Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_b974uc7oi5bmio8qlqaa9mp3oa, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
زميني حقيقتن کان انڪاري وزيراعظم - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar زميني حقيقتن کان انڪاري وزيراعظم - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

زميني حقيقتن کان انڪاري وزيراعظم

اسلام آباد جي مسلم ليگ ن واري آفيس ۾ جڏهن پي ڊي ايم جي سربراهي ڪنهن کي ڏجي واري ايجنڊا تي مخالف ڌر جون پارٽيون گڏ ٿيون هيون تڏهن مولانا فضل الرحمان کي پي ڊي ايم جي سربراهه مقرر ڪرڻ کانپوءِ واري پريس ڪانفرنس ۾ اسان بار بار اهو سوال پئي ڪيو ته مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو مستقل اڳواڻ هوندو يا ٽن مهينن کانپوءِ سربراهي ڪنهن ٻئي پارٽي ڏانهن ويندي؟ اهڙي پريس ڪانفرنس جي پڄاڻي تي هڪ سينيئر سياستدان واپس وڃڻ کان اڳ واري مختصر ڪچهري ۾ چيو ته توهان کي لڳي ٿو ته ٽن مهينن کانپوءِ به تحريڪ جي اڳواڻي جي تبديلي جو سوال هوندو. هن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته هي قصو ئي ٽن مهينن جو آهي جيڪڏهن ٽن مهينن ۾ نتيجا سامهون نه آيا ته پوءِ وري ڪهڙا نتيجا ايندا. ان ئي ڪچهري دوران هڪ ٻئي سياستدان چيو پئي ته شهباز شريف جي گرفتاري تي واويلا نه ڪنداسين، گرفتارين کي اشو نه بڻائبو. مون جڏهن انهن سياستدانن کان پڇيو ته جيڪڏهن سموري قيادت جيلن اندر هلي وڃي ته پوءِ ؟جنهن تي مختصر ڪچهري ڪندڙ انهن مخالف ڌر وارن سياستدانن وراڻيو ته مسئلو ئي سڄو ٽن مهينن جو آهي. پنهنجي گاڏي ۾ ويهڻ وقت هن پنهنجي جواب کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ اهو شعر به پڙهيو ته
آهه ڪو چاهئي اڪ عمر اثر هوني تڪ
ڪون جيتا هي تيري زلف ڪي سر هوني تڪ
مولانا فضل الرحمان جي سربراهي ۽ ڪوئيٽا واري جلسي تي پي پي سميت ڪجهه پارٽين کي اعتراض هئا، اهي اعتراض ساڳيا هئا جيڪي مولانا صاحب جي پهرين اي پي سي ۾ سامهون آيا هئا. گذريل رات جڏهن مولانا فضل الرحمان لاهور ۾ جاتي امرا پهتو تڏهن به مريم نواز ساڻس گڏ پريس ڪانفرنس دوران به چيو ته جڏهن وڻي ٿو غداري جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي ٿو، جڏهن وڻي ٿو مذهبي ڪارڊ استعمال ڪيو وڃي ٿو، هاڻي ايئن نه هلندو. هڪڙو اهو سوال مونجهاري جو سبب هيو ته جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان پي ڊي ايم جو سربراهه آهي ته پوءِ هر پارٽي جي پنهنجي نظرياتي بيهڪ جو ڇا ٿيندو؟ ان ڪري بلاول ڀٽو پي ڊي ايم جي سربراهي اي اين پي جي امير حيدر هوتي حوالي ڪرڻ جو موقف اختيار ڪيو هو پر مخالف ڌر اندر هينئر مولانا فضل الرحمان ۽ نواز شريف ساڳئي پيج تي آهن. اهڙي ئي نتيجي ۾ جڏهن پي ڊي ايم جو جنرل سيڪريٽري شاهد خاقان عباسي ۽ پي ڊي ايم جي اسٽيئرگ ڪاميٽي جو سربراهه ن ليگ جي احسن اقبال کي مقرر ڪيو ويو تڏهن هڪ صحافي رد عمل واري انداز ۾ شاهد خاقان عباسي کان سوال ڪيو ته سمورا عهدا ته نواز ليگ کڻي ڇڏيا آهن. شاهد خاقان عباسي وراڻيو ته مولانا فضل الرحمان به ن ليگ جو آهي. اهڙي اجلاس کان اڳ مريم نواز جو 16 آڪٽوبر تي جلسو گوجرانوالا ۾ ٿيڻ جو اعلان ٿي چڪو هو.
مولانا فضل الرحمان جي پارٽي جي يو آءِ 25 آڪٽوبرتي ڪوئيٽا ۾ جلسي جو اعلان ڪري چڪي هئي. پيپلزپارٽي جي 18 آڪٽوبر ڪارساز واري واقعي جي ته سڄي جهان کي خبر آهي. 27 ڊسمبر تي محترمه جي شهادت واري ڏينهن به ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسو ٿيڻو آهي، ان ڪري جڏهن پي ڊي ايم جي پليٽ فارم ذريعي 11 آڪٽوبر ڪوئيٽا کان جلسي جو آغار ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو تڏهن وڌيڪ نظرياتي سوال به بحث هيٺ آيا، ان ڪري هاڻي جلسن جو جيڪو نئون اعلان ٿيو آهي اهو ساڳيو پي ڊي ايم کان پهريان وارو اعلان آهي جنهن ۾ پارٽيون پنهنجو پنهنجو جلسو ڪنديون پر پي ڊي ايم جا سربراهه ان ۾ شريڪ هوندا. مطلب نظرياتي بنياد پارٽين جا پنهنجا هوندا پر جلسو گڏيل قيادت جي صورت ۾ هوندو.
هن تحريڪ جي اعلان ٿيڻ سان گڏ ئي حڪومت جيڪو بيانيو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهڙو بيانيو عوام اندر گهڻي مقبوليت حاصل ڪري نه سگهندو. آزاد ڪشمير واري اليڪشن دوران جڏهن بلاول ڀٽو نواز شريف کي مودي جو يار ڪري مخاطب پئي ٿيو تڏهن به پريس ڪانفرنس دوران اهي سخت سوال سامهون ايندا هئا ته اوهان جي پارٽي جي بيهڪ ته اهڙي ناهي. بلاول چوندو هو ته مان مودي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان، نهرو يا واجپائي جي ڳالهه نه پيو ڪريان، انهن ڏينهن ۾ عمران خان به چيو هو ته مودي ايندو ته ڪشمير جو مسئلو حل ٿيندو. مودي جو يار غدار وارو بيانيو چونڊن وارن ڏينهن ۾ به هلي نه سگهيو هو. هينئر عمران خان جي حڪومت نواز شريف خلاف اهڙي بيانيي کي ورجائي عوام ۾ نواز شريف جي خلاف ماحول پيدا ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪري رهي آهي ان ۾ عمران خان کي ڪا گهڻي ڪاميابي ٿيندي نظر نٿي اچي.
عمران خان جڏهن پنهنجي هر تقرير ۾ اهو بيانيو ورجائي ٿو ته پي پي ۽ نواز ليگ ادارن اندر مداخلت ڪئي، وزيراعظم اهو به سوال ڪري ٿو ته منهنجي اداري سان صورتحال خراب ڇو نه ٿي ٿئي، تڏهن اهي سوال ذهن ۾ اچن ٿا ته ايف آءِ اي جهڙي اداري جي سربراهه بشير ميمڻ اهو ڪنهن لاءِ چيو آهي ته وزيراعظم هائوس ۾ گهرائي چيو ويو ته ڪيس داخل ڪيو، بشير ميمڻ کي ڪهڙي گهرو کاتي جي وفاقي وزير چيو ته صحافي جون ٽنگون ڀڃي ڇڏيو. جج ارشد ملڪ کي ڇو سسپينڊ ڪيو ويو آهي، ان جج صاحب کان ڪهڙي مجبوري هيٺ نواز شريف خلاف فيصلا ورتا ويا. نيب جهڙي اداري لاءِ خواجا سعد رفيق ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جيڪي ريمارڪس ڏنا آهن ان کانپوءِ ته بشير ميمڻ به توبهه توبهه ٿو ڪري. سپريم ڪورٽ جو جج قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري عدالتن جا چڪر ڪاٽي رهي آهي. ملڪ جو قانون وارو وفاقي وزير فروغ نسيم وزيراعظم ۽ صدر جي اماڻيل ريفرنس تي سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ جي گهرواري کي آڻي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ته اهو ٻڌايو ته ايتري ملڪيت توهان وٽ آئي ڪٿان؟ اهڙو سوال جڏهن عمران خان سميت سموري ڪابينا کان ڪيو وڃي ٿو ته عاصم سليم باجوه وٽ 99 ڪمپنين سميت ايتري ملڪيت ڪٿان آئي تڏهن وزيراعظم چوي ٿو ته وزيراعظم جي آفيس اندر رڪارڊ چيڪ ڪيوسين معاملو ڪليئر ٿي ويو.
عمران خان حڪومت جا پوليس سان ايترا معاملا بهتر آهن جو پنجاب ۾ هينئر تائين پنج آءِ جيز تبديل ٿي چڪا آهن پنجاب ۾ چون ٿا آءِ جي کي ڇڏيو سي سي پي او جي ڳالهه ڪريو، اهو وزيراعظم عمران خان چوي ٿو ته منهنجو ڪنهن به اداري سان جهيڙو ڇو نٿو ٿئي. پي پي ۽ ن ليگ وارن جوڇو ٿو ٿئي. عمران خان اهو به چيو آهي ته مالف ڌر جون سموريون پارٽيون جلسا ڪري ڏسن منهنجو هڪڙو جلسو انهن کان وڏو هوندو آهي، پرويز مشرف به ساڳئي ڊي چوڪ تي وڏو جلسو ڪندي مڪا ڏيکاريا هئا ته ڏسي وٺو عوام جي طاقت پر حقيقت ۾ اهڙي عوامي طاقت واري جلسي کانپوءِ پرويز مشرف کي انهن ئي دبئي واري گهر موڪليو جيڪي محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي صورت ۾ پهريائين ملڪ کان ٻاهر هئا. هينئر عمران خان جڏهن اهڙي طاقت جي مظاهري جي ڳالهه ڪري ٿو تڏهن صورتحال اهڙي نظر اچي ٿي جنهن ۾ چئي سگهجي ٿو ته حڪومت ڪمزور پچ تي اچي چڪي آهي. ملڪ جو وزيراعظم جنهن پاڻ پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته وزيراعظم جو درجو پيءُ جهڙو هوندو آهي، اهو هاڻي جڏهن پاڻ طلال چوڌري جي تنظيم سازي واري مسئلي تي ڳالهائي ته پوءِ پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا جي ڪيل تعريفن تي ڪهڙا اعتراض اٿاريون.
عمران خان جي حڪومت دوران ملڪ جي تقريبن مخالف ڌر وارن تي غداري جي الزام وارا پرچا داخل ٿي چڪا آهن، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم به غداري واري اهڙي لسٽ ۾ اچي ويو آهي تڏهن به عمران خان پنهنجي بيانيي کي وڌيڪ طاقتور انهيءَ ڪري ٿو سمجهي ته پرويز مشرف وڪيلن جي تحريڪ جي دٻاءَ ۾ اچي اين آر او ڪري ويو مان اهڙو اين آر او نه ڪندس. احتساب جو عمل جاري رهندو. وزيراعظم جي اهڙي بيانيي جي صورتحال ڏسڻي هجي ته ڪڏهن ڪنهن پريس ڪانفرنس کي غور سان ٻڌي ڏسو جنهن ۾ جڏهن سرڪاري وڪيل ۽ وزير چون ٿا ته نواز شريف کي واپس آڻينداسين. تڏهن سوال ٿئي ٿو ته پرويز مشرف ۽ جهانگير ترين کي ڇو نٿا آڻيو؟ اهو به سوال ٿئي ٿو ته اسحاق ڊار کي آڻي نه سگهيو نواز شريف کي ڪيئن آڻيندو؟ هڪڙي ڏينهن وفاقي وزير چون ٿا پيمرا آزاد ادارو آهي جيئن نيب آزاد ادارو آهي ٻئي ڏينهن چون ٿا ته وزيراعظم اجازت ڏني، نواز شريف جي تقرير ڏيکارڻ جي ٽئين ڏينهن اشتهاري ۽ مفرورن تي پابندي لڳائي وڃي ٿي.
عمران خان جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت مخالف ڌر جي تحريڪ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي مودي ڪا يار، غدار وارا ڪارڊ استعمال ڪرڻ کانپوءِ جهڙي طريقي سان ناڪام ٿيندي نظر اچي رهي آهي. اندازو لڳايو ته جيڪڏهن جيئن عمران خان چيو آهي ته هينئر وارو جيل سخت هوندو مطلب ته ملڪ جي سموري پي ڊي ايم واري قيادت گرفتار يا نظربند ٿئي ٿي ته پوءِ واري عمران خان جي حڪومت ڪيتري مضبوط هوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *