تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

سئٽزرلينڊ ڪارو ڪاري جي ماريلن جي پناهه گاهه

سنڌ، جتي نام نھاد ڪارنھن ۾ ماريل بنا غسل ڪفن ڏنل عورتن جا قبرستان ھجن (لاڙڪاڻو ڊويزن توڻي انجا ڪشمور سميت ضلعا ان جا ھڪڙا مثال آهن ) ۽ ڪارين جا ڪوٽ وڏيرن،سردارن ميرن پيرن ھيٺ ھجن ٿا، جتي سنڌ توڻي بلوچستان جي وڏيرن پيرن سردارن جا نه فقط باورچي خانه ۽ اوطاقون انتي ھلنديون ھجن پر انھي ڪارونھوار يا جھان خاني جھان جي پوليٽيڪل ايڪانومي يا سياسي اقتصاديات ڪاروڪاري ۽ انھن جي آڙ ۾ اٿاريل قبائلي خونريزين تي ھجن، اتي سوچيو ته ھزارين ميلن تي انھن ڪارين راتين توڻي ڏينھن ۾ ڪاريون ۽ ڪاراڪري ماريلن ڪاڻ به ڪو اھڙو ديس ڪو اھڙو ادارو ڪو اهڙو ماڻھو ۽ عورت ھوندا جيڪي ھنن کي پنھنجي ھنج ۽ پناهه ۾ وٺندا هوندا.
تصور ڪيو بخشا پور يا تنگواڻي، وارھه يا ڪارو جبل، يا سندراڻي تيغاڻي ڪوٽن ، خانڳڙهه ،گمبٽ،شڪارپور يا گھوٽڪي ، ڪاڇي ،ڳڙھي خيري، خانپور مھر يا جھاني مان بندوقن ڪهاڙين ۽ جرڳن جي فيصلن ۽ فتوائن مان جانيون بچائي ڀڄي نڪتل جوڙا يا ڪراچي ،لاھور ،پشاور۽ ڪوئٽا جي پوش توڻي لوئر مڊل ڪلاس يا ڪچي آبادين جون تشدد جون ماريل عورتون ھجن اھي يورپ جي خوبصورت ۽ آزادين سان ڀرپور ھڪ ملڪ سئٽزرلينڊ جي ڪنھن وڏي شهر يا ننڍڙي ڳوٺ ۾ آباد ڏٺا وڃن پنھنجي مادري ٻولين سان گڏ سندن اختيار ڪيل ملڪ جي ٻولي فرانسيسي ڳالھائيندي ڏٺا وڃن . جي ھا اھو ملڪ آھي سئٽزرلينڊ ۽ اتي آھي هڪڙي ستاسي ورھين جي خاتون جيڪولين ٿبالٽJacquoline Thibault ۽ هنجي تنظيم سرگر فائونڊيشنSurgir Foundation (فرانسيسي ۾ اچاربو سغا).
نه رڳو سنڌ سميت پاڪستان پر فرانس ڄائي ھن مادام جيڪولين ڪيترن ئي سالن کان سندس اھو مشن رھيو آھي ته ھو دنيا ڀر مان غيرت جي بي غيرت تصور يا نام نھاد آنر ڪلنگس جي شڪار عورتن يا جوڙن، صنفي تشدد توڻي جنسي دھشتگردي جو نشانو بڻيل عورتن کي سندن خطرن وارن ملڪن يا سماجن مان سلامتي سان ڪڍي سئٽزر لينڊ آڻي . کين اتي وقتي رهائش ڏياري ، فرانسيسي ٻولي جا ڪلاسز وٺرائي،کين روزگار ڳولي لھڻ ۾ مدد ڪري.اهڙا جوڙا يا اڪيلي سر عورتون جلدي ئي مادام جيڪولين ۽ سندس تنظيم جي مدد سان ستت ئي پنھنجن پيرن تي بيھڻ کانپوءِ آزاداڻي طور رھائش ڪن ٿا.پنجن کان ڏھن سالن تائين ڪيترا سئٽزر لينڊ جا شھري به بڻجي وڃن ٿا.
پوءِ اھا ويسٽ بئنڪ يا اولھندي ڪناري جي نوجوان فلسطيني ڇوڪري سعاد ھجي جنھنکي غيرت جي نالي ۾ سندن مائٽن زندھه ٿي ساڙيو. سعاد جي ڀيڻيويي تي ڪم رکيو ويو ته کيس زنده ساڙڻ جي سزا ڏني وڃي.. تڏهن سترنھن ساله سعاد جو “ڏوهه” اھو ھو ته ھن سندن مائٽن جي مرضي خلاف هڪ نوجوان سان پيار ٿي ڪيو. جيڪولين ۽ سندس تنطيم سرگر اھڙي موتمار ماحول مان کيس سلامتي سان ڪڍي سئٽزرلينڊ آندو ھو. سعاد پوءِ پاڻ مٿان گذريل انھي سموري دوزخ جھڙي وارتا تي ڪتاب لکيو آھي جيڪو فرانسيسي سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ ڇپجي چڪو آھي. سعاد جيڪو ڪتاب ۾ سندس فرضي نالو آھي انگريزي ۾ انھي ڪتاب جو نالو آھي “برنڊ الائيو” يعني “جيئري ساڙيل” . اھڙي ريت پاڪستان جي پنجاب مان اوڻويھه ورھين جي صبا جڏھن پنھنجي پسند جي پيار جي چونڊ ڪئي ته کيس قتل ڪيو پئي ويو ته ھو بچي نڪتي. ھو ڪنھن طرح جيڪولين ۽ سندس تنطيم ۽ساٿين ۽ ھمدردن جي مدد سان سئٽزرلينڊ پھتي. صبا جي اهڙي خطرن ڀريل پر بهادر زندگي ۽ پيار تي فلمساز شرمين عبيد دستاويزي فلم “ گرل فرام رور” ٺاھي ھئي جنھن نه فقط آسڪر ايوارڊ حاصل ڪيو پر اھا دستاويز فلم ايڇ بي او چينل تان ھتي آمريڪا سميت يورپ ۽ دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ ڏٺي ويئي.
مان ھتي ھڪ اھڙي جوڙي کي سڃاڻان جن جو تعلق اتر سنڌ جي ھڪ ضلعي سان آھي. هو پاڻ ۽ ٻنھي جا خاندان تعليم يافته ۽ پڙھيل لکيل آھن پر جڏھن ان جوڙي پنھنجي مرضي سان شادي ڪئي ته ان جي ننيگري جي مائٽن مخالفت ڪئي. ٻنھي کي مارڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انهن تي فوجداري ڪيس الڳ. اھي پڻ مادام جيڪولين ۽ سندس ساٿين جي مدد سان ڪهڙي طرح سئٽزرلينڊ پھتا. ڪالھه ڏٺاسون ته خوش ويٺا هئا.
ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته اهڙن نوجوانن ۽ جوڙن جون زندگيون بچائڻ ۾ سنڌ سميت ملڪ ۾ سٺي ساک وارن ججن، پوليس آفيسرن ۽ ڪن انساني حقن جي تنظيمن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جو به ساراهه جوڳو ڪردار آھي کين سلامتي سان ٻاھر ڪڍڻ ۾. مونکي ميڊم جيڪولين ٻڌايو ته ھو پاڪستان اسلام آباد به آيل آھي.
ھن کي عاصمه جھانگير جي جاکوڙ گھڻو متاثر ڪيو. ھن ٻڌايو ته عاصمه ھتي سئٽزرلينڊ جڏھن آئي هئي ته ھو ھتي سندن تنظيم جي دفتر به آئي ھئي. مادام جيڪولين ٿبالٽ جيڪا ۱۹۳۸ع ۾ فرانس ۾ ڄائي هئي تنھن ٻه ڏھاڪا فلسطينن، اردن ۾ گذاريا آهن . وچ اوڀر پڻ اسانجي سنڌ ۽ ملڪ سميت نام نھاد غيرت جي نانءَ تي قتلن جي جھنم آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *