تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سامونڊي ٻيٽن تي شهر ترقي نه تباھي

اها حقيقت آهي ته پاڪستان ۾ طاقتور قوتون ۽ حڪمران سدائين اهڙن نام نهاد ۽ عوام دشمن منصوبن جي پويان هوندا آهن، جيڪي لکين غريب ماڻهن جي قيمت تي فائدو حاصل ڪندا آهن. اوهان چڱي ريت ڄاڻندا هوندا ته سنڌ جي سمنڊ ۾ 300 کان مٿي وڏا ننڍا ٻيٽ موجود آهن. اهي ٻيٽ ماضي ۾ سمنڊ جو حصو نه هئا بلڪ ڊيلٽا جو حصو رهيا آهن ۽ اڃا به آهن. انهن ٻيٽن کي سنڌو پنهنجي وهڪرن سان گڏ آڻيندڙ سلٽ سان تخليق ڪيو آهي. هڪ طرف طاقتور حڪمرانن سنڌو درياءَ تي ڊيم ۽ بيراج ٺاهي سنڌو جي وهڪرن کي سمنڊ ۽ ڊيلٽا ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان روڪي ڊيلٽا جي سموري حياتي ۽ اُن جي ماحوليات کي تباھ ڪيو آهي، ٻي طرف ڊيلٽا کي گھربل پاڻي ڏيڻ بدران انڊس ڊيلٽا ۾ موجود ٻيٽن کي ترقي جي نالي ۾ وڪرو ڪري اُنهن تي جديد شهر تعمير ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا پيا وڃن. اهو سلسلو گذريل ٻن ڏهاڪن کان هلندڙ آهي، جنهن جي شروعات 2000 ع ۾ ٿي جڏهن پرويز مشرف ايم ڪيو ايم سان گڏجي سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ صدين کان وجود رکندڙ ڪورنگي ۽ ڦٽي ڪريڪ جي ڪپ تي قائم ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻن جاڙن ٻيٽن تي ٿائي حڪومت ذريعي ٽيڪنيڪل سٽي جي نالي سان هڪ جديد شهر تعمير ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو هو، جيڪو ڪن سببن جي ڪري رولڙي جو شڪار ٿي ويو. ان کانپوءِ جنرل پرويز مشرف جي ئي دور ۾ ٻيهر 2006ع ۾ دُبئي جي عمار ڪمپني کي انهن ٻيٽن جي 12000 ايڪڙ زمين وڪرو ڪئي وئي، جنهن تي عمار ڪمپني ڊائمنڊ بار آئلينڊ سٽي تعمير ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو. مهاڻن جي تنظيمن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي مزاحمت جي ڪري عمار ڪمپني ان منصوبي مان هٿ ڪڍي وئي.
هاڻ وري عمران خان جي وفاقي حڪومت، ترقي جي جادوگرن سان گڏجي سنڌ جي ساڳي سامونڊي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي جديد شهرجي تعمير جو فيصلو ڪيو آهي. پر اڃا تائيناهو واضح نه ڪيو آهي ته ٻيٽن تي جديد شهر تعمير ڪرڻ لاءِ ڪهڙي ڪمپني سان معاهدو ڪيو ويو آهي.ستم ظريجي ته ڏسو وفاقي حڪومت ماضي وانگر هن دفعي پُڻ سنڌ سرڪار سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح ڪرڻ ۽ اُنهن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي شهر اڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي حڪومت جو اهو طريقو نه رڳو ملڪي قانون ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي آهي، بلڪ گڏيل قومن جي مختلف ڪنوينشنن ۽ معاهدن جي به ڀڃڪڙي آهي، جيڪي ماڻهن جي سماجي ، اقتصادي ۽ ثقافتي حقن جي ضمانت ڏينٿا. عمران خان جي ان غير آئيني عمل سان واضح ٿي ويو آهي تههتي قانون جي حڪمراني قطعي نه آهي، ۽ حڪمرانن پاران آئين جي بار بار خلاف ورزيون روزانو جو حڪمٿي ويون آهن.
آئون ضروري ٿو سمجهان ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جي طاقتور قوتن ۽ وفاق مختلف وقتن ۾ ڪهڙن هٿڪنڊن ذريعي مختلف عالمي ڪمپنين کي ٻيٽ وڪرو ڪري جديد شهر تعمير ڪرڻ جا معاهدا ڪندا رهيا آهن. ان بابت اوهان کي پتو هوندو ته سڀ کان پهرين جنرل مشرف ۽ شوڪت عزيز ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن بابر غوري ۽ مصطفي ڪمال، پورٽ قاسم اٿارٽي ذريعي دُبئي ڪمپني عمار سان ڪراچي جا مٿي ذڪرڪيل ٻن جاڙن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ جي 12000ايڪڙ زمين معاهدو ڪري وڪرو ڪري ڇڏي هئي، جتي ڊائمنڊ بار آئي لينڊ سٽي جي نالي سان هڪ جديد شهر43 ارب ڊالر جي لاگت سان تعمير ڪرڻو هو. رسمي طور تي اتفاق ٿيل فارمولي موجب نفعي ۾ 85 سيڪڙو عمارڪمپني جو جڏهن ته پورٽ قاسم اٿارٽي جو 15 سيڪڙو حصو هوندو.معاهدي موجب عمار ڪمپني زمين تي عالمي معيار جو شهر تعمير ڪندي. جڏهن تهپورٽ قاسم ٻنهي جزائر جي 12 هزار ايڪڙ زمين تعميراتي فرم عمار کي ليز تي ڏيندو.
حيران ڪندڙ ڳالھ اها آهي ته مشرف دور جي ڪابينه جي اقتصادي رابطہ ڪميٽي اهڙو تڪڙو ۽ مشڪوڪ انداز سنڌ جي ٻيٽن تي جديد شهر ٺاهن جو فيصلو ڪيو جو سنڌ حڪومت کي ان جي باري ۾ٻڌايو به نه ويو. ان کان سواءِ انهن منصوبن جي شفافيت کي واضحڪرڻ لاءِ اخبارن ۾ آڇن جو اشتهار به نه ڏنو ويو هو. افسوس سان ٿو چوڻ پوي ته اڳوڻي سنڌ جي وڏي وزير ارباب رحيم کيسنڌ جي ٻيٽن تيعالمي معيار جي هڪ نئين شهرجي منصوبي بابت لاعلمي جو اظهار ڪيو هو. ارباب چيو هو ته هُن اهڙي منصوبي بابت ٻڌو هو پر صوبائي حڪومت کي اڃا تائين ان سلسلي ۾ اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي. سنڌ حڪومت سان منصوبي بابت اڃا تائين مشورو نه ڪيو ويو آهي ، هن چيو ته هن مسئلي کي وفاقي حڪومتآڏو اهو مسئلورکندس. پر مون کي ياد ارباب ڪو به اسٽينڊ نه ورتو هو. اصولي طور ڏٺو وڃي ته وفاقي حڪومت ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي کي قانوني ۽ آئيني طور اهو اختيار هي نه آهي ته هو عمار ڪمپني سان معاهدو ڪري سنڌ جي سامونڊي ٻن جزيرن جو وڪرو ڪري ۽ اُن تي ڊائمنڊ بار آئي لينڊ سٽي جي نالي سان جديد شهر تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏي.
اها حقيقت آهي ته آئيني ۽ قانوني طور سنڌ جا سامونڊي جزيرا سنڌ جي ملڪيت آهن ۽ جڏهن ته ڪسٽمري Customaryحق مهاڻن ۽ ماهيگيرن جا آهن، جيڪي صدين کان انهن ٻيٽن تي رهن ٿا ۽ اُتي مڇي ماري پنهنجو روزگار حاصل ڪن ٿا ۽ سنڌ حڪومت اُنهن ٻيٽن جي ڪسٽوڊين Custodianسنڀاليندڙ آهي. ان کانسواءِ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن سميت ڪيترا ئي ٻيٽ هزارين هيڪٽر تمر جي ٻيلن جي پناھ ۾ وجود رکن ٿا. اهي تمر جا ٻيلا مڇي جون نرسريون آهن. جڏهن ته ٻيٽن جي آس پاس سموريون وڏيون ننڍيون ڪريڪس ڪراچي ۽ ٺٽي جي هزارين ماهيگيرن جون مڇي مارڻ جون جڳهيون آهن. ان کانسواءِ انهن ٻيٽن جي ٻنهي پاسن کان ڪورنگي ۽ ڦٽي ٻه ڪريڪس پڻ آهن جيڪي ماهيگيرن جون اُونهي سمنڊ ۾ وڃڻ جون گذرگاهون آهن. شهر تعمير ٿيڻ سان ماهيگيرن جون مڇي مارڻ جي جڳهين سان گڏ مهاڻن جون گذرگاهون به بند ٿي وينديون.
آئون اوهان جي ڄاڻ ۾ اضافو ڪندو هلان ته اُن وقت اهو به چيو ويو هو ته اهي ٻئي ٻيٽ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ڪافي نه آهن، ان ڪري هاڪس بي جي سامونڊي پٽي جي 60000 ايڪڙ زمين تي واٽر فرنٽ شگرلينڊ سٽي جي نالي سان جديد شهر تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. اهو منصوبو به دُبئي جي بزنس هستي لمٽ ليس جي ذريعي تعمير ٿيڻو هو، جنهن جي لاءِ 24 جون، 2006ع تي اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي صدارت ۾ ميٽنگ ٿي هئي، جنهن ۾ شوڪت عزيز دُبئي ورلڊس جي منصوبي جي منظوري ڏني هئي. مون کي ياد آهي ته ڪراچي جي سٽي ضلعي گورنمنٽ جي سرڪاري ويب سائيٽ مطابق ڪراچي جي سٽي ناظم سيد مصطفيٰ ڪمال صحافين کي ٻڌايو ته هاڪس بي تي ”ڪراچي واٽر فرنٽ شوگرلينڊ جي نئين شهر جي تعمير جي ماسٽر پلان کي آخري شڪل ڏني وئي آهي ۽ اهو منصوبو 68 ارب ڊالر جي لاڳت سان تعمير ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ ناظم چيو هو ته صدر جنرل پرويز مشرف به ان منصوبي جي منظوري ڏني آهي ۽ اهو منصوبو ملڪ جو سڀ کان وڏو منصوبو هوندو، جيڪو ملڪ جي لکين ماڻهن کي روزگار فراهم ڪندو.
ڪراچي جي سامونڊي پٽي تي نئين شهر جي تعمير جي هن فيصلي سان سامونڊي ماحوليات وڏي پيماني تي تباھ ٿي ويندي. هن شيطاني منصوبي جي ڪري مقامي ماهيگير برادري جي زندگين ۽ معيشت تي انتهائي منفي اثر ٿيندا، يعني اهو منصوبو مڪمل طور تي انسانيت جي خلاف ۽ پنهنجي جوهر ۾ ناجائز آهي. آئون سمجهان ٿو ته اهڙن انسان ۽ فطرت دشمن منصوبن کي رد ڪرڻ گھرجي، جيڪي غريب ماڻهن جي زندگين ۽ معيشت جي قيمت تي ڪيا ويندا آهن. اهو سچ آهي ته جيڪڏهن ڪراچي جي انهن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي ڊائمنڊ بار آئي لينڊ سٽي جي نالي سان جديد شهر تعمير ٿيو ته غريب مهاڻن جو بنيادي ۽ روايتي روزگار جو وسيلوتباھ ٿيڻ سان گڏو گڏ سمورو سامونڊي ۽ ڊيلٽا جو ماحولياتي نظام غيرجٽادار ٿي درهم برهم ٿي ويندو. سوين فشنگ گرائونڊس مٽجي ويندا. جنهن جي نتيجي ۾ ماهيگيرن ۾ بيروزگاري جو انگ وڏي پيماني تي وڌي ويندو. تمر جا ٻيلا جيڪي اڳي ئي تيزي سان تباھ ڪيا پيا وڃن ۽ ٻيٽن تي جديد شهر اڏڻ جي ڪري اڃا وڌيڪ تباھ ٿيندا. سنڌ جي ٻيٽن تي جديد شهر تعمير ٿيڻ جي ڪري سنڌ جي سامونڊي پٽي جا لڳ ڀڳ 8 لک مهاڻا پنهنجي تاريخي روزگار مان بيدخل ٿي غربت، بک ۽ بدحالي جو شڪارٿي ويندا.
اها حقيقت آهي ته ڪراچي جي ٻيٽن جي ملڪيت جو تڪرار سنڌ حڪومت، سنڌ روينيو ڊپارٽمنٽ ۽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي وچ ۾ پهرين ڏينهن کان هلندڙ هو ته ٻي پاسي ماهيگيرن جي تنظيمن ۽ ماهيگيرن جي وڏي پيماني تي هلندڙ مضبوط مزاحمتي تحريڪ ۽ خود دُبئي جي عمار ۽ لمٽ ليس ڪمپني جي پنهنجي مالي بحران جي ڪري ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي جديد شهر ڊائمنڊ بار آئي لينڊ سٽي جي تعمير ۽ هاڪس بي تي واٽرفرنٽ شوگر لينڊ سٽي جي تعمير وارا منصوبا رولڙي جو شڪار ٿي ويا. ياد رهي ته پاڪستان نيوي به انهن ٻيٽن تي شهر تعمير ڪرڻ تي پنهنجو سخت اعتراض واريو هو ته هت شهر تعمير ٿيڻ سان ملڪ جي سالميت کي خطرو لاحق ٿي سگھي ٿو. پر اها ٻي ڳالھه آهي ته اُن وقت جي وزيراعظم شوڪت عزيز پاڪستان نيوي جي ان اعتراض کي رد ڪري ڇڏيو هو.
جيڪڏهن پاڻ غور ڪنداسين ته پتو پوندو ته 2007 ع کان وٺي 2012ع تائين ڪراچي جي ٻيٽن تي جديد شهر جي اڏاوت جو سلسلو مُڌم ٿي ويو پر وفاق ڪڏهن به سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي والار جو ارادو ترڪ نه ڪيو. ان ڪري ئي جون 2013ع ۾ پيپلزپارٽي جي دور ۾ ٻيهر ٻيٽن تي والار جو سلسلو ڪرکڻي بيهي رهيو. پر هن دفعي وفاق ۽ پورٽ قاسم، ڪراچي جي ٻيٽن تي جديد شهر اڏڻ جو معاهدو ملڪ جي تمام وڏي ريئل اسٽيٽ جي جڳن ناٿ ملڪ رياض ۽ امريڪي سيڙپ ڪار گروپ ٿومس ڪريمر جي وچ ۾ ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي عالمي سطح جو جديد شهر سيف سٽي جي نالي سان 20 ارب ڊالر لاڳت سان تعمير ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ويو. پر هن دفعي به احتجاجن جي لهر سنڌ ۾ شروع ٿي وئي. ان کانسواءِ پورٽ قاسم ملڪ رياض کي جزيرن تي جديد شهر سيف سٽي جي قابل بنائڻ لاءِ آڇن جي ذريعي بڊ به جاري ڪئي هئي، پر سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ملڪ رياض جي ان سيف سٽي جي منصوبي کي غيرقانوني قرار ڏئي اسٽي آرڊر ذريعي روڪرائي ڇڏيو.
آئون پنهنجي ڳالھه کي سهڙيندي اهو چوندس ته ماضي کان به موجوده پاڪستان جون طاقتور قوتون عمران خان جي حڪومت ذريعي سنڌ جي سمورن سامونڊي ٻيٽن تي والار جو خطرناڪ پلان ٺاهيو آهي. ان بابت وفاقي حڪومت ملڪ ۾ هڪ نئين اٿارٽي، پاڪستان آئي لينڊس ڊيولپمنٽ اٿارٽي (پي آئي ڊي اي) جي نالي سان جوڙڻ فيصلو ڪيو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته پاڪستان جي 1050 ڪلوميٽرن جي سامونڊي حد ۾ جيترا به ٻيٽ آهن، اُنهن کي ترقي جي نالي ۾ قابو ڪيو ويندو. اها اٿارٽي منسٽري آف ميري ٽائم افيئرس هيٺ ڪم ڪندي. اٿارٽي جو مقصد هوندو ته ٻيٽن جي ترقي ڪجي ۽ اُتي روڊ رستا ۽ پليون ٺاهي ۽ انهن جزيرن تي هائي رائز بلڊنگون ٺاهي انساني آبادي کي آباد ڪجي. اٿارٽي ٺاهڻ جو بل تيار ٿي چڪو آهي، جيڪو تڪڙو منظوري لاءِ اسمبلي پيش ڪيو ويندو. پر اصل ۾ وفاق جي هن سموري عمل پويان سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي والار واري سوچ آهي. جنهن جي شروعات ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻن جاڙن ٻيٽن تي اڳ ۾ ئي ٿي چڪي آهي. پر اصل ۾ پاڪستان جي آئين مطابق سامونڊي پاڻي ۾ ڪناري کان زيرو ناٽيڪل ميل کان 12 ناٽيڪل ميل صوبن جي سامونڊي پاڻي جي حد آهي. ان ڪري سمورا سامونڊي ٻيٽ صوبن جي پاڻي جي حد ۾ اچن ٿا، تنهڪري صرف سنڌ ۽ بلوچستان صوبي جي ملڪيت آهن. ان لحاظ کان هڪڙو به سامونڊي ٻيٽ وفاقي سامونڊي پاڻي جي حد ۾ نٿو اچي. ياد رهي ته 12 ناٽيڪل ميل کان پوءِ 200 ناٽيڪل ميل تائين وفاق جي حد آهي. پر صوبن کي به اها ڳالھه ڌيان ۾ رکڻ جي آهي ته صوبائي حڪومتن کي به اهو اختيا ڪونهي ته لکين مهاڻن کي بيدخل ڪري سامونڊي ٻيٽ ڪنهن ملڪ رياض کي وڪڻي ڏئي. اها حقيقت آهي ته جيڪڏهن سامونڊي ٻيٽن تي جديد شهر ٺاهيا ويا، ته ان سان لکين ماهيگيرن جو معاشي قتل ٿيندو ۽ سموري سامونڊي ماحوليات تباھ ٿي ويندي، جنهن سان وڏي تباھي اچي سگھي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *