تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سرداري پڳ ۾ ڦاٿل سنڌي سماج ۽ جديد دور جون تقاضائون

هاڻي جڏهن گهوٽڪي جي مهرن وچ ۾ سرداري پڳ تان شروع ٿيل اختلاف اڃان ختم نه ٿيا آهن ته وري جيڪب آباد جي پنهور سئوٽن وچ ۾ سرداري پڳ تان سندرا ٻڌڻ جون خبرون ميدان تي اچي رهيون آهن. تازوئي منظرعام تي آيل انهن سرداري پڳن تان ٿيل اختلافن ۾ عوامي دلچسپي ڏسي مونکي ايئن لڳي ٿو ته سنڌي سماج صرف ٽڪ ٽوڪ جي وڊيوز ۽ فيس بڪ جي ڪوڙين آئيڊين تان هڪٻئي جي ڄنڊاپٽ ڪرڻ جي حد تائين ته ڊجيٽل دور ۾ ضرور داخل ٿيو آهي پر پنهنجي اصلي جوهر ۾ اڃان به ان بدبودار جاگيرداراڻي نظام اندر جڪڙيل آهي جنهن مان دنيا جا باقي معاشرا ڪيئي صديون اڳ جند آجي ڪرائي چڪا آهن.سنڌي سماج جو اهو ڪيڏو نه وڏو الميو آهي جو جن سوشل سائنسدانن کي هن وقت ويهي ان جاگيرداراڻي روش جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ گهرجي اهي پاڻ ڪروڙن جي ڪرپشن ڪيسز کي منهن ڏئي رهيا آهن ته اهي عام پڙهندڙن کي ڪهڙا سماجي تضاد سمجهائي سگهندا. انهن عالم سڳورن جي ڪرپشن ڪهاڻين کي ڏسي لڳي ٿو ته اڳتي هلي اهي به ڪنهن نه ڪنهن برادريءَ جا سردار ضررو ٿي ويندا ڇو ته هاڻي جيڪو معاشرو جڙي رهيو آهي ان ۾ دولت ئي ماڻهو جي عزت، احترام ۽ ذهين هجڻ جو فيصلو ڪندي.هونئن به روز بروز پٺتي ويندڙ اسان جي سماج اندر هاڻي سردار ٿيڻ ڪو خانداني پسمنظر جو مسئلونه رهيو آهي جنهن وٽ جيتري دولت جمع ٿيل آهي ان جي سهاري هو پنهنجي برادريءِ جي ڪنهن نه ڪنهن پاڙي جو سردار ٿي سگهي ٿو. اهڙي ئي هڪ لطيفي جهڙي حقيقي ڳالهه اسان جو دوست ٻڌائيندو آهي ته انهن جي برادريءَ جو هڪ ماڻهو اچانڪ امير ٿي ويو ۽ اهو اچانڪ امير ٿيڻ سنڌ ۾ ڪو مسئلو به ناهي، سو ان امير شخص ويهي پنهنجي ذاتي ڪمدارن سان صلاح ڪئي ته الله جو ڏنو گنج آهي سکيا ستابا آهيون پر پنهنجي راڄ ۾ اها لئه ناهي.جنهن تان سندس هڪ ڪمدار کيس اهڙي صلاح ڏني جو سموري راڄ کي رات پيٽ وچ ۾ ائين ڪٺو ڪيائين جيئن گوهر پيليس ۾ ماڻهو گڏ ٿيا.سڀني کي سٺي ماني کارائي هن آخري تقرير ڪئي ته ادا اسان ننڌڻڪا ناهيون هڪٻئي جو سهارو آهيون سڀني قومن ( برادرين) وٽ پنهنجا پنهنجا سردار آهن سو ڇو نه اسان جي برادريءَ ۾ به هڪ سردار هجي پوءِ ڀلي اهو مونکي ئي چونڊيو ته مونکي اعتراض نه هوندو.ائين ئي اهو نئون امير ٿيل شخص پنهنجي مسڪين لڏي واري برادريءَ جو پهريون سردار ٿي ويو.
هاڻي ته ڪيترائي ڀوتار هڪٻئي کي همٿائڻ خاطر اهو به چوندي ٻڌا پيا وڃن ته ابا سردار ٿيڻ صفا آسان آهي جنهن لاءِ ست وال بوسڪيءِ جو پٽڪو، پنجاهه سئو ديڳيون ڀت جون ۽ هڪ پينافليڪس تون سردار ٿي ويندين.پر ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين ڪنهن به برادريءَ جو معتبر اڳواڻ يا سردار ٿيڻ ايترو آسان نه هيو.سردارن جون ڳالهيون ڪندي مونکي مرحوم وڏيرو شاهنواز جوڻيجو ياد اچي رهيو آهي جنهن سان ٽنڊو آدم ڀرسان سندس اباڻي ڳوٺ سنجر جوڻيجو ۾ تفصيلي ڪچهريون ٿيون.نوي واري ڏهاڪي ۾ اسان اخبار لاءِ هڪ سلسلو ايئن شروع ڪيو هو جيئن هاڻي ايڪ دن جيو ڪي ساٿ جو پروگرام هلندو آهي.اهڙي انٽرويو وٺڻ خاطر هڪ پورو ڏينهن مون وڏيري شاهنواز جوڻيجي جي اوطاق تي گذاريو هو.هن پٽ تي ويهي ماڻهن جا فيصلا ڪرڻ بعد پنهنجي ڪمري ۾ ويهڻ جو اشارو ڪندي چيو هو اهو سرداري مرض سنڌ م ڏاڍو خراب لڳو آهي.هن پنهنجي پلنگ تي سيراندي کان پيل ڪلاشنڪوف هٽائي سئولو ٿي ويهندي چيو هو سنڌ ۾ سرداري رواج ناهي سنڌ ۾ وڏيرو لفظ آهي جنهنکي توهان ميڊيا وارن ايترو خوار ڪيو آهي جو هاڻي مون کانسواءِ ڪير به وڏيرو سڏائڻ لاءِ تيار ناهي.هن پنهنجي مخصوص اسٽائيل سان پنهنجي سفيد مڇن کي تاءُ ڏيندي چيو هو خدا جي ڪا مار پوي توهان جي اترادي سردارن کي جن بلوچستان جون رسمون آڻي سنڌ ۾ متعارف ڪرايون آهن.هن سان تفصيلي ڳالهين دوران وڏيري شاهنواز جو چوڻ هو ته ڪارنهن جا فيصلا، سڱ چٽي، باهه تي ساک، چور جي خون جي بها ڀاڳين کان ڀرائڻ اهي سنڌ جون رسمون ڪٿان آيون.سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڏيرا هوندا هئا جيڪي پريا مڙس يا چڱا مڙس سمجهيا ويندا هئا جيڪي ٻنهي ڌرين جو خير ڪرائي فيصلا ڪندا هئا جرڳا نه ڪندا هئا.اهي سرداري نظام اهي جرڳا ڏسي لڳي ٿو ته هاڻي ته الائي ڪٿي وڃي پهتا آهن.ان دوران اسان جي ڪچهريءَ ۾ شامل اسان جي مرحوم دوست ۽ صحافي صادق ابڙي پنهنجي مخصوص کل مک انداز سان ڳالهه اڳتي وڌائي ته چاچا هاڻي ڪلر ۽ ڪڃر جو دور اچي ويو آهي اصلي ٻجن کي ڪير پڇي ئي ڪو نه ٿو، جنهن تان سموري ڪمري ۾ ٽهڪڙو مچي ويو.
هاڻوڪي سنڌي سماج جو اهو عجيب اتفاق نه پر الميو ناهي ته ٻيو ڇا آهي جو هن ڊجيٽل دور ۾ به اسان جو سماج ڪنهن نه ڪنهن برادريءَ جو سردار ٿيڻ کي ترجيح ڏئي ٿو پر ان بيمار سماج ۾ ماڻهو ڊاڪٽر اديب رضوي ، نثار احمد صديقي يا گمس وارو ڊاڪٽر ڀٽي ٿيڻ لاءِ ذهني طور تيار ناهن.انهن جي پڳ پائڻ شايد سرداري پڳ کان ڏکي ڳالهه آهي.اهڙي بدبودار سماج ۾ توهانکي ڇا ٿو لڳي ته ايندڙ پنجاهه سالن تائين هن سماج مان ڪي آئنسٽائين پيدا ٿيندا يا اسپيس ٽيڪنالوجي جا ماهر جيڪي هن ڌرتيءَ جي بدنصيب گولي تان ماڻهن کي کڻي ٻين سيارن تائين پهچائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.اسان جو سماج روزاني جي بنياد تي ناڪارا ماڻهن ناڪارا ذهنن جون ٽرڪون ڀري اڇلي رهيو آهي جيڪي انهن سردارزادن جي بنگلن تي ويهي بريانيءَ جي هڪ پليٽ ۽ اڌ ڪوپ چانهن جي آسري ويهي فتوائون جاري ڪن ٿا ته سائين سرداري پڳ فلاڻي صاحب جو حق آهي اهو انکي ملڻ گهرجي.اها سرداري پڳ جنهن جي انگريز دور ۾ ته اهميت هوندي هئي پر هاڻي ڪا قانوني حيثيت ناهي رهي پر ذهني غلامي جو سلسلو آهي جيڪو سالن کان هلندو پيو اچي ۽ رڪجڻ جو نالو نه پيو وٺي.انگريز سرڪار سردارن کي ڪهڙيون ۽ ڪيتريون رعايتون ڏيندي هئي انهن سردارن کي سر يا خانصاحب جا خطاب ڪيئن ملندا هئا ڪيئن انگريزن جي درٻار ۾ سندن ڪرسيون لڳنديون هيون يا اگر ڪنهن سردار جي پڳ جو وزن گهٽ هوندو هيو ته کيس ڪرسي کان هيٺ منجيءَ تي ڪيئن ويهاريو ويندو هو سو تاريخ جي ڪتابن ۾محفوظ آهي صرف ان تاريخ کي پڙهڻ جي ضرورت آهي توهان ۾ اگر ٿوري به انساني ضمير جي ذري هوندي توهانکي ان سموري سرداري نظام کان بلڪل ايئن ڪراهت ايندي جيئن اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڪراهت آئي هئي ۽ هن قانوني طور اهو سرداري نظام ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو هو. سردارن جي تاريخ ۾ ان ڀٽي کي اڃان به ياد رکيو وڃي ٿو جنهن ستر واري ڏهاڪي ۾ بلوچستان جي خان آف قلات کي ڪوئيٽا جي جلسي ۾ آڻي سرعام ماڻهن اڳيان چيو هو ته سرداري نظام جي خاتمي بعد هاڻي هي خان آف قلات نه پر خادم قلات آهي ، پر هتي الميو اهو آهي جو حڪمران پنهنجي سياسي مفادن خاطر به سردار پيدا ڪري برادرين کي ورهائي راڄن جا ووٽ ٽوڙائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.اهو تاريخ جو الميو ناهي ته ٻيو ڇا آهي جو جنهن سياسي اڳواڻ ذوالفقار علي ڀٽي سرداري نظام جي خاتمي جو اعلان ڪيو ۽ بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون ان ئي اڳواڻ جي نياڻي شهيد محترمه بينظير ڀٽو لاڙڪاڻي ۾ ڀٽن جو هڪ ٻيو سردار ايئن سليڪٽ ڪرايو جيئن خانڳڙهه ۾ هاڻي علي گوهر مهر پاڻکي سردار چونڊرايو آهي.ان وقت ڀٽن جي سرداري پڳ محترمه بينظير جي سياسي مخالف ممتاز علي ڀٽي وٽ هئي جنهن جي سرداري رٽ ٽوڙڻ خاطر محترمه ڀٽي خاندان جي هڪ گهٽ ڄاتل سڃاتل نوجوان واحد بخش ڀٽو کي ڀٽن جو سردار چونڊرايو هو.
ان سرداري پڳ ۾ اهڙي ته ڪا ڪشش ضرور آهي جو اسانجي مرده سماج ۾ جڏهن سرداري سسٽم بابت ڳالهه هلي ٿي ته چڱن ڀلن جو وات پاڻي پاڻي ٿو ڪري ۽ انهن جي بيمار بدن ۾ چاڪائي اچي وڃي ٿي. سياسي ڀوتار ۽ سياستدان ته ڇڏيو پر ان سرداري نظام کان پڙهيل لکيل ماڻهو به ايترو مرعوب آهن جو هڪ ميڊيڪل پروفيسر پڻ ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي برادريءَ جو سردار ٿي وڃي باقي پوليس عملدار ته ريٽائرڊ ٿيڻ بعد پنهنجي برادرين جا آٽو ميٽڪ سردار ٿي وڃن ٿا.اهڙن پڙهيل لکيل ماڻهن جي سردار ٿيڻ وارين ڪوششن بابت هڪ ڀيري مون ٻه ڊاڪٽر هڪ وڏيرو نالي ڪالم لکيو هو ته انهن بي نام ڊاڪٽرن منجهان هڪ ڊاڪٽر ته مونکي پنجن ڪروڙن جي هرجاڻي جو نوٽيس ڏياري موڪليو هو.مون سندس جاچ جوچ ڪرڻ بعد سندس هڪ پروفيسر دوست کي چيو هو ته سائين پنهنجي دوست کي سمجهايو هن سماج ۾ پروفيسر ٿي ريٽائر ٿيڻ فخر لائق ڪم ناهي ڇا جو هو هروڀرو پنهنجي برادريءَ جي سرداري پڳ پائڻ لاءِ پريشان آهي ته هن مونکي انگريزي حوالو ڏيندي چيو هو نثار صاحب اسان ڪنهن سڌريل سماج ۾ ڪو نه پيا رهون، هي ٿيٽر آف ايبسرڊ آهي جتي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري ملڪ جي اعليٰ رتبي يعني صدر مملڪت جي ڪرسي تي ويهڻ بعد به نوابشاهه جي زردارين جو سردار ٿيڻ کي ترجيع ڏئي ٿو ته اتي ويچاري پروفيسر جي ڇا ذهني سطح وڃي بچي هوندي..سو رليڪس اهو ٿيٽر سنڌي سماج ۾ اڃان ڪجهه ڏهاڪا هلندو..

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *