Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_h61lera1nnrfdmtfps7m6klmqg, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سرداري نظام کي للڪاريندڙ ام رباب - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سرداري نظام کي للڪاريندڙ ام رباب - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

سرداري نظام کي للڪاريندڙ ام رباب

ام رباب چانڊيو هن وقت رڳو ميهڙ جي ٽن شهيدن جي نياڻي نه رهي آهي پر پنهنجي ٽن گهر ڀاتين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جاکوڙ ۽ سنڌ جي سرداري نظام خلاف جدوجهد ڪرڻ سبب سنڌ جي نياڻي جو لقب ماڻي چڪي آهي. سرداري نظام جنهن خلاف بغاوت ڪرڻ ڪري سندس ڏاڏي والد ۽ چاچا کي صبح جو روشن سج اڀرندي ئي ڏينهن ڏٺي جو  قتل  ڪيو ويو ان جي قاتلن جي گرفتاري ۽ انهن کي سزا ڏيارڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهي آهي. اها سنڌ جي نياڻي سنڌ جي انتهائي طاقتور سردارن جي عوام ۽ سنڌ دشمن سرداري نظام کي ڊاهڻ لاءِ اڪيلي سر پنهنجي خاندان جي سمورن ڀاتين سان گڏ وڙهي رهي آهي. سنڌ جي نياڻي ام رباب چانڊيو  جنهن بهادري سان پنهنجي گهر ڀاتين جي قاتلن ۽ طاقتور سردارن ۽ سرداري نظام خلاف  هر فورم تي ڳالها ئي رهي آهي ان جي آواز کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ جي حق پرست ماڻهن کي روڊن  تي اچي هڪ ڏينهن  ام رباب چانڊيو جي جدوجهد  سان يڪجهتي ڪرڻ لاءِ ملهائڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ ۾ ڪيترن ئي وڏيرن، سردارن ۽  جاگيردارن ھٿان  ظلم جو شڪار ٿيل مظلوم خاندان انصاف نه ملڻ ڪري دانهون ۽ احتجاج ڪري ماٺ ويهڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا  پر 21 سالن جي ننڍي عمر جي هن نياڻي ام رباب  پوري پاڪستان تائين پنهنجي احجاج جو آواز پهچايو آهي.
ھزارين مظلوم خاندان هن دادو ضلعي ڇا پر پوري پاڪستان ۾ موجود آھن پر سندن سان ٿيل ظلم جي  ڪنھن کي خبر به نه آھي پر ام رباب چانڊيو جي خاندان سان ٿيل ظلم هاڻي پاڪستان جي هر ماڻهو جي زبان تي آهي اهو ام رباب چانڊيو جي مسلسل  جدوجهد ڪرڻ ۽ بهادري سان پنهنجي موقف تي بيهڻ ڪري ممڪن ٿي سگهيو آهي.  ملڪ جي ھر فرد کي خبر آھي ته سالن کان ظالم ڪير ۽ مظلوم ڪير رھيو آھي ان لاءِ اسانجون قوم پرست سياسي پارٽيون، ڪميونسٽ پارٽي به ظالمن جي خلاف ۽مظلومن جي حق ۾ جدوجهد ڪئي آهي ۽ اڃان به ڪري رهيون آهن پر ام رباب چانڊيو جنهن پنهنجي زندگي کي داءُ تي لڳائي ۽ خاندان مان خوف ختم ڪري جنهن نموني سرداري نظام ۽ سردارن خلاف ويڙهه وڙهي آهي اها ويڙهه ڪميونسٽن۽ قوم پرستن جي ويڙهه کان به طاقتور ويڙ هه ٿي اڀري آهي وڙهي. هڪ طرف ام رباب چانڊيو ۽ انجا ساٿي آهن ته ٻئي پاسي سنڌ جا طاقتور سردار ۽ طاقتور سياسي پارٽي پيپلز پارٽي آهي. جڏهن پاڪستان جي انصاف ڏيندڙ سڀ کان وڏي اداري سپريم ڪورٽ جي حڪم تي آءِ جي سنڌ ام رباب جي ٽن گهر ڀاتين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس کي تحرڪ ۾ آندوآهي ته اهي ڌريون مظلوم نياڻي سان گڏ بيهڻ بدران انهن طاقتورن جي حمايت ڪري رهيون آهن جن تي قاتلن جي پٺڀرائي جا الزام لڳندا رهن ٿا. ام رباب ۽ ان جاساٿي پنھنجي علم ۽ عقل جي آڌار سمجھن ٿا ته تاريخ ۾ سچ جو ساٿ ڏيندڙ ئي تڪليفن ۾ ھوندا آھن ۽ تاريخ ياد به بھادرن کي ڪندي آهي  بزدلن کي ياد نه ڪندي آهي. سچ ته اھو آ هي ته ام رباب چانڊيو سان هم آواز ٿي سردارن ۽ سرداري نظام خلاف  ڳالهائيندڙن جو تعداد ظاهري طور ٿورو نظر اچي ٿو  پر سچ ڄاڻو پورو  پاڪستان ام رباب چانڊيو جي جدوجهد جي اخلاقي طور حمايت  ڪري ٿو، بس مخالف ڌر جي حمايت ان ڪري  آھي  ڇو جو ماڻھن اندر جيڪا پنھنجي وڏن کان خوف واري بيماري دماغ اندر سالن کان ويٺل آهن، اها کين سرداري ۽ سرداري نظام خلاف ام رباب جيان کليل نموني ڳالهائڻ جي سگهه نٿي ڏئي.  جڏهن ته هو ڄاڻن ٿا ته ام رباب چانڊيو  کي يتيم ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏو ھٿ  سردارن  ۽ سرداري نظام جو ئي آھي، جنهن خلاف سندس شهيد والد مختيار احمد چانڊيو، چانڊيا تمندار ڪائونسل جوڙي بغاوت جو اعلان ڪيو هو ان ڪري اڄ جڏهن ام رباب چانڊيو انهي سرداري نظام خلاف (جنهن  کي هو پنهنجي خاندان جي قتل جو ذميوار سمجهي ٿي )  فيصلائتي ويڙهه ۾ داخل ٿي چڪي آهي ته سنڌ جي حق پرست عوام کي هن مظلوم نياڻي جو ساٿ ڏيڻ لاءِ روڊن تي نڪري هن سان يڪجهتي ڪرڻ گهرجي ۽ هي آواز بلند ڪرڻ گهرجي ته ام رباب چانڊيو جي خاندان سان ٿيل ناحق جو انصاف ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *