کاتي جو صوبائي وزير اسماعيل راهو آهي، جيڪو پاڻ هڪ زميندار آهي، سندس ۽ سندس خاندان جي آمدني جو وڏو ذريعو زراعت مان حاصل ٿئي ٿو، سندس والد صاحب شهيد فاضل راهو جو هاري تحريڪ ۾ به وڏو ڪنٽريبيوشن رهيو، افسوس اهو آهي ته انهي زميندار جي وزارتي دور ۾هڪ تحقيقاتي اداري جو ڏيوالو نڪتو ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر کاتي جي سيڪريٽري کي باقائده هڪ خط لکي ادارو بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي. آئون هتي پڙهندڙن کي اهو ٻڌائيندو هلان ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن پروجيڪٽ 1976ع ۾شروع ڪيو ويو هو، هي پروجيڪٽ 1980-81ع تائين لاءِ هو،
1983-84ع ۾ اداري کي نان ڊولپمينٽ سيڪٽر ۾ تبديل ڪيو ويو. 2000ع ۾ خراب ڪارڪردگي تي ايشين ڊولپمينٽ بينڪ اداري کي بند ڪرڻ جي سفارش ڪئي، جنهن بعد 2001ع ۾ سنڌ ڪابينا اداري کي بند ڪري ڇڏيو. 2004ع ۾ آبادگارن جي مطالبي تي سنڌ ڪابينا هڪ وزارتي ڪاميٽي جوڙي، ان ڪاميٽي جي سفارش تي 189 ملازمن مان 100 ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ ڏئي رٽائرڊ ڪري اداري کي بحال ڪيو ويو هو. بحالي بعد اداري نج ٻج تي تحقيق جو ڪم شروع ڪيو، پڙهندڙن کي اها به ڄاڻ هجڻ گھرجي ته سنڌ ۾ 27 کان 28 لک ايڪڙ زمين تي ڪڻڪ پوکي وڃي ٿي،
جنهن لاءِ 38 کان 40 لک مڻ ٻج جي ضرورت هوندي آهي، سارين، وونئڻن، ، ڀاڄين ۽ ميون جي پوکائي لاءِ ٻج جي گھرج پوري ڪرڻ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جو ڪم آهي، سيڊ ڪارپوريشن وٽ 6 هزار 3 سو ايڪڙ زرعي زمين به آهي، بند ٿيڻ کانپوءِ وري بحال ڪيل هي ادارو سال 2007-08ع ۾ 76825 مڻ ڪڻڪ، 2475 مڻ ڪپهه جو ٻج ( ڪڪڙا) ۽ 14350 مڻ چانورن جو ٻج ( ساريون ) ڏيندو رهيو، جنهن سان آباگارن کي وڏو فائدو ٿي رهيو هو پر 12 سالن جي عرصي بعد حالت ان نقطي تي وڃي پهتي آهي جو هاڻي اهو ادارو پنهنجي زرعي فارمن لاءِ به هائبرڊ ٻج مارڪيٽ مان خريد ڪرڻ لڳوآهي . اداري جو عالمي معيار جو سيڊ پروسيسنگ پلانٽ سڪرنڊ ڀرسان قومي شاهراهه تي لڳل آهي.
هن پلانٽ ۾ اڍائي لک مڻ ڪڻڪ، 60 هزار مڻ ڪڪڙا ۽ 40 هزار مڻ سارين جو ٻج پروسيس ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، گذريل 5 سالن کان بجلي نه هجڻ سبب اهو پلانٽ بند پيل آهي، جنهن سبب تحقيق ۽ پروسيسنگ جو ڪم ٺپ ٿي ويو آهي، سنڌ حڪومت به خصوصي گرانٽ بند ڪري ڇڏي. اهڙي ريت سنڌ جا آباگار نج ٻج بدران نجي ڪمپنين جي هٿان پيڙهجڻ لڳا، هائبرڊ ٻج جي ڪمپنين سنڌ سيڊڪارپوريشن جي ڏيوالي ٿيڻ بعد وڏو فائدو ماڻيو، نقصان ٿيو ته صرف آبادگارن جو ٿيو، سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي موجوده صورتحال اها آهي جو هن وقت اداري ۾ 98 ملازمن مان صرف 33 ملازم وڃي بچيا آهن، جڏهن ته سنڌ حڪومت اسپيشل گرانٽ بند هجڻ ڪري ملازمن کي پگھارون پڻ نه پيون ملن. اداري جي تباهي جا هونئن ته گھڻائي ڪارڻ آهن پر پنهنجا نوازي ۽ مبينا ڪرپشن اهي وڏا ڪارڻ آهن، جن جي ڪري ادارو تباهه ٿيو، انتظامي پوسٽن تي من پسند آفيسر ويهاريا ويا،
جن کي مراعتن سان نوازيو ويو، جن پيداوار گھٽ ڏيکاري وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي، اداري جي فارمن تان ڦٽين ۽ سارين سميت ٻين جنسن جي چوري پڻ ٿيندي رهي، جيڪا اڃان به جاري آهي. آبادگارن جو خيال آهي ته سيڊ ڪارپوريشن تي پراڻن بيوروڪريٽن جو قبضو رهيو،
جيڪي پيداوار گھٽ ڏيکاري رقم ڦٻائيندا رهيا، حڪومت ڪا به توجهه نه پئي ڏئي، آبادگارن جو خيال آهي ته سيڊ ڪارپوريشن جي بدحالي جو سبب نجي ٻج ڪمپنيون به آهن، جن ڪارپوريشن جي آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري اداري کي تباهه ڪرايو آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي موجودگي ۾ انهن ڪمپنين کي ڪو گھڻو فائدو نه پيو ٿئي، ان ڪري انهن ڪمپنين جو پهريون ٽارگيٽ سنڌ سيڊ ڪارپوريشن کي تباهي جي ڏاڪي تي پهچائڻ هو. هن وقت سنڌ سيڊ ڪارپوريشن کي بند ڪرڻ لاءِ سمري وزيراعليٰ هائوس ۾ ٽيبل تي پيل آهي، جنهن تي صرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي هڪ دستخط جي ضرورت آهي. آبادگار اڄ صوبائي وزير اسماعيل راهو ڏانهن ڏسي رهيا آهن ته هو هن اداري کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ڪهڙا قدم ٿو کڻي؟ آبادگارن جو خيال آهي ته ڪارپوريشن جي پوري باڊي کي تبديل ڪري هڪ ايڊوائزري ڪاميٽي جوڙي وڃي،
جنهن ۾ ننڍن آبادگارن کي به شامل ڪيو وڃي، جنهن سان ادارو هڪ ڀيرو ٻيهر تحقيق جو ڪم شروع ڪري سگھندو ۽ آبادگار اداري جي فائدن مان مستفيد ٿي سگھن ٿا. يقينن جڏهن به ڪنهن کاتي جو قلمدان ان ئي پيشي سان لاڳاپيل ڪنهن سياستدان کي ملي ٿو ته پوءِ بهتري جي اميد پيدا ٿيندي آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سياستدان پنهنجي پيشي جي مسئلن کان باخبر هوندو آهي ۽ کيس انهن مسئلن جي حل لاءِ به وٽس آئيڊياز هوندا آهن، اهڙي ئي اميد سنڌ جي آبادگارن کي به ان وقت ٿي جڏهن اسماعيل راهو صاحب زراعت واري وزارت جو قلمدان سنڀاليو هو، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته آبادگارن جي اها اميد ساڀيان جو روپ ماڻي سگھي ٿي يا نه..!!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *