تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

سرڪاري نوڪريون ۽ وڏي وزير جا واعدا

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه سکر ۾ ٻه ڏينهن اڳ مصروف ڏينھن گذاريو، ڪراچيءَ مان اڌ درزن صوبائي وزيرن سان گڏ سکر پھتو، وڏي وزير آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاھڻ واري الزام ھيٺ نيب ھٿان ھڪ سال کان وڌيڪ وقت کان گرفتار پ پ ايم اين اي سيد خورشيد احمد شاھ سان اين آءِ سي وي ڊي اسپتال ۾ ملاقات ڪري مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. جنھن بعد مراد علي شاھ، صوبائي وزيرن، ايم پي ايز سان گڏجي سکر ھاءِ ڪورٽ بار پھتو، جتي ھن سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي يلغار واري معاملي تي ڳالھائيندي چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ ٻيٽ صوبن جي ملڪيت آهن وفاقي حڪومت کي اها ڄاڻ آهي ته صدارتي آرڊيننس آڻي غيرقانوني ۽ غير آئيني ڪم ڪيو ويو آهي، وفاقي حڪومت سنڌ ۽ بلوچستان جي جزيرن تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري آئين جي آرٽيڪل جي شق 97 ۽ 2/170 جي خلاف ورزي ڪئي آھي، ٻيٽن واري معاملي تي وفاق بدنيتي ڏيکاريندي هڪ مهيني تائين آرڊيننس کي لڪايو ويو، پ پ جو واضع موقف آھي ته ٻيٽن بابت غير قانوني ۽ غير آئيني صدارتي آرڊيننس کي ڪنھن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، وڏي وزير مختلف ھنڌن تي ميڊيا سان ڳالھائيندي وفاقي حڪومت مٿان مھانگائي، بيروزگاري، صوبن کي حق نه ڏيڻ سميت ٻين معاملن تي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. آءِ جي واري معاملي تي سکر ھاءِ ڪورٽ بار آڏو اڻ سڌي طرح ڌمڪيون ملڻ ۽ ٻڌائڻ تي وڏي خبر ٺھڻ واري ڳالھه ڪرڻ بعد وڏو وزير پريس ڪلب ۾ پنھنجي ڪيل ڳالھه جي ئي ترديد ڪئي ته ھن کي ڪنھن به ڌمڪيون ناھن ڏنيون ۽ نه ئي وري ڪنھن ۾ مون کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ھمٿ آھي،
وڏي وزير جي آمد تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار سکر جي صدر قربان علي ملاڻو طرفان سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش، وفاقي يلغار، آءِ جي سنڌ کي اغوا ڪرڻ، سنڌ ۾ نيب جون زيادتيون ختم ڪري خودمختيار فيصلا ڪرڻ، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مقبول باقر جي ججمينٽ تحت نيب کي ختم ڪرڻ، ھڪ سال کان بنا ريفرنس داخل ٿيڻ جي گرفتار خورشيد شاھه کي آزاد ڪرائڻ، ايندڙ بجيٽ ۾ سنڌ جي سمورن بارز جي بجيٽ رکڻ ۽ گھوٽڪي بار جي عمارت برقرار رکڻ واريون قراردادون پيش ڪيون جيڪي سکر ھاءِ ڪورٽ بار جي اڳواڻن ۽ وڪيلن طرفان متفقه طور تي منظور ڪيون ويون ۽ سکر ھاءِ ڪورٽ بار قراردادن ذريعي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي وفاق پاران قبضي جي ڪوشش ۽ آءِ جي سنڌ جي اغوا وارو معاملي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه، سيد خورشيد شاھه جي ھائوس تي پيپلز پارٽي سکر ڊويزن جي چونڊيل نمائندن توڙي پارٽي اڳواڻن جي اجلاس جي پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙو سان گڏ صدارت ڪئي، گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير آبپاشي سھيل انور سيال، لائيو اسٽاڪ جي وزير باري پتافي، صوبائي وزير ٽرانسپورٽ سيد اويس قادر شاھه، صوبائي وزير پبلڪ ھيلٿ شبير بجاراڻي، صوبائي وزير صنعت ڄام اڪرام خان ڌاريجو، سيڪريٽري ھيلٿ سنڌ ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد نجم شاھه، سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي سان تعلق رکندڙ قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سيد جاويد علي شاھه، مھرين ڀٽو، منور حسين وساڻ توڙي ٻين چونڊيل نمائندن ۽ پيپلز پارٽي جي ٽنھي ضلعن جي عھديدارن شرڪت ڪئي، وڏي وزير پھريان پارٽي جي ڊويزنل سطح تي ۽ بعد ۾ ضلعي سطح تي چونڊيل نمائندن توڙي پارٽي اڳواڻن سان الڳ الڳ ميٽنگس، ڪچھريون ڪيون، جنھن ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ٿي، پارٽي گڏجاڻيءَ ۾ وڏي وزير ڳالھائيندي چيو ته سنڌ حڪومت سرڪاري نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي ۽ اھي نوڪريون جون کان اڳ ڏنيون وينديون، اليڪشن ۾ ڪجهه سيٽون زبردستي اسان کي ھارايون ويون، سنڌ جي وڏي وزير جو چوڻ ھو ته پاڻي، ڊرينيج، روڊن توڙي ننڍن پلن وارن ڪمن کي اوليت ڏني ويندي، تعليم، صحت سميت ٻين کاتن ۾ اسڪيمون مڪمل آھن جن جي جلد سمري جلد منظور ڪئي ويندي. ان موقعي تي وزير اعليٰ سنڌ ايڊيشنل آءِ جي سکر کي سکر ڊويزن اندر امن امان جي بھتري ۽ ڏوھارين خلاف آپريشن جاري رکڻ جي ھدايت ڪئي،
پارٽي ميٽنگس ۾ وڏو وزير ايترو ته مصروف رھيو جو بيگم نصرت ڀٽو جي نالي سان ٺهيل پھرين وومين يونيورسٽيءَ ۾ پھرين تعليمي سيشن جي افتتاح جو ڏنل وقت ئي کانئس وسري ويو، وڏي وزير کي 3 وڳي افتتاح ڪرڻو ھو تنھن ڪري يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين، عورت توڙي مرد فيڪلٽي ميمبرز سان گڏ سمورا انتظام مڪمل ڪري لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن تائين اتي انتظار ڪندي رھي، جنھن کان پوءِ وڏو وزير پنھنجي صوبائي ڪابينا، ڊويزنل توڙي ضلعي انتظاميا سان گڏجي وڏين گاڏين جي قافلي ۾ روھڙي ويجھو بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي پھچي پھرين تعليمي سيشن جو افتتاح ڪيو. افتتاح وومين يونيورسٽيءَ ۾ ٿيو، يونيورسٽي جي تعميراتي ڪم سستي رفتاري جو شڪار ھجڻ ۽ سال 2013ع کان ھن وقت تائين مڪمل نه ٿيڻ سبب وومين يونيورسٽيءَ جا ڪلاسز اروڙ يونيورسٽيءَ ۾ ھلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي جنھن ڪري وڏي وزير کي اتي ڪلاسز توڙي فيڪلٽيز لاءِ ڪيل انتظامن جو دورو ڪرايو ويو. جتي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ثمرين حسين وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽيءَ جو ڪم 2.7 بلين روپين جي لاڳت سان شروع ٿيو، جيڪو ھن وقت تائين مڪمل ناھي ٿي سگھيو، ھيڪ جي اجازت سان نيچرل سائنسز، مئنيجمينٽ سائنس، انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن، ھيومن سورس سميت 6 شعبن ۾ 600 داخلائون ٿينديون.
وڏي وزير جي سکر ياترا وقت انتظاميا بھتر سيڪيورٽيءَ توڙي صفائي سٿرائي جا بھتر انتظام ڪيا ھئا، مٽي اُڏامندڙ روڊن جي صفائي سٿرائي ڪرائي ٻنھي پاسن کان چونو ھارايو ويو، اھڙي طرح وڏي وزير جي مختلف ھنڌن تي رٿيل پروگرامن واري روٽن تي صبح جو 7 وڳي کان پوليس عملدارن، اھلڪارن جون ڊيوٽيون لڳايون ويون، جيڪي وڏي وزير جي ڪراچي روانو ٿيڻ تائين روڊن، رستن، چوڪن، چوراھن، يونيورسٽي، پريس ڪلب توڙي ٻين ھنڌن تي بيٺل رھيا. اھڙن موقعن تي سيڪيورٽيءَ لاءِ مقرر پوليس اھلڪار تمام گھڻين مشڪلاتن کي منھن ڏين ٿا، ڇو جو انھن پوليس اھلڪارن کي کاڌ خوراڪ جو بندوبست پاڻ ڪرڻو پوي ٿو. وڏي وزير جي پروٽوڪول توڙي سيڪيورٽي انتظامن جي نگراني ڪندڙ پوليس موبائيلن ۾ سوار پوليس جا جوان توڙي روڊن تي مقرر جوان ڪڏھن ڪڏھن ته سڄو سڄو ڏينھن اڃ ۽ بک تي گذارين ٿا،

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *