تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

سانوڻي جي وڌيڪ وسڪارن لاءِ سنڌ حڪومت تيار آهي ؟

هن ڀيري سانوڻ جي وسڪارن ماڻهن جو واقعي ئي ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن به سانوڻ جي وڌيڪ وسڪاري جي اڳڪٿي ٿئي ٿي ماڻهو پريشان ٿي ٿا وڃن ته خير سان اهو وسڪارو گذري وڃي.موسميات کاتي جي اڳڪٿين باوجود ماڻهو انتظامي نااهلي جي سزا ڀوڳي رهيا آهن.اڃان تائين ڪجهه ڏينهن اڳ وارن وسڪارن جو گهڻن هنڌن تان پاڻي ناهي نڪري سگهيو ته مٿان وري ٻيا وسڪارا اچڻ لاءِ تيار بيٺا آهن.سنڌ جي ڪجهه علائقن ۾ برساتن جيڪا تباهي آندي آهي، جيڪڏهن موسميات کاتي جي اڳڪٿين کي نظر ۾ رکي انتظاميا تياري ڪري ها ته شايد ايڏي وڏي پئماني جي تباهي جو منهن نه ڏسڻو پوي ها. اها ته پوءِ خبر پئي ته سنڌ جي ڪنهن به هنڌ تي انتظاميا نالي ڪا شيءَ چڻ هئي ئي ڪانه. وڏو وزير ۽ ڪجهه صوبائي وزير مختلف هنڌن جا دورا ته ڪندا رهيا پر جيڪا ذميواري آبپاشي کاتي،مڪاني ادارن جي ڪامورون ۽ ضلعي انتظاميا کي پوري ڪرڻ گهرجي جيڪي هر وقت سر زمين تي موجود هجڻ گهرجن ۽ وسيلا به انهن جي هٿ وس آهن اها پوري ڪندي نظر نه آيا. وڌ ۾ وڌ جڏهن وڏو وزير يا ڪو صوبائي وزير ڪٿي دورو ڪري پيو ته اهي رڳو پروٽوڪول لاءِ اتي موجود هوندا آهن انهن جي واپسي کانپوءِ ڪاري وارا ڪک.
هاڻي وري برسات جي هڪڙي ٻي لهر جي اڳڪٿي آهي جيڪا گذريل وسڪارن جهڙي ٿي سگهي ٿي، ڇا سنڌ حڪومت پوين وسڪارن ۾ ٿيل انتظامي ڪوتاهين کي نظر ۾ رکي هاڻي هنن وسڪارن لاءِ ڪي خاص هدايتون جاري ڪيون آهن ،ڇا جنهن جنهن علائقن ۾ اهي وسڪارا ٿيڻا آهن انهن هنڌن تي شاخن ،واهن تي ڪي ايمرجنسي ۾ اپاءُ ورتا ويا آهن يا شهرن ۾ ڊرينيج جي نالن لاءِ مڪاني کاتا ڪي ڪم ڪندي نظر اچن ٿا؟ ڪراچي جا نالا ته ٿي ويا اين ڊي ايم اي جي حوالي ڇاٻين شهرن ۽ ننڍن شهرن ۾ پاڻي جي نيڪال جو مسئلو ته پيدا نه ٿيندو ان لاءِ مڪاني کاتي وارن ڪا اک کولي آهي يا اڃان به پوين وسڪارن وانگر تباهي کان پوءِ انتظاميا يا حڪومت متحرڪ ٿيندي. اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته حڪومت يا انتظاميا حالتن کي آخر اهڙي هنڌ تائين ڇو وٺي ويندي آهي جو هر ڪم ايمرجنسي ۾ ڪرڻو پوندو آهي. ڇا آبڪلاڻي جي موسم ڪا اوچتو ايندي آهي، انهي ۾ ئي ته آبپاشي نظام جي صفائي، واهن شاخن جي بندن جي مرمت هر سال پنهنجي وقت تي ڪرڻي هوندي آهي پوءِ ڇو اها نه ٿي سگهندي آهي؟ ويجهي ماضي تائين ته ايئن ئي ٿيندو رهيو آهي ته هر کاتو ۽ ان سان لاڳاپيل انتظاميا اڳواٽ پاڻمرادو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيندا هيا،پر هاڻي خبر ناهي ڇو حڪومت کان وڌيڪ انتظامي اهلڪار ستا پيا آهن جو مڪاني کاتي ۽ آبپاشي کاتي جا ڪامورا وزرين جي اچڻ کانسواءِ پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن. ڇا اهو به وڏي وزير جو ڪم آهي ته هر شهر جي نالي جي صفائي لاءِ پاڻ بيٺو هجي پوءِ مڪاني کاتي جا ڪامورا ڪهڙي ڪم جي عوامي ناڻي مان پگهار ۽ ٻيون مراعتون کڻي رهيا آهن ،ڇا اهو آبپاشي وزير جو ڪم آهي ته هر شاخ جي بند جي مرمت لاءِ پاڻ موجود هجي پوءِ بيلدار کان وٺي،داروغي ،ايس ڊي او .انجنيئر،ايڪسين، ايس اي جي فوج ظفر موج ڪهڙي ڪم لاءِ ڀرتي ٿيل آهي.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ ۾ برساتن يا سوڪهڙي ۾ جيڪا به تباهي ٿئي ٿي اها انتظامي نااهلي جو نتيجو آهي،انهي ۾ ضلعي انتظاميا کان وٺي سمورن کاتن جي ڪامورن جو قصور آهي جيڪي پنهنجو فرض صحيح نموني ادا نه ٿا ڪن ايئن کڻي چئجي ته انتظاميا جو ڄڻ وجود ئي نه رهيو آهي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت انهي کي متحرڪ ڪري سگهي آهي. جيڪڏهن هر ڪم وزيرن ۽ وڏي وزير جي موجودگي ۾ ئي ٿيڻو آهي ته پوءِ سنڌ جا مسئلا ڪڏهن به حل ٿي نه سگهندا اصل ڪم انتظاميا جي ڪن مهٽ ڪرڻ ۽ انهن کان پنهنجو ڪم وٺڻ جي ضرورت آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *