تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سرڪاري ڪڻڪ ۾ ڪيل سخاوت ۽ ڪرپشن جي ڪھاڻي

ڪجھه ڏينھن اڳ ڊائريڪٽر نيب سکر عرفان بيگ جيم خانا سکر ۾ ھڪ تقريب بعد پڇيل سوال جو حيران ڪندڙ جواب ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ مافيا تمام گھڻي مضبوط ۽ سرگرم آھي ھڪ سال جي عرصي ۾ صرف خوراڪ کاتي مان 16 ارب روپين کان وڌيڪ رقم واپس ڪرائي وئي آھي، جيڪا ھڪ وڏي ڪاميابي آھي، نيب جو ماڻھن مٿان اعتماد ھجڻ ڪري وڏي تعداد ۾ ڪيس اچي رھيا آھن، نيب عوامي ڪچھريون پڻ منعقد ڪري رھي آھي. ڪجهه مھينا اڳ نيب چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال جي هدايت کان پوءِ سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ۾ نيب سکر سرڪاري ڪڻڪ ۾ خرد برد وارين شڪايتن تي ڊائريڪٽر نيب سکر عرفان بيگ طرفان ريجنل بورڊ جو اجلاس ڪوٺايو ويو ھو، جنھن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ڊويزنن جي خوراڪ کاتي ۾ اربين روپين جي سرڪاري ڪڻڪ خرد برد ڪرڻ وارين شڪايتن تي انڪوئريءَ جي منظوري ۽ خوراڪ کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين خلاف سرڪاري ڪڻڪ خرد برد ڪرڻ تي چار ريفرنس داخل ڪرڻ جي پڻ منظور ڏني وئي ھئي، جنھن بعد خوراڪ کاتي سکر جي اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر انيس الرحمان مهر، اڳوڻي ڊي ايف سي محمد اقبال ميمڻ، اڳوڻي ڊي ايف سي لاڙڪاڻو زاهد علي انڙ، اڳوڻي ڊي ايف سي خيرپور محمد علي اڄڻ، اڳوڻي ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ لاڙڪاڻو محمد رفيق راڄپر، اڳوڻي ڊي ايف سي لاڙڪاڻو فضل محمد ڀنگوار خلاف ڪشمور ڪنڌڪوٽ، سکر ۽ لاڙڪاڻو ۾ ڪروڙين روپين جي سرڪاري ڪڻڪ خرد برد ڪرڻ جي الزام هيٺ ريفرنس داخل ڪيا ويا. سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن ڪڻڪ جي پيداوار جي حوالي سان اهم ڊويزن آهن ڄاڻايل ٽنهي ڊويزن ۾ گذريل ڪجهه سالن دوران ڪڻڪ جي خرداري جي حوالي سان اربين روپين جي خرد برد ڪئي وئي آهي. ريجنل بورڊ طرفان منظوريءَ کان پوءِ ڊي جي نيب سکر ٻن ڊائريڪٽرز نيب تي مشتمل هڪ انڪوائري ٽيم تشڪيل ڏني، جنهن بعد نيب ذريعن سرڪاري ڪڻڪ جي خرد برد جي حوالي سان جلد ئي اهم انڪشاف ڪيو ته 98 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون جيڪي نوشهروفيروز مان ڪراچي ۽ سانگهڙ منتقل ٿيڻون هيون اُهي رستي ۾ ئي گم ٿي ويون، 74 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون نوشهروفيروز کان ڪراچي ۽ 24 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون سانگهڙ منتقل ٿيڻون هيون جيڪي رستي تي ئي گم ٿي ويون پوري سنڌ اندر نيب سکر سرڪاري ڪڻڪ خرد برد ۽ ڪرپشن ٿيڻ وارين شڪايتن تي سکر، لاڙڪاڻو، گهوٽڪي، خيرپور، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آبا،د سانگهڙ، ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، قمبرشهدادڪوٽ سميت ٻين ضلعن جي سرڪاري ڪڻڪ جي گودامن ۽ فلور ملز جي گودامن تي جوڊيشل مئجسٽريٽ جي موجودگيءَ ۾ ڇاپا هنيا ويا، جنھن دوران فلور ملز مالڪن، خوراڪ کاتي جي آفيسرن توڙي نجي بااثر سياستدانن جي ويجھو رھندڙ ٺيڪيدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان نيب سکر ھن وقت تائين 16 ارب روپيا واپس ڪرائي ورتا آھن. تازو ئي نيب سکر طرفان ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ خرد برد ڪرڻ جي الزام هيٺ ۽ جاچ ۾ گهربل ٻن فلور ملز جي مالڪ هريش مل کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنھن کي سال 2018 ۾ گهوٽڪي کان ڪراچي خوراڪ کاتي جي سرڪاري ڪڻڪ منتقل ڪرڻ لاءِ 48 هزار 7 سئو 70 ٽن ڪڻڪ منتقل ڪرڻ جو هريش مل کي ٺيڪو ڏنو ويو هو، ٺيڪيدار ھريش مل مٿان خوراڪ کاتي جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري 11 هزار 403 ٽن ڪڻڪ رستي تان گم ڪري خرد برد ڪرڻ جو الزام آھي جنهن جي ماليت ٽي ڪروڙ نوي لک روپيا آهي، جڏهن ته هريش مل مٿان ڪڻڪ غيرقانوني طور ذخيره اندوزي ڪرڻ جو به الزام آهي. ذريعن موجب نيب سکر طرفان اڳ ۾ به هريش مل کي گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن بعد ۾ 40 سيڪڙو (ڪروڙين روپيه) پلي بارگيننگ تحت واپس ڪيا هئا. نيب سکر طرفان خوراڪ کاتي خيرپور ۾ ڪڻڪ ۽ بارداڻي ۾ ڪرپشن جاچ مڪمل ڪندي خوراڪ کاتي جي ڊي ايف سي سميت 48 ڄڻن مٿان 5 ڪروڙ 80 لک روپين جو ريفرنس داخل ڪرايل آھي جنھن ۾ ڊي ايف سي محمد علي اڄڻ. ملازم عبدالقدير ڦلپوٽو. عصمت الله لانگاهه. غلام حسين سومرو. مبين احمد انڙ. ظهير عباس شر. رحمت علي سهتو. اقبال حسين جماڻي. رياض حسين سانگي. عطاحسين ڄامڙو شامل آهن نيب ريفرنس ۾ خوراڪ کاتي جي 35 ملازمن ۽ 13 فلور مل مالڪن کي ڪيو ويو آهي، اھڙي طرح ڏھرڪي، ڪنڌڪوٽ، سکر سميت مختلف ضلعن سان تعلق رکندڙ فلور مل مالڪن توڙي خوراڪ کاتي جي آفيسرن کي گرفتار ڪيو آھي. جن کان پڇا ڳاڇا وارو عمل جاري آھي جڏھن تھ ڪجھ ڪرپشن ۾ ملوث فلور مل مالڪن، خوراڪ کاتي جي آفيسرن توڙي نجي ٺيڪيدارن نيب کي پلي بارگيننگ جي درخواست پڻ ڏني آھي. سکر ضلعي جي ھڪ بااثر سياستدانن جي تمام ويجھو سمجھو ويندڙ روھڙي واسي فلور مل مالڪ زبردست مھر، سڪندر مھر، سميت ٻين خلاف بھ 67 ڪروڙ روپين جي ڪڻڪ اوڌر تي وٺڻ بعد پئسا جمع نھ ڪرائڻ جو الزام آھي، نيب جي انڪوائري کان پوءِ اِھي ڳالھيون سامھون آيون تھ خوراڪ کاتي طرفان پاليسيءَ تحت فلور مل مالڪن کي ڪروڙن جي ڪڻڪ اوڌر تي ڏني وئي ۽ بعد ۾ اُن سرڪاري ڪڻڪ جي رقم واپسي لاءِ ڪا بھ جوڳا قدم نھ کنيا، جنھن مان خوراڪ کاتي توڙي لاڳاپيل اختيارين جي سخاوت توڙي مبينا ڪرپشن جو چڱي ريت اندازو لڳائي سگھجي ٿو.
نيب سکر ڪڻڪ ڪرپشن اسڪينڊل ۾ بيان جي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ اڳوڻي خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير نثار کھڙو کي به سرڪاري ڪڻڪ ۾ گهوٻين واري معاملي متعلق بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ گھرائي چڪي آھي. سنڌ جي وڏي وزير کان نيب سکر جي ٽيم اٽڪل ٻن ڪلاڪن تائين سوال پڇيا ھئا.نيب سکر فلور مل مالڪن، خوراڪ کاتي جي آفيسرن توڙي ڪڻڪ ڪرپشن ۾ ملوث ٻين نجي ماڻھن کي ته وائکو ڪري رھي آھي پر ھن وقت تائين ڪنھن بھ وڏي مڇيءَ ۾ ھٿ ناھي وڌو. تنھن ڪري ڪرپشن کان تحقيقات ڪندڙ ادارن کي گھرجي ته جاچ جو دائرو وسيع ڪندي فلور مل مالڪن، خوراڪ کاتي جي آفيسرن توڙي نجي ٺيڪيدارن پٺيان لڪل ڳجھن ھٿن کي بينقاب ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *