Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_1rvkkbk33sivqgu7n5h9cbe9a5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سعودي عرب سان ڦٽائڻ جي قيمت ڪيتري آهي؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سعودي عرب سان ڦٽائڻ جي قيمت ڪيتري آهي؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سعودي عرب سان ڦٽائڻ جي قيمت ڪيتري آهي؟

پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جو تازو نشانو ان جا سعودي عرب سان ناتا بنيا آهن. آمريڪي بلاڪ جا اهم مهرا هجڻ ۽ مذهبي هڪ جھڙاين سبب ٻنهي ملڪن ۾ پراڻي سنگت رهي آهي، جيڪا 2015ع ۾ يمن واري جنگ ۾ پاڪستان پاران عسڪري واهر ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ سبب لوڏن ۾ آئي ۽ هاڻي صفا نازڪ حالت ۾ پهچي چڪي آهي. يمن جنگ وقت پاڪستان جي پارليامينٽ 2015ع ۾ اهو فيصلو ڪيو ته پاڪستان ان تڪرار ۾ ڌر نه بڻجندو. البته پاڪستان سعودي عرب کي خاطري ڏياري ته مسلمانن جي سڳورن ماڳن جي حفاظت لاءِ هو هردم حاضر هوندو. ان کان پوءِ پاڪستان هزار جي لڳ ڀڳ سپاهي، سڳورن ماڳن جي حفاظت لاءِ موڪلي ڏنا. پاڪستان جي سياسي ڌرين توڙي عوامي حلقن جو حڪومت مٿان دٻاءُ هو ته اها افغانستان جنگ جا ڪيتا لوڙڻ کان پوءِ اهڙي ٻي ڪنهن به جنگ جو حصو نه بڻجي. خاص طور تي يمن جي ايران حامي شيعا حوثين سان سعودي عرب جي ويڙهه ۾ ڌر بڻجڻ جو مطلب هو ملڪ اندر فرقيوار ويڙهاند ۽ رتوڇاڻ جي هڪ نئين شروعات ڪرڻ. سعودي عرب کي مٺيان ته ڏاڍي لڳي پر نوازشريف سياڻپ کان ڪم وٺندي فيصلو پارليامينٽ کان ڪرايو ۽ اڳيان چوڻ جھڙو ٿيو ته دل ته ڏاڍي ٿي چوي ته اوهان جو ساٿ ڏيون پر ڇا ڪريون پارليامينٽ نٿي مڃي. نوازشريف تي سعودي حڪمران گھراڻي جا ذاتي ٿورا آهن، تنهنڪري هن لاءِ اهو ڏکيو فيصلو هو. 2018ع ۾ پاڪستان جي عسڪري قيادت 1600 وڌيڪ فوجي سعودي عرب موڪلڻ جو اعلان ڪيو. ان وچ ۾ جنرل راحيل شريف اتحادي فوج جو سربراهه به مقرر ٿيو، جنهن سان ٻنهي ملڪن جا ناتا وڏي ڏڦيڙ کان بچي ويا.
عمران خان جي سرڪار ملڪ جون واڳون سنڀاليون ته ملڪي معيشت ستت اچي گوڏا کوڙيا. پاڪستان تڪڙي معاشي واهر لاءِ سعودي عرب ڏانهن واجھايو. سعودي عرب پاڪستان کي 3.2 ارب ڊالر جو تيل هڪ سال لاءِ اوڌر تي ڏنو ۽ 3.25 سيڪڙو وياج تي 3 ارب ڊالرن جو قرض الڳ ڏنو. ايئن عمران حڪومت کي سعودي عرب وٽان وڏي ٽيڪ ملي وئي. البته ان سنگت کي ڊسمبر 2019ع ۾ وري هڪ لوڏو آيو، جڏهن پاڪستان جي وزيراعظم، ملائيشيا ۽ ترڪيءَ سان گڏجي ڪوالالمپور ۾ اسلامي ملڪن جي هڪ سربراهي ڪانفرنس ڪرائڻ جي حامي ڀري جيئن ته ان ڪانفرنس ۾ ترڪي اڳڀرو هو ۽ ايران توڙي قطر به ان ۾ بهرو وٺڻ جو اعلان ڪيو ته سعودي عرب کي لڳو ته اها ڪانفرنس اسلامي سربراهي ڪانفرنس يعني او آءِ سي جي اهميت گھٽائڻ وارو ڪردار ادا ڪندي. ايران، قطر ۽ ترڪي ٽئي ملڪ سعودي عرب کي ناهن وڻندا. ان تي سعودي عرب پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. نتيجي ۾ وزيراعظم عمران خان يڪدم يوٽرن وٺي ان ڪانفرنس ۾ شرڪت کان جواب ڏئي ڇڏيو. بهانو اهو ٺاهيو ويو ته سعودي حڪمران سمجھن ٿا ته ان ڪانفرنس سان امن ۾ ڏڦيڙ ٿيندو. جيڪا چڱي ڳالهه نه ٿيندي، عمران خان جي ان فيصلي ملڪ جي ڪمزور پرڏيهي پاليسيءَ کي وائکو ڪيو، نتيجو اهو نڪتو جو ملائيشيا ۽ خاص طور تي ترڪي پاڪستان کان ڪاوڙجي ويا.
ٽي مهينا پوءِ عمران خان فيبروري 2020ع ۾ ملائيشيا جو دورو ڪري مهاتير محمد اڳيان پنهنجي فيصلي تي پڇتاءَ جو اظهار ڪندي چيو ته امت ۾ ڏڦيڙ واري ڳالهه غلط فهمي ثابت ٿي ۽ کيس ان ڪانفرنس ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي پڇتاءُ آهي. ظاهر ڳالهه آهي ته سعودي عرب کي اها ڳالهه اصل نه وڻي پر ان وچ ۾ ڪووڊ-19 اچي ويو ۽ دنيا جو ڌيان انهن معاملن تان هٽي ويو. ان وچ ۾ ڪشمير بابت هندستاني آئين ۾ ردوبدل کان پوءِ پاڪستان ان معاملي تي سخت ردعمل ڪيو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ هر پاسي هٿ پير هڻڻ شروع ڪيا پر پاڪستان کي ان معاملي تي مسلمان ملڪن وٽان ڪا خاص موٽ نه ملي. وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مٿان تمام گھڻو دٻاءُ وڌيو ته اهي ڪشمير جي معاملي تي ڪارڪردگي ڏيکارين. پاڪستان ڪوشش ڪندو رهيو ته سعودي عرب ان معاملي تي او آءِ سي جو اجلاس ڪوٺائي پاڪستان جي موقف جي پٺڀرائي ڪري. البته سعودي عرب، پاڪستان جي خاطر هندستان سان پنهنجا ناتا به خراب ڪرڻ نٿو گھري. سعودي عرب ان معاملي ۾ تمام گھڻو محتاط آهي، جيڪو هميشه پنهنجا مفاد سامهون رکي فيصلا ڪندو آهي. گذريل سال آڪٽوبر ۾ جڏهن پاڪستان، ڪشمير واري معاملي تي هٿ پير هڻي رهيو هو، ان وقت هندستان جي وزيراعظم مودي وچ اوڀر جي ملڪن جو دورو ڪيو، جتي پاڪستان جي دوست ملڪن، گڏيل عرب امارتن ۽ سعودي عرب کيس اعليٰ ترين سول ايوارڊ ڏنا. سعودي عرب نه رڳو کيس اعليٰ سول ايوارڊ ڏنو پر پنجن ٺاهن تي به صحيحون ڪيون هيون. سعودي عرب جا هندستان سان معاشي مفاد تمام گھرا آهن جتي سعودي عرب ۽ پاڪستان جو ٻه طرفو واپار ساليانو ٻه ارب ڊالرن جي لڳ ڀڳ آهي، ان جي ڀيٽ ۾ سعودي عرب ۽ هندستان جو ساليانو ٻه پاسائون واپار 30 کان 40 ارب ڊالر آهي. هندستان جا لڳ ڀڳ 25 کان 30 لک شهري سعودي عرب ۾ رهن ۽ ڪم ڪار ڪن ٿا، ان پسمنظر ۾ سعودي عرب، ڪشمير معاملي تي هندستان سان پنهنجا ناتا خراب ڪرڻ نٿو گھري.
اسان جي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي صاحب پنهنجي وسان ڪين گھٽايو پر سعودي عرب پاران او آءِ سي جو اجلاس نه سڏائڻ تي نيٺ فرسٽريٽ ٿي هڪ بيان جاري ڪيائين ته جيڪڏهن سعودي عرب او آءِ سي جو اجلاس نه سڏائيندو ته پوءِ پاڪستان، پاڻ اسلامي ملڪن جو اجلاس ڪوٺائيندو. ظاهر آهي ته ايڏي سخت ڳالهه کي سعودي عرب ڪئين ٿو نظرانداز ڪري سگھي، نتيجي ۾ سعودي عرب جوابي ڪارروائيءَ طور پنهنجي ڏنل قرض مان هڪ ارب ڊالر فوري طور گھري ورتا. پاڪستان چين کان هڪ ارب ڊالر اوڌارا وٺي اهي پئسا موٽايا. ظاهر آهي ته سعودي عرب باقي پئسا به واپس گھري وٺندو ۽ وڌيڪ اوڌر تي تيل به ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندو پر ڳالهه رڳو قرض ۽ اوڌر جي تيل تائين يا رڳو سعودي عرب تائين محدود ناهي، پاڪستان جا سعودي عرب سان ٻيا به مفاد ڦاٿل آهن. سمنڊ پار پاڪستانين واري کاتي جي انگن اکرن موجب هن وقت دنيا ۾ هڪ ڪروڙ 10 لک جي لڳ ڀڳ پاڪستاني ملڪ کان ٻاهر ڪمائي ڪرڻ لاءِ ويل آهن، انهن ۾ 55 لک رڳو سعودي عرب ۾ آهن ۽ 40 لکن جي لڳ ڀڳ گڏيل عرب امارتن ۾ آهن. اومان، قطر، بحرين، ڪويت کي گڏائجي ته پرڏيهه مان ڪمائي ڪري ملڪ پئسا اماڻيندڙ هڪ ڪروڙ 10 لک ماڻهن مان ڪروڙ جي لڳ ڀڳ ماڻهو ته سعودي عرب ۽ ان جي حامي عرب ملڪن ۾ پورهيو ڪري رهيا آهن. ان جو پاڪستان جي معيشت تي ڪيترو اثر آهي، ان جو اندازو ان حقيقت مان لڳائي سگھجي ٿو ته پرڏيهه مان پاڪستانين گذريل سال 23 ارب ڊالر ڪمائي موڪليا جنهن مان ساڍا 12 ارب ڊالر سعودي عرب، يو اي اِي، ۽ ٻين گلف ملڪن مان آيا هئا. ان جي معنيٰ ته جيڪڏهن سعودي ڪاوڙجي ٿو ته هڪ ڪروڙ پاڪستانين جو پرڏيهه ۾ روزگار ۽ 12 ارب ڊالرن جي سالياني آمدني خطري ۾ اچي ويندي، ياد رهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جو رڳو 5 کان 6 سيڪڙو مئنيجمينٽ ۽ سينئر ٽيڪنيڪل عهدن تي ڪم ڪري ٿو ۽ باقي ماڻهو غير هنرمند يا نيم هنرمند هجڻ سبب عرب ملڪن ۾ ننڍيون وچوليون ، مزدوريون ڪن ٿا. سعودي عرب ۽ سندن حامي پاڪستان لاءِ ان ڪري اهم آهن جو اهي مهل سر رعايتي قرض، اوڌر تي تيل ۽ پورهيتن کي روزگار فراهم ڪن ٿا. ان جي ابتڙ چين جا ناتا بنهه ڪاروباري آهن، جيڪو پنهنجي شرطن تي قرض ڏيندو ۽ سيڙپڪاري ڪندو آهي، ان جي سيڙپڪاريءَ ۾ هو عملو ۽ سامان به پنهنجو آڻيندو آهي. چين جو ماڊل گھڻو مختلف آهي. جيتوڻيڪ سفارتي محاذ تي چين، پاڪستان جو ساٿ ڏيندو رهي ٿو ۽ هندستان سان به سندس ٽڪراءُ آهي پر ساڳئي وقت چين ۽ هندستان وچ ۾ ساليانو 90 ارب ڊالرن جو ٻه پاسائون واپار به آهي. چين بهرحال پنهنجي معاشي مفادن کي اوليت ڏيندو. ساڳئي وقت چين، ٻين ملڪن جي پورهيتن کي ملڪ ۾ ڪمائي لاءِ اچڻ ناهي ڏيندو. هن نئين علائقائي صف بنديءَ ۾ جڏهن چين سان ويجھڙائيءَ سبب آمريڪا پنهنجو لاڙو پاڪستان بجاءِ ڀارت ڏانهن وڌائي ڇڏيو آهي ۽ سعودي عرب پاڪستان جي ترڪي، قطر ۽ ملائيشيا سان ويجھڙائپ ڪري خفا آهي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي هڪ آزمائش واري مرحلي مان گذري رهي آهي. چين سان سي پيڪ واري سنگت سبب پاڪستان ان کي پنهنجو معاشي توڙي سفارتي سطح تي وڏو حامي سمجھي ٿو. بهرحال پرڏيهي ناتن ۾ ڪيترائي توازن ذهن ۾ رکڻا هوندا آهن. پاڪستان کي ڪشمير واري معاملي تي پنهنجي سفارتي مهم جاري رکڻ ۾ انهن دوست ملڪن سان نه ڦٽائڻ گھرجي جيڪي ان معاملي تي پاسي تي رهڻ ٿا گھرن. پاڪستان جي سعودي عرب ۽ سندس اتحادين تي نمايان معاشي دارو مدار آهي، تنهن ڪري ان سان يڪدم معاملا خراب ڪرڻ به ڪا عقلمندي ناهي. سعودي عرب سان معاملا ٺيڪ ڪرڻ لاءِ فوج جو سربراهه پاڻ هلي ويو پر ميڊيا رپورٽن موجب پرنس محمد پاڻ ذاتي طور ملڻ بجاءِ پنهنجو ننڍو ڀاءُ ساڻس ملايو جيڪو بچاءَ وارو نائب وزير آهي. ان رويي سان سعودي عرب جو ناراضگيءَ وارو ردعمل صاف محسوس ڪري سگھجي ٿو. ان ناراضگيءَ جي سلسلي کي روڪڻ جي ضرورت آهي.
اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته سعودي عرب جو معاملو ان لاءِ رڳو ٻه پاسائون ناهي. سعودي عرب او آءِ سي جي پليٽ فارم وسيلي سڄي اسلامي دنيا جو سربراهه بڻيل آهي، جيڪا حيثيت ان کي آمريڪا ۽ يورپ سان معاملا هلائڻ ۾ ڪم اچي ٿي. سڄي اسلامي ملڪن واري بلاڪ جو سربراهه هجڻ سعودي عرب لاءِ نهايت اهم آهي. جيتوڻيڪ علائقائي ۽ عالمي بلاڪ عقيدي جي بنياد تي نه ٿا هلائي سگھجن، هر ملڪ پنهنجي علائقائي ۽ معاشي مفادن آهر ئي پنهنجا فيصلا ڪندو آهي. اسلامي ملڪ به ايئن ئي پنهنجي حالتن آهر فيصلا ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو او آءِ سي پين اسلامزم واري نعري جي بنياد تي اسلامي ملڪن کي گڏ نه پئي هلائي سگھي. سعودي عرب ۽ ان جي اتحادين جيئن ته اسلام جي به هڪ خاص برانڊ کي اهميت ڏني آهي، تنهنڪري ڪيترائي اسلامي ملڪ ان سان هڪ بلاڪ واري حيثيت ۾ هلڻ کان پاسيرا بڻيل آهن. تنهن هوندي به سعودي عرب اسلامي ملڪن جي سربراهه هجڻ وارو تاثر برقرار رکڻ گھري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو ان کي اردگان سان تحفظات آهن، جيڪو ترڪيءَ کي ۽ پاڻ کي اسلامي ملڪن جو اڳواڻ بڻائڻ جي ڪوشش ۾ آهي. ساڳيءَ طرح اسلامي ملڪ به پنهنجي مفادن آهر پاڪستان کي موٽ ڏيندا.اهوئي سبب آهي جو ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي اسلامي ملڪ رسمي حمايت ته فراهم ڪري سگھن ٿا پر اهي ان معاملي کي پاڪستان ۽ ڀارت جو ٻه پاسائون مسئلو سمجھن ٿا ۽ ان تي هندستان سان پنهنجا ناتا خراب نٿا ڪرڻ گھرن. پرڏيهي پاليسي هر ملڪ پنهنجي مفادن جي آڌار تي ٺاهيندو آهي ۽ سياڻا ملڪ هاڻي جنگ ۽ ٽڪراءَ بجاءِ سرچاءَ وارا رستا ڳولين ٿا ته جيئن سندن معاشي ترقي کي ڌڪ نه لڳي. جيڪڏهن ڪشمير مسئلي کي مسلمانن سان ٿيندڙ زيادتين وارو معاملو قرار ڏبو ته پوءِ اهي به سوال اٿندا ته آخر اسلامي ملڪ فلسطين، يمن، چين ۽ برما جي مسلمانن جي مسئلي تي ڪهڙو رستو اختيار ڪندا. اهوئي سبب آهي جو سعودي عرب، ڪشمير مسئلي لاءِ او آءِ سيءَ جو فورم مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. ان پسمنظر ۾ پاڪستان جي قيادت کي به پنهنجي پرڏيهي پاليسيءَ تي نئين سر ويچارڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان جھڙي ملڪ لاءِ آزاد پرڏيهي پاليسي جوڙڻ تيستائين ممڪن ناهي جيستائين اهو پنهنجا اندروني معاملا ٺيڪ ڪري پنهنجي معيشت کي پيرن تي بيهاري ۽ جنگي سوچ کان پاڻ کي پاسيرو ڪري.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *