Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_kltdjrbcf2ka3peg6uhqgdgj93, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
زندگي جي رن وي تي ڊوڙندڙ پوڙهو ماڻهو!! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar زندگي جي رن وي تي ڊوڙندڙ پوڙهو ماڻهو!! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

زندگي جي رن وي تي ڊوڙندڙ پوڙهو ماڻهو!!

پوڙهو نورو پخالي روز ڳوٺ جي ريزڪي دڪان جي ٻاهرين دڪيءَ تي اچي ويهي ڪيتري وقت تائين کنگهندو رهي ٿو هاڻي نه هن کي بوسڪي جو پٽڪو آهي ۽ ڏهن والن جي گهير تي پيل شلوار نه ئي ڪيٽي جي ڪپڙي جي استري ٿيل قميص.
هن کي اڃان خبر ناهي پئي ته هو بنا بريڪ کنگهي ڇو ٿو.
هن کي رڳو ڳوٺ جي عطائي ڊاڪٽر ايترو ٻڌايو ته الرجي اٿئي ڪراچي مان علاج ٿيندو. هن زندگي ۾ ٽي ڪم نه ڪيا هڪ هن، شناختي ڪارڊ نه ٺهرايو، ٻيو زندگي ۾ ڪڏهن ووٽ نه ڪيائين، ٽيون هن ڪراچي کي نه ڏٺو ان ڪري ڪراچي مان الرجي جي علاج جي ڳالهه ٻڌي هن جا ٺپ ئي ٺري ويا. کنگهه جي بيماري جي ڪري هاڻي هن جي لاءِ ڳوٺ جون هوٽلون ممنوع بڻيل آهن، هن جي هوٽلن تي ويهڻ سان لاهور قلندر ٽيم تي سٽو هڻندڙ نوجوانن کي تڪليف ٿئي ٿي هر چونڪي ۽ ڇڪي تي ڪاٺ جي بينچن تي اٿي بيهي وڏيون رڙيون ڪري جهمريون هڻندڙ نوجوان جن کي نه ماضي بابت ڄاڻ سان دلچسپي آهي نه مستقبل جو اونو آهي تن وٽ زندگي به ڪرڪيٽ راند جي ڇڪي جيان آهي،انهن کي ان ڳالهه جو ڪوبه الڪو ناهي ته سڀاڻي هنن جي زندگي جو بال به بائونڊري جي ويجهو ئي ڪيچ ٿي ويندو، هي اٿي بيهي رڙ به نه ڪري سگهندا پر تنهن هوندي به اهي نوجوان پاڻ کي هن جي موجودگي ۾ ڏکيو محسوس ڪن ٿا، ان ڪري هوٽل جا بيرا هن کي پري کان ھڪل ڪري چون ٿا استاد نورو سامهون دڪان جي ٻاهران دڪي تي هلي ويهه توکي چانھه اتي ئي ڏيون ٿا. هي پراڻي پاپلين جي شلوار جي ڦاٽل پانچن ڏانهن ڏسي ۽ وٽ کائي مٿي چڙهي ويل قميص جي پلاند کي هيٺ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي وڃي روز ريزڪي دڪان جي دڪيءَ جي ڪنڊ تي ويهي رهي ٿو. ڊگهي انتظار کان پوءِ چانهن جو ڪٽ هن جي هٿ ۾ ايندي وقتي طور کنگهه کي به بريڪ لڳي وڃي ٿو ۽ پوءِ چانهن جي ڪوپ مان سرڪي ڀري ايندڙ ويندڙ ماڻهن ڏانهن ايئن نهاري ٿو ڄڻ هي پهريون ڀيرو ڳوٺ جي بازار ۾ آيو آهي ۽ هي اهڙي بازار ۾ اچي ويٺو آهي جتي جا سڀ ماڻهو هن جي وجود کان ناآشنا آهن. هي اڪيلو، ٿڪل ٽٽل پوڙهو ماڻهو ايئن روز پاڻ کي چونڪ تي ويهي ايندڙ ويندڙ عقابي نظرن سان ڄڻ پنهنجي گهاريل زندگيءَ جو ڪاٿو ڪرائيندو هجي. ڪاٺ جي ٽال تي ٽنگيل وڏي ساهمي ۾ هن جي جيون جي سڙيل ڪاٺين جي ڪوئلن جي تور ٿيندي هجي ۽ هي شام جي سج سان گڏ واپس پنهنجي ان ويڙهي ڏانهن وڃي ٿو، جنهن ويڙهي جي هر عورت اڳ هن کي ماما ۽ چاچا چئي خرچي وٺندي هئي پر هاڻي هن جي پراڻي ڪمري ۾ فيش مان ٺهيل سند (دٻڪ ) ۾ مشڪل سان ڪي مانيءَ جا سڪل ڀور پيل هوندا آهن.
هن پوڙهي ماڻهو کي به دنيا جي ٻين پوڙهن جيان پنهنجي ماضيءَ سان بي پناهه محبت آهي پر حال بابت به هن کي ايتري ضرور ڄاڻ آهي ته هي هن وقت دنيا جو غريب ترين ماڻهو آهي جنهن جي اڪيلي پٽ جي هن فاني دنيا مان لاڏاڻي کان پوءِ پنجن سالن کان هن جي قميص جي کيسي،ڪو سڪو به نه ڏٺو آهي ان جي باوجود به هن جي خودداري اڃان مئي ناهي هي ڪٽ چانهن ته ڳوٺ جي پراڻي ٽهي جي استاد جي حيثيت ۾ پي وڃي ٿو پر هن کي ڪو رقم ڏيئي چئي ته استاد نورو دعا ڪجان ته هن جي جسم تي ڄڻ چيلاٽا چڙهيو وڃن، هي پنهنجو پاڻ سان ئي ڳالهائي چئي ٿو ته مان ڪو فقير آهيان جو توکي دعا ڪندس ايئن هن کي ڄڻ رحم کائي رقم ڏيندڙن کي پيسا واپس ڪرڻ جو جواز مليو وڃي.
ڏيندڙ هٿ سدائين مٿان هوندو آهي ۽ وٺندڙ هٿ سدائين هيٺان هوندو آهي ايئن ئي ان هٿ سان گڏ اکيون به شرم کان هيٺ زمين ۾ کپي وينديون آهن.ان ڪري ئي استاد نورو آسمان ڏانهن ڪنڌ مٿي کڻي آخري وقت تائين جيئڻ جا جتن ڪري پيو. اوهان تصور ڪريو ماڻهو جي قميص جي کيسي ۾ جي رقم نه هوندي آهي ته ڪيئن نه ماڻهو ڇتڪتائي جي ڪيفيت ۾ اچي هٿ پير هڻندو آهي يا وري مايوسيءَ جي ڪيفيت ۾ گهر ۾ ڪنڊ وسائي ويهندو آهي پر جڏهن زندگي جي لڙندڙ شام جوانيءَ جي چانئٺ ٽپي اچي ٿي ته اسان مان ڪيترا ئي ماڻهو پراڻي ڪپڙي جيان اندر ئي اندر ۾ ڦاٽي پون ٿا. پر هن پوڙهي وٽ سڪل ماني جا ڀور کائي جيئڻ جو به جواز آهي هي صبح جو سويل اٿي مانجهند جي بازار مان گند ڪچري ۾ اڇلايل اڇي رنگ جا پلاسٽڪ جا گدلا شاپر ميڙي گهر کڻي وڃي ٿو جيئن هن جي ان پورهئي سان چلهه ۾ پيل آليون ڪاٺيون آساني سان ٻري سگهن ۽ هي جيڪو ماني ڀور کائي ان ۾ به هن جو پورهئي جو پگهر شامل هجي، هي زندگي جي رن وي تي ڊوڙندڙ اهو پوڙهو ماڻهو آهي جيڪو ٿڪجي ئي نٿو،پيو هلي مسلسل هلي.
استاد نورو جي جواني ڇا هئي سرڪشي جو اهڙو مثال هئي جو هن ڪڏهن به تر جي هلندي پڄندي واري ماڻهو تي مڇ نه ڇنڊي هي ماڻهن جي حسب نسب کان واقف هو ان ڪري ڳوٺ يا تر جي هر چڱي مڙس بابت هن کي اڳ ئي ڪٿ هئي ته هي ڪيترو مڙس ماڻهو آهي، هي ڳوٺ جو شايد پهريون ماڻهو هو جنهن اليڪشن جي ڏينهن پولنگ اسٽيشن تي ووٽ ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو هو ته منهنجي ووٽ جي ٺپي لاءِ اڃان ڪو لائق ماڻهو ئي پيدا نه ٿيو آهي هن کي نه شهيد ڀٽي جي نعرن ۽ شخصيت جي سحر جو اثر ٿيو نه ئي هن جي زندگي ۾ ضيا، ايوب خان، جنرل يحيٰ يا جنرل مشرف جي مارشلا جو خوف ٿيو، هي پاڪستان کان اڳ جو ماڻهو آهي هن پنهنجي اکين سان راءِ صاحب منگهر مل جي صاحبي به ڏٺي هئي ته هن تر جي مسلم ليگي سيد وڏيري جي سياست به ڏٺي هئي، هن کي رئيس علڻ خان ڪاڇي به ياد آهي جنهن مذهب جي محبت ۾ راءِ صاحب منگهر مل کي مارڻ لاءِ انگريزن جي دور ۾ مانجھند جي ٿاڻي تي حملو ڪري هٿيارن جي ڦر به ڪئي هئي ۽ ديوانن جي شادي جي ڄڃ جي سرگس تي حملو به ڪيو هو هن حملي ۾ منگهر مل زخمي ٿيو هو ۽ هڪ باگڙي مزدور جنهن جي مٿي تي ڄڃ ۾ روشني ڪرڻ لاءِ گولو رکيل هو سو رائيفل جي گولي لڳڻ سان گولي جي روشنيءَ سميت اجهامي ويو هو.رئيس علڻ خان ڪاڇي کي موت جي سزا آئي پر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ رئيس علڻ خان ڪاڇي جيل مان آزاد ٿي مانجهند پهتو هن جي باقي زندگي اهڙي سٻاجھي ٿي گذري جو علي بابا پنهنجي ناول موهن جو دڙو هن جي ئي آشرم تي ويهي لکيو ۽ رئيس علڻ خان ڪاڇي جي ڪردار کي ناول ۾ انتهائي خوبصورتي سان چٽي ويو. منگهر مل وري سنڌيالاجي جي اهم شخصيتن جي ڪارنر ۾ پنهنجي انتظامي خصوصيتن سبب محفوظ ٿي ويو.
نوروءَ جا وڏا پخالي هئا، جنهن ڪري ڳوٺ جا سڀ ماڻهو گهڻو ڪري هنن کي جنتي سمجهندا هئا هي درياهه تان ڍڳن تي پاڻي جون پخالون ڀري ڳوٺ جي گهرن جي اندر رکيل مٽن، دلن ۽ نادين ۾ پاڻي ڀري ڏيڻ جو ڪم ڪندا هئا. نورو پخالي به مانجهند جي پخالين جو اهڙو ئي ماضي آهي جيڪو هاڻي پوڙهو ٿي ويو آهي پر ان جي باوجود به هن وٽ زندگي جا قصا کٽا ناهن. هن کي چڱي طرح ياد آهي ته هي ڍڪي ويل ڳوٺ جي نوجوان ڪاري ٻاليشاهي سان گڏجي ڪچي جي ٻنين ۾ وڃي سوئر جا پير کڻندا هئا ڪارو ٻاليشاهي سوئر جي پيرن کڻڻ جو ماهر هو هي سوئر جا کر ڏسي عمر ٻڌائيندو هو ته هي سوئر پنج وڄو سوئر آهي يا ڏهه وڄو. پنج يا ڏھه انچن جي ڪٿ کي شڪاري پنهنجي ٻولي ۾ پنج انچ چوڻ بدران پنج وڄو چوندا آهن.
هي ڏڦي جي جهيڙو ۾ ڪمال جي مهارت رکندڙ هو ان ڪري سوئر جي ڪڇ ۾ ڏڦو هڻڻ هن جي کاٻي هٿ جو ڪم هو. پر ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو هو ته ڏڦو ڪنهن ٻئي جي هٿ ۾ هوندو هو ۽ سوئر سرڙاٽ ڏيئي، جي پاسي مان گذريو ته هي مئي متاري سوئر جي ڪنڌ ۾ ڀاڪرين پئجي ويندو هو پوءِ اڪثر لال بتي جي ايمرجنسي وارڊ ۾ هن جي به ملم پٽي به پئي ٿيندي هئي.
استاد نورو شڪارين جو استاد آهي هن کي خبر آهي ته بدمست سوئر جو شڪار ڪيئن ٿيندو آهي هي هر روز ريزڪي دڪان جي دڪي تي ويهي نوجوانن کي سڏ ڪري پيو ٻڌائيندو آهي ته سوئر جي شڪار لاءِ ماھر شڪاريءَ کي لوڌ جي ضرورت آهي، شڪار لاءِ ضروري آهي ته اوهان وٽ سوئر کي ٿم مان ڪڍڻ جي لاءِ راڙا ڪتا هجن جيڪي رڙيون ڪري سوئر کي ٿم مان ٻاهر ڪڍي اچن جيسين سوئر ٿم ۾ آهي، سوئر اوهان کان سگهو آهي ، واٺا ڪتا هجن جيڪي ڊوڙ جا تيز، رفتار ۾ راڪيٽ هجن جسماني طور بيمار ۽ ذهني طور ٿڪل نه هجن ۽ جي انهن کان به سوئر بچي وڃي ته ڏڦڙيا تيار بيٺا هجن جيڪي سوئر جي ڪڇ ۾ تيز ڌار وارو ڏڦو هڻي کيس چيري ڦاڙي وجھن.
هي نياپو سڄي سنڌ جي نوجوانن ڏانهن نياپو آهي، جي اوهان جي ڳوٺ يا علائقي ۾ به ڪو بدمست سوئر آهي ته استاد نوروءَ جي ڏسيل واٽ تي عمل ڪري ڏسو، سنڌ کي هن وقت سوئرن ۽ سوئرن جي پٽن تپائي ڇڏيو آهي هر طرف ڀيل جاري آهي، ڪوشش ڪري، راڙا، واٺا ۽ ڏڦڙيا تيار ڪريو. سوئر کي ٿم مان اٿاريو کيس آرام سان سنڌ ڀيلڻ نه ڏيو، خاموشي ٽوڙيو، راڙا رڙيون ڪريو، واٺا وٺ ڪريو، ڏڦڙيا ڏڦا تکا ڪريو. هڪلون هوڙيو ڪريو. جاڳو ۽ تر کي جاڳايو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *