تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سرڪاري دوائن جو اسڪينڊل ۽ لاڙڪاڻي پوليس جو مشڪوڪ ڪردار

لاڙڪاڻي مان سرڪاري دوائن جي وڪري واري جاچ پوري هڪ مهيني بعد نيٺ اينٽي ڪرپشن حوالي ٿي وئي آهي ۽ ان اسڪينڊل ۾ ملوث سڀني ڌرين سک جو ساهه کنيو آهي ته خدا ڪيو خير ٿي ويو. ان جاچ دوران پورا ويهه لک روپيا رشوت وٺندڙ پوليس عملدار کي ڇا مليو ۽ پيپلزپارٽي جونوازيل ڊي ايڇ او ڪيئن هٽايو ويو اهو قصو اڳتي هلي بيان ڪريون ٿا پر پهريان ڪيس کي شروع کان سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته اهو ڪيس شروع ڪٿان ٿيو.ٿيو ايئن جو مهينو کن اڳ ڊي ايڇ او آفيس لاڙڪاڻي کي مليل ڪروڙين روپين جون سرڪاري دوائون کليل مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪندي پوليس چورن کي سڳ سوڌو پڪڙي وڌو. جنهن بعد هڪ وڪيل سميت اسٽور مالڪ ۽ ٻيا ماڻهو گرفتار به ٿيا هئا.پوليس جي دعوا هئي ته اها هڪ وڏي گينگ آهي جيڪا خيرپور سکر تائين ڪم ڪري ٿي ۽ لاڙڪاڻو شهر ان جو مرڪز آهي.ڪيس شروع ٿيڻ شرط پوليس پنهنجو روايتي داٻو برقرار رکندي بنا ڪنهن وارنٽ يا مئجسٽريٽ جي موجودگي جي ڊي ايڇ او آفيس مان ارڙهين ۽ اڻويهين گريڊ جي انهن سينئر ڊاڪٽرن کي به حراست ۾ ورتو جن جي ان ڪيس سان نه ڏيڻي نه لهڻي نه ڪو واسطو ئي هيو.اهي ڊاڪٽر پوليس ڇاپي واري ڏينهن به ڪورونا ڪٽس کڻي ڪورونا جي مريضن جا نمونا وٺي واپس ٿيا هئا پر پوليس ڪورونا جا اهي نمونا به کين ڊيپ فريزر ۾ رکڻ نه ڏنا ۽ کين ٻڪري چور بڻائي اچي ٿاڻي تي حراست ۾ رکيو. اهو ڪيس جيئن ته ميڊيا جي نظرن ۾ هيو تنهنڪري عدالتن کي به پوليس عملدار جواب ڏئي آيا ته اسان وڪيل کي نه ڇڏينداسين ڪيس تمام هائي پروفائيل آهي.پوليس پنهنجي هڪ سينيئر عملدار ايس پي سٽي ڪليم ملڪ جي اڳواڻي ۾ جي آءِ ٽي جوڙي جيڪا پنهنجي جاچ ڪري رهي هئي ته پوليس قائم شاهه بخاري قبرستان وٽان سرڪاري دوائن جا وڌيڪ ڪارٽون پڪڙي دعوا ڪئي ته اهي دوائون ڊي ايڇ او بدران چانڊڪا اسپتال جون آهن تنهنڪري کين چانڊڪا اسپتال جي اسٽور عملي کان پڇا ڳاڇا ڪرڻي آهي. اسپتال جا اسٽور ڪيپر ٿاڻي تي گهرائي انهن جا موبائيل فون پوليس پاڻ وٽ رکيا جنهن مان سندن دعوا هئي ته کين وڌيڪ معلومات ملڻي آهي. ان ئي ڪيس جي سلسلي ۾ پوليس عملدارن اسپتال جي مرڪزي اسٽور جا تالا کولرائي پڪ ڪئي ته اهي دوائون اسٽور ۾ پيل آهن يا قبرستان ۾ اڇلايل آهن.اها جاچ پوري طمطراق سان جاري هئي ته اچانڪ ان حد يعني سول لائين ٿاڻي جو صوبيدار اسلم پرويز ابڙو ويهه لک روپين جي رقم کڻي انهن ماڻهن وٽ پهتو جن کان هن اها رقم ٻه ڏينهن اڳ جان بخشي عيوض وصول ڪئي هئي. پوليس جي اعليٰ عملدارن کي حيرت ٿي ته هڪ ايس ايڇ او سطح جو آفيسر ٻه ملين روپيا رشوت ۾ ڪيئن ٿو وٺي سگهي تنهنڪري جي آءِ ٽي کي ختم ڪري پنهنجي پوليس عملدارن جي جاچ ڪرڻ لاءِ اندروني جي آءِ ٽي شروع ڪئي وئي ته ڪٿي ڪو اي ايس پي يا ان سطح جو ٻيو عملدار ته ان ڪيس ۾ ملوث ناهي.جڏهن کان پوليس عملدار پاران 20 لک روپيا رشوت وٺڻ واري ڳالهه شهر ۾ عام ٿي تڏهن کان پوليس دوائن واري جاچ کان پويان پير ڪيا ۽ آهستي آهستي پنهنجا هٿ ان ڪيس مان ڪڍندا ويا، جنهنکي اهي ساڳيا پوليس عملدار وڏي ڪامياب ڪاروائي قرار ڏئي رهيا هئا.اهو سمورو ڪم ايتري خاموشي سان ڪيو ويو جو لٺ به بچي نانگ به مري وارو پهاڪوياد اچي ويو.پوليس ويهه لک روپين واري رشوت جي ڳالهه نڪرڻ بعد پهرئين ڌڪ ۾ پنهنجي ان ايس ايڇ او سول لائين کي معطل ڪيو جنهن مٿان الزام ثابت ٿيو ته هن دوائن واري ڪيس جي ملزمن کان اها رقم يعني ويهه لک روپيا ورتي آهي. جنهن بعد اهو نه ٻڌايو ويو ته اها رقم صرف ايس ايڇ او پنهنجي مرضي سان ورتي هئي يا سندس اي ايس پي جو به ان ۾ آشيرواد حاصل هيو.پوليس وارو پاسو ڪليئر ٿيڻ بعد جڏهن ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس جو وارو آيو ته انهن به پهريان معاملي کي ٿڌو ڪرڻ لاءَ انڪوائري ڪميٽي ويهاري جنهن ۾ شامل ڊاڪٽرن جڏهن معذرت ڪئي ته وري ٻي ڪميٽي ويهاري وئي جنهنجي نتيجي اچڻ جو انتظار ڪرڻ بدران ڳجهه ڳوهه ۾ان ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اطهر شاهه کي هٽايو ويو جيڪو بلاول ڀٽو سان نڪتل سيلفين سبب پاڻکي بااثر چورائيندو هيو ۽ عارضي چارج اعجاز شاهه حوالي ڪئي وئي.جڏهن اهي انتظامي معاملا حل ٿي ويا ته بقايا قانوني پيچيدگيون ختم ڪرڻ لاءِ پوليس سرڪاري دوائن واري ڪيس جو سمورو ريڪارڊ اينٽي ڪرپشن کاتي جي عملدارن حوالي ڪري ڇڏيو ۽ اهو موقف اختيار ڪيو ته جنهن به ڪيس ۾ سرڪاري دوائن يا سرڪاري ملازمن جو مسئلو ٿيندو آهي ان ۾ پوليس نه پر اينٽي ڪرپشن پوليس ڪردار ادا ڪندي آهي.هاڻي اهي سموريون دوائون سمورا چالان پيپر ۽ ملزم اينٽي ڪرپشن حوالي ٿي چڪا آهن ته ان ڪيس ۾ خود لاڙڪاڻي پوليس جو ڪردار مشڪوڪ ٿي پيو آهي ڇو ته پوليس پنهنجي ان نام نهاد جي آءِ ٽي جي رپورٽ ظاهر نه ڪئي آهي جيڪا پوري هڪ مهيني کان پنهنجي پر ۾ جاچ ڪري رهي هئي ۽ ٻئي عملي سميت سينيئر ڊاڪٽرن کي حراسان ڪري رهي هئي.اهو به اڃان تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي ته اگر هڪ ٿاڻي جو ايس ايڇ او سرڪاري دوائن واري اسڪينڊل ۾ 20 لک روپيا ملزمن کان وٺي سگهي ٿو ته باقي عملدارن ڪيتري رقم ورتي هوندي.سرڪاري دوائن جي چوري ۽ انهن دوائن جي عام مارڪيٽ ۾ وڪري کي خود لاڙڪاڻو پوليس وڏو ڪرائيم ڄاڻائي رهي هئي ته ڇا ان وڏي ڏوهه جي ڏوهارين کي ايئن مفت ۾ ڪلين چٽ ڏني وئي آهي..
اهي ۽ ان جهڙا ٻيا ڪيترائي سوال آهن جيڪي جوابن جا منتظر آهي ڇو ته پوليس جي آءِ ٽي واري رپورٽ ۾ اهو پڻ ضرور لکيل هجي ها ته آئينده اهڙن واقعن جي روڪٿام ڪيئن ممڪن بڻائي سگهجي ٿي.پر هاڻي ڪيس ان اينٽي ڪرپشن کاتي حوالي ڪيو ويو آهي جنهنجي ڪارڪردگي سرڪاري ڪامورن کان ويندي عام ماڻهن جي نظرن ۾ اعتبار جوڳي ناهي جنهنڪري سرڪاري دوائن جو وڪرو ڪندڙ گينگ جي گروهن ۾ خوشيءَ جي لهر ڇانئجي وئي آهي ته لاڙڪاڻو پوليس ڏيتي ليتي ڪري ڪيس مان هٿ ڪڍيو هاڻي اينٽي ڪرپشن به دير يا سوير هٿ ضرور ڪڍندي.سرڪاري دوائن واري اسڪينڊل ۾ اگر شروع کان اينٽي ڪرپشن وارن کي شامل ڪيو وڃي ها ته لاڙڪاڻو پوليس جي ساک شايد ايتري متاثر نه ٿئي ها جيتري لاڙڪاڻي واسين جي نظرن ۾ هاڻي متاثر ٿي آهي..

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *