Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_k734v9uidhukf1fbj0ana4hlet, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*
  • *جوهي ۾ پٽ پاران پيرسن امڙ کي تشدد جو نشانو بڻائڻ واري معاملي جو ايس ايس پي دادو نوٽيس ورتو *ايس ايس پي دادو جي هدايت تي جوهي پوليس جي ڪارروائي گرفتاري نه ٿي سگهي *دادو: پٽ کي معاف ڪيو آهي، کيس گرفتار نه ڪيو وڃي: پيرسن مسمات مريم جون پوليس کي منٿون*

سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا

جڏهن ماڻهو مهانگائي ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي ٻاهر نڪرندا آهن ته پوءِ انهن کي ڪنهن به طاقت يا جبر سان روڪڻ ممڪن نه هوندو آهي،ماڻهو هر شيءَ تي سمجهوتو ڪري سگهي ٿو،ڪنهن به معاملي تي ماٺ ڪري سگهي ٿو پر جڏهن مسئلو ۽ معاملو پيٽ سان ڳنڍيل هجي ٻن ويلن جي بندوبست جو هجي ته پوءِ ڪا به طاقت ان کي روڪي نه ٿي سگهي نه ئي ماٺ ڪرائي سگهي ٿي تڏهن شيخ اياز جهڙي شاعر به ماڻهن جي اندر جي ترجماني ڪندي چيو هو ته
سدا آهي ساهه کي ڳڀي جي ڳولا
ڍوءُ بنا ڍوليا ناهي ساڃهه سونهن جي
اهو ڳڀو ئي آهي جيڪو انسان کي مشقت تي مجبور ڪري ٿو, اهو ڳڀو ئي آهي جنهن لاءِ دنيا هڪٻئي آمهون سامهون هوندي آهي ڪنهن کان ڳڀو کسڻ ان کان ان جي حياتي کسڻ برابر آهي پر خبر ناهي اسان جي حڪمرانن کي اها ڳالهه ڪڏهن سمجهه ۾ ايندي ته عوام کي نپوڙڻ سان انهن ۾ حڪمرانن خلاف هڪڙي حقارت پيدا ٿئي ٿي جيڪا يڪدم ته نظر نه ٿي اچي پر ڪنهن آتش فشان وانگر هوندي آهي جيڪا اندر ئي اندر پچي, رجي رهي هوندي آهي ۽ ڪنهن به وقت ڦاٽي سگهي ٿي.
گذريل ٻن سالن کان عوام لاءِ ڪابه خير جي خبر نه آئي آهي. انهي عرصي ۾ بيروزگاري کان وٺي غربت ۾ جيڪا واڌ ٿي آهي ان جو اڳ ۾ ڪو مثال ملڻ مشڪل آهي ،هزارين ماڻهن کان معيشت متاثر ٿيڻ ڪري روزگار کسجي ويا،عام استعمال جي شين ۾ جيڪا ڳاٽي ٽوڙ واڌ ٿي آهي عام ماڻهو ته ٺهيو وچين درجي وارا ماڻهو به ان جو بار کڻڻ کان قاصر آهن. انهي صورتحال ۾ نيپرا 83 پئسا في يونٽ بجلي جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن جنهن جي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪابينا منظوري ڏني هئي.گذريل بجيٽ ۾ پگهارون نه وڌائڻ سبب اڳ ئي ماڻهن ۽ خاص ڪري سرڪاري ملازمن ۾ هڪڙي ڪاوڙ واري ڪيفيت هئي مٿان روز روز جي مهانگائي ۽ گئس کان وٺي بجلي جي قيمتن ۾ واڌ عام ماڻهو کان ڄڻ ته ٻن ويلن جي ماني به کسي ورتي آهي ،دوائن جي قيمتن ۾ واڌ واري ڪهاڻي ان کان الڳ آهي ،اٽو جيڪو 50 رپين تائين موجود هو اهو هاڻي 70 رپيا ڪلو تي وڃي پهتو آهي سبزين کان وٺي دالين جي قيمتن کي ڄڻ باهه لڳل آهي جو غريب ماڻهو ان کي ڇهندي سڙي رهيو آهي،سبزي به ماڻهن جي کائڻ کان مٿي چڙهي وئي آهي پر حڪومت انهن شين کان بي نياز ٿي نيرو واري بانسري وڃائي رهي آهي ۽ راوي چين ئي چين لکي رهيو آهي جو اوچتو اوچتو بجلي جا اگهه وڌائڻ جو فرمان به جاري ٿي ويو .
حڪومتن جو فرض هوندو آهي ته ملڪي معيشت جي متاثر ٿيڻ جو گهٽ ۾ گهٽ بار عوام تي وڌو ويندو آهي پر هتي ته قصو ئي ابتو آهي معيشت کي سنڀالڻ جو هر بار عوام جي انهي کيسي تي وڌو پيو وڃي جيڪو پنهنجي خاندان جي ٻن ويلن جو بندوبست ڪرڻ ۾ ئي سوڙهو آهي، اسلام آباد ۾ سرڪاري ملازمن جو احتجاج انهي تنگي کي ظاهر ڪري رهيو آهي.
اسان سمجهون ٿا ته عوام مهانگائي جو وڌيڪ بار برداشت ته ڪرڻ ڇا اڳ ئي ٿيل مهانگائي برداشت نه پيو ڪري سگهي ان ڪري نه رڳو بجلي جي اگهن ۾ واڌ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي پر ان سان گڏ مهانگائي جي طوفان کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اهڙيون پاليسيون جوڙيون وڃن جيئن گهٽ ۾ گهٽ عام استعمال جي شيون پنهنجي پراڻي پوزيشن تي واپس اچن ۽ ماڻهو مجبور ٿي حڪومت خلاف روڊن تي نه نڪرن .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *