تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

زندگي، خوشيءَ ۽ غم جي ڪهاڻي

حياتيءَ ۾ ڪهاڻيون ايتريون آهن، جو زندگي کٽي وڃي ٿي ڪهاڻيون نه ٿيون کٽن. هر پل ۾ سرجندڙ هڪ نئين ڪهاڻي، جنهن ۾ ماڻهوءَ اندر سڀ جو سڀ عنصر موجود هوندا آهن. سيٽنگ کان ڪردار ۽ پلاٽ کان ٿيم، پوائنٽ آف ويو تائين جا عنصر ۽ انهن ۾ موجود جز، حياتيءَ جي ڪهاڻيءَ کي ڪڏهن ڪوجهو ته ڪڏهن حسين بڻائين ٿا.
ڇاڪاڻ ته ڪافي وقت کانپوءِ “پنهنجي اخبار” ۾ پنهنجي پڙهندڙ جي اڳيان حاضر آهيان، ان ڪري دل گهري ٿي ته جيون جي ڏک سک جون ٻه ڪهاڻيون توهان جي اڳيان رکجن. پهرين ڪهاڻي، هڪ شهر سان، (جنهن جو نالو نه ٿو لکي سگهجي) تعلق رکندڙ ان ڇوڪريءَ جي آهي، جيڪا هاڻي ديس جي راڄڌاني ۾ رهي ٿي. سندس شمار ملڪ جي وڏن يوٽيوبرس ۾ ٿئي ٿو. پنج لک کان وڌيڪ سبسڪرائبر هجڻ ڪا گهٽ ڳالهه ته ناهي! ظاهر آهي ته يوٽيوب انتظاميا هر مهيني لکين روپين ۾ هن کي معاوضو ڏيندي هوندي. اها نينگري اڪثر ڪري پنهنجي وڊيوز ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي ثقافت جي ڳالهه ڪندي نظر ايندي آهي. ڪڏهن هالا جي روايتي ثقافتي شال ۾ اوڍيل ته ڪڏهن اجرڪ جي ڊزائين تي سبيل ڪپڙا پهريل ان ڇوڪريءَ کي خبر ناهي ته پنهنجو شهر پنهنجو گهر ڪيترو ياد ايندو هوندو، پر هن جو بابو، جيڪو منهنجو گهرو دوست آهي، برادري وارن جي دٻاءَ ۾ اچي هن سان مڪمل واسطو ختم ڪري چڪو آهي. سبب ڇا آهي؟ ان جو ڪارڻ سال 2013ع آڪٽوبر مهيني جي اها شام هئي جڏهن سنڌ جي هڪ وڏي يونيورسٽيءَ جي هاسٽل انتظاميا، هن جي گهرن وارن کي اطلاع ڏنو ته سندن ڇوڪري هاسٽل تي ناهي پهتي. اطلاع ملندي، ماءُ پيءَ جي دل تان ڇا گذريو هوندو؟ پڪ سان اهي اهڙيون ڪيفيتون آهن، جن کي ڪڏهن به اکرن ۾ اتاري نه ٿو سگهجي. شديد اضطراب ۽ پريشانيءَ جي حالت ۾ رات دير سان سندس بند ٿيل فون نمبر تان ميسيج آيو ته هوءَ پنهنجي پريميءَ سان گڏ، باقي زندگيءَ ان سان گذارڻ گهر ۽ يونيورسٽيءَ کي تياڳي هميشه لاءِ پنهنجي پريميءَ سان وڃي رهي آهي. ان ڪري هاڻي هن جي پويان اچڻ جي ڪا به ضرورت ناهي! ۽ پوءِ ٿيو به ايئن هن جو والد صاحب صبر جو ڪڙو ڍڪ ڀري گهر ويهي رهيو.اسان جنهن سماج ۾ رهون پيا، اهو گهڻن پاسن کان مرداڻو معاشرو ئي آهي. جنهن ۾ ڇوڪريءَ جي ايئن نڪري وڃڻ کي ڪيترو معيوب سمجهيو وڃي ٿو. ان ڳالهه جو ادراڪ، هر عام خاص آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو. جنهن سماج ۾ عورتون پوءِ اهي مرد سان ڪنهن به رشتي ۾ ڳنڍيل هجن، پر هونديون ان جي ملڪيت ئي آهن. ان سماج ۾ مائٽن جي رضامنديءَ کانسواءِ ڇوڪرين جو گهران نڪري وڃڻ ڪيترو پريشان ڪندڙ آهي؟ بس اندازو ئي لڳائي سگهجي ٿو. ان سڄي سلسلي ۾ نه صرف گهر جو هر فرد پر اصل ۾ اها ڇوڪري پڻ تمام گهڻو ڀوڳي ٿي. ايتري تائين جو ان جي اولاد کي به ڪيترن ئي طعنن کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. اهي سلسلا ايترا ته پچيده آهن، جو نسلن تائين جاري رهن ٿا.
انهن سلسلن جي آزارن ۾ هتي ٻيو به گهڻو ڪجهه ٿيو. مثال طور: جنهن سال موصوفه گهران نڪتي ته ان سال شهر جي ڪافي خاندانن پنهنجون ڇوڪريون يونيورسٽيءَ مان ڪڍي گهر ويهاري ڇڏيون! ڪجهه سالن تائين ته ڇوڪرين جي پري شهرن ۾ پڙهڻ تي اڻ اعلانيل پابندي رهي. مان ذاتي طور ڇوڪرين جي پنهنجي مرضيءَ سان شاديءَ جو حامي رهيو آهيان، پر جڏهن ڪنهن عمل سان سماج ۾ ٽوڙ ڦوڙ ٿئي ته ان کي ڪهڙي ريت درست چئبو؟ اهو فيصلو پڙهندڙ، بهتر ريت ڪري سگهن ٿا.ٻي ڪهاڻي، منهنجي ان دوست جي آهي، جيڪو سياحت جي شوق ۾ ڪوهه مري پهتو ئي مس ته پويان والد جي انتقال جي خبر مليس. هن سامان کوليو ئي نه هو، ساڳي سامان کي کڻي ٽيڪسي ڪرائي پنڊيءَ جي اسٽاپ تي نوشهري اچڻ لاءِ بس جو انتظار ڪرڻ لڳو. اچڻ لاءِ ڪنهن وڏي بس سروس جو انتظار ڪرڻ مناسب سمجهيو ته هڪ گاڏيءَ وارا هن وٽ لنگهي آيا، ۽ بهترين سروس جو دلبو ڏئي گاڏيءَ ۾ ويهاريائونس. هو ڪنهن ريت صادق آباد تائين ان بس ۾ پهتو ته سهي پر بقول هن جي هو بس ۾ دانهون ڪوڪون ڪندو رهيو ته: جيڪڏهن توهان کي اهڙي ريت ئي اچڻو هو ته مونسان اهڙو دوکو ڇو ڪيو؟
صادق آباد، پهچڻ وقت صبح جا ڇهه ٿي رهيا هئا. هن کي ٻڌايو ويو ته سکر تائين پهچڻ ۾ جيڪڏهن هو مسافر گاڏيءَ جو استعمال ڪري ٿو ته اڃان ٽي ڪلاڪ درڪار هئا. اڳتي، منزل تائين رسڻ لاءِ اڍائي ڪلاڪ کپن پيا. جڏهن ته پويان نوين وڳي جنازي جو اعلان ٿي چڪو هو. مطلب هن وٽ فقط ٽي ڪلاڪ هئا. بقول سندس ته ان وقت هن بس اسٽاپ تي هڪ ٽيڪسي واري کي ڏٺو ۽ ڳورن قدمن سان هن ڏانهن روانو ٿي، ان کي سڄي حقيقت ٻڌايائين. ٽيڪسيءَ واري پهرين ته ڪجهه عذر ظاهر ڪيا، پر پوءِ هلڻ جي حامي ڀري. ڪرايو ٻارهن هزار طئي ٿو. ٽيڪسيءَ واري منهنجي ان دوست کي يقين ڏياريو ته هو ٽن ڪلاڪن ۾ منزل تي پهچي ويندا. پني عاقل ويجهو ٽيڪسيءَ واري هڪ ٻئي مسافر کي به کنيو. هو منزل ڏانهن تيزيءَ سان روان دوان رهيا. اهو سڀ ڪجهه ڊرائيور جي هنر جو ڪمال هو يا ڪا ڪرامت جو معمول مطابق پنجن ڪلاڪن جو سفر ٽن ڪلاڪن ۾ طئي ٿي ويو ۽ منهنجو دوست منزل تي پهتو. ڪار مان لهڻ کانپوءِ طئي ٿيل ٻارنهن هزار کيسي مان ڪڍي ڊرائيور ڏي وڌايا. ڊرائيور پئسا وٺي ڳڻي، انهن مان پنج هزار واپس ڪيا. اهو سڀ ڪجهه حيرت ناڪ هو. “توهان هي ڇا پيا ڪريو، اسان جي وچ ۾ ته ٻارنهن هزار طئي ٿيا هئا؟” منهنجي دوست عجب جي لهجي ۾ ڊرائيور کان معلوم ڪرڻ چاهيو. “جي بلڪل، پر جنهن مسافر کي رستي تان کنيم، ان کان ٽي هزار ورتم، هاڻي جڏهن اسپيڊ ميٽر کي ڏسان ٿو ته ڪل ڪرايو به ڏهه هزار ٺهي پيو. ان حساب سان توهان ڏي ست هزار ڀاڙو ٿيندو۔۔۔۔۔!” منهجي دوست جي بقول ته “سڄي رات جو اوجاڳو، سخت ٽينشن، دٻاءُ، پر پوءِ مان حيرتن جي جزيري مان ان شخص ڏي ڏسندو رهيس ۽ وڌيڪ اچرج ان ڳالهه جو به ٿيو ته سڄي واٽ هن مونسان فقط ڪم جا ڪجهه جملا ڳالهايا، جنهن ۾ منهنجي پڇڻ تي ٻڌايو هيائين ته هو صادق آباد جو مهر آهي.”
۔۔۔۔۔۔ ۽ اهڙي طرح پنهنجي دوست جي هن جي والد جي تڏي تي ٻڌايل ڳالهه کانپو مان پڻ عجب ۾ پئجي ويس. مطلب ته دنيا اڃان به چڱائي کان خالي ناهي. ڪجهه ماڻهو، هڪ گلاس جي پاڻيءَ جي بدلي، پنهنجو ساهه به ڏئي سگهن ٿا. بس اهي سڀ ڪجهه زندگيءَ جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ جيون جي انيڪ رنگن سان گڏ اڇو ۽ ڪارو رنگ به موجود آهي. “ڪڏهن خوشي ته ڪڏهن غم” وارا سلسلا جاري آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *