Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_vraorld7ntlo83l4ocstrjosbt, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سرد موسم ۾ سياسي گرمي: اڳتي ڇا ٿيندو؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سرد موسم ۾ سياسي گرمي: اڳتي ڇا ٿيندو؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سرد موسم ۾ سياسي گرمي: اڳتي ڇا ٿيندو؟

پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ عوامي سطح تي پنهنجي طاقت ۽ سخت موقف جو مطالبو ڪندي ملڪ اندر موجود سياسي توازن کي لوڏي ڇڏيو آهي. حڪومت مخالف سياسي ڌرين رڳو عوامي سطح تي ئي نه پر پارلياماني سطح تي به مزاحمت جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اپوزيشن هڪ پاسي جسٽس فائز عيسيٰ قاضي جي خلاف صدارتي ريفرنس داخل ڪرڻ بابت صدر عارف علوي جي خلاف چارج شيٽ ٺاهي رهي آهي، جنهن جو اشارو اپوزيشن جي مکيه سينيٽر رضا رباني ڏنو آهي. ممڪن آهي ته اها چارج شيٽ اڳتي هلي صدر جو “مواخذو ڪرڻ” هٽائڻ واري تحريڪ تائين پهچي. جيڪڏهن ڳالهه مواخذي تائين نه به وڃي تڏهن به ايوان ۾ التوا جي تحريڪ يا ٺهراءُ پيش ڪرڻ تائين وڃي سگهي ٿي. ان دوران حڪومتي جماعت کي پنهنجي حڪمت عملي، ايوان ۾ ڳالهائڻ ۽ پنهنجي ميمبرن جو گهربل انگ حاضر رکڻ واري صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو. اپوزيشن جو رڳو اهو مطالبو هوندو ته قاضي فائز عيسيٰ واري ريفرنس بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرايو وڃي. ان جو منطقي نتيجو صدر عارف علوي جي خلاف ئي بيهي ٿو. قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارٽي اسپيڪر خلاف باقاعده مزاحمت جو فيصلو ڪيو آهي. ان بابت پيپلزپارٽي جي اڳواڻ نويد قمر اسپيڪر کي باقاعده آگاهي به ڏني ته ايوان کي صحيح طرح نه پيو هلايو وڃي. ان بابت سندس پارٽي ۽ اپوزيشن کيس خط لکي رهيون آهن. اسپيڪر وراڻيو ته خط لکڻ ڇڏيو، ويهي ڳالهائي ٿا وٺون. ائين ان ڳالهين جي آڇ ڪئي. پر پوءِ جيڪو ايوان ۾ ٿيو سو سڀني ڏٺو. پيپلزپارٽي جي آغا رفيع الله کي ڊپٽي اسپيڪر ايوان کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو. قومي اسيمبلي ۾ خواجا آصف ۽ ٻيا اڳواڻ سخت لهجي ۾ ڳالهائيندا رهندا آهن. پر هن ڀيري اختر مينگل به دل سان ڳالهايو. ايوان جهڙي نموني سان هليو تنهن مان لڳو ته حڪومت اتي پنهنجو دفاع نه پئي ڪري سگهي.
پي ڊي ايم ٺهڻ وقت اها ڳالهه چئي پئي وئي ته اپوزيشن کي قومي اسيمبلي توڙي سينيٽ ۾ ڳالهائڻ ۽ پنهنجي راءِ جو آزاداڻو حق نه پيو ڏنو وڃي. ان ڪري اها پارليامينٽ کان ٻاهر نڪري رستي تي آئي آهي. ڇاڪاڻ ته جهڙي نموني سان آرمي ايڪٽ ۽ ڪجهه ٻين قانونن ۾ ترميم ۽ بجيٽ منظور ڪرڻ وارا معاملا آيا ته اپوزيشن پنهنجي راءِ جو اظهار آزادي سان نه ڪري سگهي هئي. ويتر مختلف معاملن تي ڳالهائڻ جو موقعو به گهٽ پئي مليو ۽ جيڪڏهن ڳالهائڻ جو موقعو مليو به ٿي ته سندن ڳالهه کي وزن نه پئي ڏنو ويو. تجزيي نگارن جو خيال آهي جيڪڏهن مضبوط هٿ وزيراعظم عمران خان جو بچاءُ ڪرڻ ڇڏين ته اپوزيشن خود پارليامينٽ ۾ ئي سڱن تي کڻي اٿلائي سگهي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو گذريل ٻن سالن کان وٺي اهي هٿ ايوان اندر توڙي ٻاهر تحريڪ انصاف جي حڪومت کي سهارو ڏئي بيٺا آهن. جڏهن پي ڊي ايم ٺهي پئي تڏهن وزيراعظم عمران خان اهڙو اشارو ڏنو هو ته اپوزيشن احتجاج جي واٽ وٺڻ بدران ايوان ۾ اچي ڳالهائي، پر اها رڳو چوڻ جي ڳالهه هئي، ڇاڪاڻ ته جڏهن عمران ان اپوزيشن ۾ هو تڏهن هن به ائين نه ڪيو هو. هن ڪڏهن چونڊيل ايوان ڏي رجوع نه ڪيو هو.
پارليامينٽ اندر توڙي ٻاهر سياسي ماحول گرم ٿي رهيو آهي. حالتون ڪهڙي پاسي وينديون؟ ڇا ٿيندو؟ ان بابت ڪا به پختي اڳڪٿي نٿي ڪري سگهجي. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جيڪي اڃا تائين بظاهر گڏ بيٺل نظر اچن ٿيون اها گڏ بيهڻ واري صورتحال تيستائين آهي جيستائين ٻنهي جا مفاد گڏيل يا ساڳيا آهن. ان ڪري اصولي طور تي اهي ٻه الڳ الڳ ڌريون آهن. ٻئي پاسي اپوزيشن جي ٽمورتي آهي. مريم نواز (يا نواز شريف)، بلاول ڀٽو ۽ مولانا فضل الرحمان. اهي ٽئي هڪ خاص پروگرام تحت ۽ خاص وقت تائين گڏ آهن. اهي ٽئي اڳواڻ ۽ سندن پارٽيون چاهينديون حالتن کي اهڙي طرف وٺي وڃجي جنهن ۾ کين فائدو هجي. اهي ڇڪ ڇڪان ۾ اڳتي هلي شڪل ڪهڙي جڙندي؟ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. سڄي ڳالهه اها آهي ته ڪهڙا آپشن ۽ ڪيئن آهن؟ ان بابت اپوزيشن توڙي حڪومتي ڪيمپ ۾ ڪنهن وٽ به ڪو چٽو خاڪو موجود ڪونه ٿو لڳي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هي بي يقيني واري صورتحال آهي.
پي ڊي ايم سوچي سمجهي اهو ڪيو هو يا رڳو اتفاق ئي آهي جو ٽن ڪامياب جلسن کانپوءِ ٽن هفتن جي ساهي آهي، ڇاڪاڻ ته ڪوئيٽا واري 25 آڪٽوبر جي جلسي کانپوءِ ايندڙ جلسو 22 نومبر تي ٿيندو. اهي هفتا اهم به ٿي سگهن ٿا ۽ ڳرا به. هر ڪنهن ڌر کي سوچڻ جو موقعو ملي ٿو. ڪا تڪڙي سرگرمي به ڪونهي. حڪومتي ڪيمپ کي وجهه ٿو ملي ته اها اپوزيشن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري. يا وري انهن سان ڳالهيون ڪري ڪجهه معاملا اڪلائي. مضبوط ڌريون به سوچين ته اهڙو ڪهڙو آپشن ٿي سگهي ٿو جو اپوزيشن کي پرچائي سگهجي ٿو يا اهو ته اپوزيشن جيڪو سخت گير مطالبو ڪري رهي آهي، ان کي ڪيئن ۽ ڪيترو مڃي سگهجي ٿو. ڪهڙي واٽ ڪڍي سگهجي ٿي؟
عمران خان جي وزيراعظم ٿيڻ جا چار بنياد جوڙيا ويا هئا. هڪ اهو ته هو ڪرپٽ ناهي ۽ ڪرپشن ڪندڙن جو احتساب ڪندو. ٻيو هو ته باقي سياسي جماعتون ساک وڃائي ويٺيون آهن. ٽيون اهو ته ماڻهو تبديلي چاهين ٿا. ان ڪري خان صاحب تي ويساهه ڪري سگهن ٿا. چوٿون اهو ته کيس اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل آهي پر جڏهن عمل جي پٿر سان اهي خيالي بنياد ٽڪريا ته حالتون مختلف بيٺيون. خود سندس ئي ويجهن مان ڪرپشن جا ڪيس نڪتا پر احتساب لاءِ هن ڏنڊو رڳو اپوزيشن تي گهمايو. ائين سندس ايمانداري تي سوال اٿڻ لڳا. هن جيڪي تبديلي جا واعدا ڪيا، سي عملي طور تي افق تي اڀري نه سگهيا، ٻن سالن جي عرصي ۾ اپوزيشن پنهنجو وڃايل گرائونڊ واپس کٽي ورتو. حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي خيال جي ابتڙ اپوزيشن جا هٿ هڪ ٻئي جي وارن ۾ نه پر هڪ ٻئي سان دوستي جي ڀاڪرن ۾ آهن ۽ اها گڏجي حڪومت خلاف تحريڪ هلائي رهي آهي.
هر ڪنهن ڌر کي گهڻو فڪر پنجاب جو آهي اهو نه ڪٿي هٿن مان نڪري وڃي. ان بابت اسٽيبلشمينٽ وڌيڪ حساس آهي، پنجاب ۾ موجود تاءُ سبب نوازشريف علاج لاءِ پرڏيهه وڃي سگهيو. ورنه جيل ۾ رهندي جيڪو سيڪ اچي رهيو هو سو اسٽيبلشمينٽ جي سهپ کان وڌيڪ هو. هن ڀيري ته پنجاب ماڳهين وڌيڪ تتل آهي. پنجاب ۾ سياسي معاملا ڪيئن پيا هلايا وڃن؟ پنجاب جو ماڻهو صوبائي حڪومت کي پنهنجو سمجهڻ لاءِ تيار نه هو، مٿان وري نواز شريف سخت مطالبي تي لهي آيو آهي. نٿو لڳي ته نواز شريف اهڙي سخت مطالبي بابت پارٽي جي سينيئرن سان ڪا مشاورت ڪئي آهي پر پوءِ به پارٽي اڳواڻ ساڻس گڏ بيٺا آهن. مطالبي ۽ بيانيي جي مقبوليت بعد هاڻي جيڪڏهن انهن مان ڀڄڻ به چاهي ته ڀڄي به نٿو سگهي. ائين نواز شريف ملڪ جي سياسي توازن ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ورتي آهي. يعنيٰ جيڪڏهن ڳالهيون ٿينديون ته نواز شريف جي شرطن تي ٿينديون. ڳالهيون ڪندڙ وري به ڪي راجا ظفر الحق جهڙا ڪي سينيئر هوندا، پر في الحال ميدان ويڙهاڪ پارٽي جي حوالي آهي.
پيپلزپارٽي پي ڊي ايم سان گڏ بيٺي آهي. ڪراچي وارن واقعن دوران بلاول ڀٽو زرداري آزمائش تي پورو لٿو. گلگت بلتستان جي چونڊ وارو معاملو اهڙو ٿي پيو سگهي، جنهن ۾ اسٽيبلشمينٽ ۾ بلاول ڀٽو کي پنهنجي پاسي بيهارڻ جي ڪوشس ڪري، پر پيپلزپارٽي جي لاءِ اهو سودو (سستو) آهي. اها فضيلت واري سياسي نظام لاءِ سنڌ حڪومت جي قرباني ڏيڻ جو چئي چڪي آهي. مسئلو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ گلگت بلتستان نواز ليگ کي ڏيڻ ٿي چاهي. ان ڪري اها پيپلپزپارٽي جي حصي ۾ اچي سگهي ٿي.
ڳالهه ٽن هفتن جي ساهي جي ڪئي سين پئي. ان دوران جلسن ۽ رستن وارو محاذ بند هوندو. پر تستائين اڻ سڌين ڳالهين ۽ مختلف آپشنز کي شڪليون ڏيڻ ۽ رستا ڳولڻ وارو ڪم جاري رهندو. ساڳئي وقت سامعين جي دلچسپي لاءِ ڪجهه منظر پارلياماني محاذ تي شروع ٿيندا. اهو هڪ اهم محاذ اهي جيڪو ممڪن آهي ته عملي طور ڪو باقاعده شڪل به اختيار ڪري سگهي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *