Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_9vtdplbkda4h8v94gp5cj9hksc, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سامونڊي ٻيٽ آئيني طور ڪنهن جي ملڪيت آهن؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سامونڊي ٻيٽ آئيني طور ڪنهن جي ملڪيت آهن؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سامونڊي ٻيٽ آئيني طور ڪنهن جي ملڪيت آهن؟

وفاقي حڪومت هڪ دفعو ٻيهر سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن کي پنهنجي ملڪيت ڄاڻائي انهن کي هائوسنگ اسڪيم اڏڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن. اهڙي ڪوشش تحت صدر پاڪستان جي صدارت هيٺ “ هڪ اجلاس گورنر هائوس ۾ٿي گذريو جنهن ۾ ملڪ جي وڏن سيڙپڪارن کي گهرائي انهن کي ٻيٽن تي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ همٿايو ويو. جيئن ته ملڪ جي آئين ۾ صدر مملڪت کي رياست جي سربراهه ۽ وفاق جي ايڪي جي علامت طور ڄاڻايو ويو آهي. تنهن ڪري اهو نه وفاق لاءِ ڪو سٺو سنوڻ آهي ۽ نه ئي صدر مملڪت جي آفيس جي وقار مطابق آهي ته هو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ هڪ تڪراري مسئلي تي ٻيٽن جي غيرآئيني دعويٰ لاءِ راهه هموار پڻ ڪري تاريخي طور ڏسجي ته هي ڪو پهريون دفعو ناهي جو وفاقي حڪومت سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن کي پنهنجي ملڪيت ڄاڻائي ان تي اڏاوت جون تياريون ڪيون هجن پر هر دفعي کين سنڌ جي ماڻهن جي مضبوط رد عمل ڪري پوئتي هٽڻو پيو آهي. اچو ته ملڪي ۽ بين الاقوامي قانونن کي سامهون رکندي ڏسون ته آخر سامونڊي ٻيٽ ڀنڊار ۽ ڏنگي ڪنهن جي ملڪيت آهن ۽ ڇا اهڙي ملڪيت واري حق جي باري ۾ ڪو ابهام به آهي ڇا؟ جو وفاقي حڪومت باربار ٻيٽن کي پنهنجي ملڪيت ڄاڻائي پئي ۽ انهن تي شهر اڏڻ جا سانباهه پئي ڪري.
ملڪي ۽ بين الاقوامي قانون
ملڪي آئين جو آرٽيڪل 172 ملڪيتن جي باري ۾ آهي جنهن جي شق نمبر هڪ ڪجهه هن ريت آهي:
1.Any property which has no rightful owner shall, if located in a Province, vest in the Government of that Province, and in every other case, in the Federal Government.
2 . All lands, minerals and other things of value within the continental shelf or underlying the ocean [beyond] the territorial waters of Pakistan shall vest in the federal Government.
1-ڪابه ملڪيت جنهن جو ڪو به قانوني حقدار ناهي جيڪڏهن ڪنهن صوبي جي حدن ۾ آهي ته ان صوبي جي حڪومت جي ليکي ويندي ۽ ٻئي هر صورت ۾ وفاقي حڪومت جي ليکبي.
2-سموريون زمينون، معدنيات ۽ ٻيون قيمتي شيون جيڪي ڪانٽينيٽل شيلف اندر هجن يا سمنڊ جي اندر پاڪستان جي علائقي پاڻي کان ٻاهر هجن ته اهي وفاقي حڪومت جي ملڪيت ليکبيون)
ان ڳالهه کي مڪمل طور سمجهڻ لاءِ اچو ته پهريان سمجهون ته ڪانٽينيٽل شيلف (continental shelf) ۽ علائقائي پاڻي (Territorial waters) جو مطلب ڇا آهي تڏهن ئي ڳالهه مڪمل طور سمجهه ۾ ايندي.
ڪانٽينيٽل شليف (continental shelf)
جيئن اسان کي خبر آهي ته اسان جي ڌرتي تي سمنڊ کان علاه جيڪي خشڪي جا ٽڪرا آهن سي اصل ۾ مختلف حصن ۾ آهن ۽ سمنڊ جي پاڻي ذريعي هڪ ٻئي کان الڳ ٿيل آهن ۽ انهن حصن کي اسين مختلف کنڊن جي صورت ۾ سڃاڻندا آهيون. هاڻي خشڪي جو ڪوبه ٽڪرو صرف ايترو نه هوندوآهي جيترو نظر اچي ٿو بلڪه ان جو ڪجهه حصو سمنڊ جي اندر به هوندو آهي. زمين جي هر تري يا کنڊ جو اهو ٽڪرو جيڪو خشڪي سان ڳنڍيل هجي پر سمنڊ جي پاڻي هيٺ هجي ان کي ڪانٽينيٽل شيلف چئبو آهي . سمنڊ جي عالمي قانون مطابق هر ملڪ جنهن کي سمنڊ ڪنارو آهي ان کي پنهنجي ڪانٽينيٽل شيلف ۾ موجود سمورين قدرتي وسيلن کي استعمال ڪرڻ جو حق ڏنل آهي،
علائقائي پاڻي (Territorial waters)
علائقائي پاڻي مان مراد ڪناري کان سمنڊ جي اندر تائين اها حد آهي جنهن تي ڪنهن به ملڪ جي خود مختياري جو اختيار آهي. گڏيل قومن جي سمنڊ بابت قانون جي ڪنويشن جي ڀاڱي ٻئي جي شق 2 جي آرٽيڪل 3 ۾ ڏنل آهي ته ڪنهن به ملڪ جي علائقائي پاڻي جي حد سمنڊ اندر 12 ناٽيڪل ميلن تائين هوندي آهي پاڪستان هن ڪنويشن تي 10 ڊسمبر 1982 ع تي صحيح ڪئي آهي. تنهن ڪري ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پابند آهي. اهڙي طرح خبر پئي ته سمنڊ اندر مالڪي وارا حق ٻه طرفا آهن هڪ گڏيل قومن جي ڪنويشن تحت اسان جي ملڪ جا دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ حق ۽ ٻيا وري ملڪي آئين تحت ملڪ جي مختلف ايڪائين ۽ وفاق جا پاڻ ۾ ورهايل حق هاڻ جيڪڏهن آئين جي آرٽيڪل 172 جي شق 2 ڏانهن اچجي ته ان ۾ مٿيان حق ٻئي حق ٻڌايل آهن، پهرين حصي ۾ ٻڌايل آهي ته پاڪستان کي پنهنجي ڪانٽينينٽل شيلف ۾ سمورين قدرتي وسيلن تي حق آهي ۽ ٻئي حصي ۾ ملڪي آئين وفاقي حڪومت کي سمنڊ اندر صرف ان زمينن، معدنيات۽ ٻين قيمتي شين تي حق ڏيئي ٿو. جيڪي اسان جي علائقائي پاڻي يعني 12 ناٽيڪل ميلن کان اڳتي يا ٻاهر هجن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته علائقائي پاڻي جي اندر جيڪا به ملڪيت آهي اها آئين جي آرٽيڪل 172 جي شق هڪ تحت صوبي جي ملڪيت آهي، جئين ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ علائقائي پاڻي جي حدن اندر آهن. ان ڪري اهي سنڌ صوبي جي ملڪيت آهن، ملڪي ۽ بين اقوامي قانونن جي جائزي مان خبر پئي ته سامهون ٻيٽ واضح طور تي ۽ بغير ڪنهن ابهام جي سنڌ جي ملڪيت آهي ۽ وفاقي حڪومت جي ٻيٽن بابت دعويٰ ملڪي آئين ۽ بين اقوامي قانون جي انحرافي آهي.
وفاقي حڪومت جي دعويٰ
وفاقي حڪومت دعويٰ ڪئي آهي ته ڀنڊاڙ ۽ڏنگي ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي ملڪيت آهن ۽ ان جي وفاقي اداري وفاقي حڪومت کي انهن ٻيٽن تي هائوسنگ اسڪيم ٺاهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. تنهن ڪري وفاقي حڪومت جلد قانون سازي ڪري ٻيٽن تي اڏاوت جو ڪم شروع ڪندي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته وفاقي حڪومت جي دعويٰ جو هر هڪ نڪتو، غير آئيني آهي . منهنجي خيال ۾ اصل آئيني صورتحال هن ريت آهي:
(1)پورٽ قاسم اٿارٽي آئيني طرح وفاقي حڪومت جي اختيار ۾ نه آهي.
(2)ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ پورٽ قاسم اٿارٽي جي ملڪيت ناهن.
(3)وفاقي حڪومت کي اختيار ناهي ته اها آئيني طور سنڌ جي ملڪيت جي باري ۾ ڪو فيصلو ڪري يا قانون سازي ڪري،
(4)اچو ته مٿين سمورن نقطن جو وضاحت سان جائزو وٺون. آئين جي چوٿين شيڊيول ۾ ڏنل وفاقي ليجسليٽو لسٽ جا ٻه ڀاڳا آهن. پهرين ڀاڳي ۾ 59 اسم ڏنل آهي . جن جي باري ۾ قانون سازي ڪرڻ جو اختيار وفاقي حڪومت آهي جڏهن ته ٻئي ڀاڱي ۾ 18اسم ڏنل آهن جن جو انتظام ۽ اختيار آئين جي آرٽيڪل 154 تحت مفادِ عامه جي ڪائونسل کي ڏنل آهي. انهن 18 اسمن ۾ 5 نمبر تي وڏيون بندرگاهون، انهن بندرگاهن جي اعلان جي حدبندي ۽ انهن بندرگاهن جي متعلق اٿارٽي ٺاهڻ ۽ ان کي اختيار ڏيڻ جو اسم شامل آهي. پاڪستان ۾ 3 وڏيون بندرگاهون آهن. ڪراچي بندرگاهه، گوادر بندرگاهه ۽ محمد بن قاسم بندرگاهه جي معاملن کي هلائڻ لاءِ پورٽ قاسم اٿارٽي آهي ، پورٽ قاسم اٿارٽي ايڪٽ 1973 ع تحت ٺاهي وئي. تنهن ڪري پورٽ قاسم ۽ ان کي هلائڻ لاءِ پورٽ قاسم اٿارٽي جو انتظام ۽ اختيار آئين جي آرٽيڪل 154 تحت مفاد عامه جي ڪائونسل جي اختيار ۾ آهي ۽ انهن جي باري ۾ ڪا پاليسي ٺاهن جو اختيار صرف ۽ صرف مفادِ عامه جي ڪائونسل کي آهي. وفاقي حڪومت جو آئين موجب پورٽ قاسم اٿارٽي تي ڪوبه اختيار نه آهي پر افسوس جو وفاقي حڪومت آئين جي انحرافي ڪندي نه صرف مفادِ عامه جي ڪائونسل جي اختيار هيٺ اسمن تي اختيار استعمال ڪري رهي آهي پر ايتري حد تائين جو اها صوبائي اسمن تي به پنهنجا اختيار استعمال ڪندي انهن متلعق وزارتون هلائي رهي آهي جيڪا آئين جي کلي لتاڙ آهي. بهرحال ٻيٽ جي معاملي ۾ وفاقي حڪومت جي دعويٰ جو بنياد ئي غلط آهي ته پورٽ قاسم اٿارٽي وفاقي حڪومت جو ادارو آهي.
پورٽ قاسم اٿارٽي: پورٽ قاسم اٿارٽي ايڪٽ 1973ع تحت وجود ۾ آئي آهي جنهن جي شق 3 تحت وفاقي حڪومت کي اختيار ڏنل هو ته پورٽ قاسم جي حدن جو تعين ڪري پر ارڙهين ترميم کان پوءِ اهو اختيار آئين جي آرٽيڪل 154 تحت مفادِ عامه جي ڪائونسل وٽ آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي آئين کي پورٽ قاسم اٿارٽي ايڪٽ 1973ع سميت ملڪ جي هر قانون مٿان فوقيت حاصل آهي تنهنڪري هاڻي پورٽ قاسم جي حدن جي تعين اختيار وفاقي حڪومت کان مفاد عامه جي ڪائونسل ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا مفاد عامه جي ڪائونسل ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽن کي وفاقي حڪومت حوالي ڪري سگهي ٿي ؟ جواب آهي ته ڇاڪاڻ ته مفاد عامه جي ڪائونسل کي پورٽ قاسم جي حدن جي تعين جا اختيار پورٽ قاسم اٿارٽي ايڪٽ 1973ع ڏنا آهن. جڏهن ته ٻيٽن کي سنڌ جي ملڪيت آئين جي آرٽيڪل 172 ڄاڻائي ٿو. تنهن ڪري ڪو به ادارو ڪنهن به قانون تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي آئين ۾ طئي ٿيل مسئلن کي ڇيڙي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته ملڪ جو آزاد ترين قانون ملڪ جو آئين آهي تنهنڪري ثابت ٿيو ته نه سامونڊي ٻيٽ پورٽ قاسم جي ملڪيت آهن ۽ نه ئي پورٽ قاسم يا ان تي اختيار استعمال ڪندڙ ادارو سامونڊي ٻيٽن بابت ڪو فيصلو ڪري سگهن ٿا. جيستائين وفاقي حڪومت جو قانونسازي ڪرڻ جو اختيار آهي ته اهو اسان هنن صفحن ۾ پهرين به ٻڌائي چڪا آهيون ته وفاقي سرڪار جو قانونسازي جو اختيار صرف انهن اسمن تائين محدود آهي جيڪي وفاقي ليجسليٽو لسٽ جي ڀاڳي پهرين ۾ ڏنل آهن. وفاقي سرڪار آئيني طور تي سنڌ جي ملڪيت ڄاڻايل ٻيٽن بابت ڪابه قانونسازي ڪرڻ جي مجاز نه آهي. وفاقي حڪومت پاران اهڙي ڪابه قانوسازي غير آئيني ۽ سندس آئين اختيارن کان تجاوز هوندو.
نتيجو
ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ سمنڊ ۾ پاڪستان جي علائقائي پاڻي جي حد يعني 12 ناٽيڪل ميلن جي اندر آهي تنهن ڪري اهي آئين جي آرٽيڪل 172 مطابق وفاقي حڪومت جي نه بلڪه سنڌ جي ملڪيت آهن. اهي ٻيٽ نه وفاقي حڪومت ۽ نه ئي پورٽ قاسم اٿارٽي جي ملڪيت آهن، تنهن ڪري ٻنهي ٻيٽن بابت فيصلا ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي. ٻيٽن بابت ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جو اختيار صرف ۽ صرف سنڌ حڪومت جو آهي. تنهن ڪري ڪو به وفافي ادارو يا وفاقي حڪومت يا ڪو ڪو به آئيني عهديدار جيڪڏهن سنڌ جي آئيني ملڪيت ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت ڪندو ته اها آئين سان انحرافي هوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *