تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سمنڊ جي ساڃاهه

“هي سنسار مها ساگر، اهو ملاح (انسان) سلامتيءَ سان اڪري ويندو، جنهن جي ٻيڙيءَ ۾ وينتين جو وکر هوندو ۽ جنهن جو جهاز ادب ۽ اخلاص جي سڙهن سان سينگاريل هوندو. اهڙو انسان توبهه جي تاثير سان طوفان به تري ويندو ۽ سندس جهاز کي ڪو جوکو نه رسندو.” شاهه جي رسالي جو مهان مرتب ڪلياڻ آڏواڻي سر سريراڳ جي سمجهاڻي ۾ ڀٽڪيل انسانن کي سنئون دڳ ڏسي ٿو.
جنهن انسان ۾ اخلاص هوندو آهي ۽ پنهنجي اندر جي آواز کي ڪنهن مصلحت، ڪنهن مفاد تحت دٻائڻ بدران ان تي لبيڪ چئي پنهنجو اجرو اندر ظاهر ڪندو آهي تڏهن اهو محترم شهريار شر جيان پنهنجي وڳ کان اڪيلو ٿي به نماڻائيءَ سان چوندو آهي ته “هي سنڌ ڌرتي جو معاملو آهي، ڌرتيءَ جي ماڻهن ۽ ڌرتيءَ سان گڏ آهيان” هي سنڌ جي ساڃاهه، سنڌو جي ساڃاهه، سمنڊ جي ساڃاهه جو اظهار آهي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ سرڪار ان ساڃاهه جي سگهه جي آڏو گوڏا جهڪائيندي سامونڊي ٻيٽن بابت صدارتي آرڊيننس کي رد ڪرڻ جي قرارداد 21 آڪٽوبر تي پيش ڪئي ۽ (شرم پرچائڻ لاءِ) جي ڊي اي به هڪ ڏينهن اڳ پنهنجي رٿ جمع ڪرائي نه ته سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيدن جي برسات ۾ به هنن اهڙي خاموشي اختيار ڪري ورتي هئي ڄڻ مم سندن گوڏا چٽي وئي هجي ۽ پيپلزپارٽيءَ جي اها قرارداد ايئن آهي جيئن “هٿن سان وڃائي پيرن سان ڳولجي.”
هو جيڪي اڄ اسيمبلي فلور تي دعويٰ ڪن ٿا ته سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين اهي پنهنجي سرڪار بچائڻ لاءِ سال اڳ ئي سنڌ جو سڄو سامونڊي علائقو وفاق جي حوالي ڪري چڪا آهن ۽ اتي هاڻي وفاقي فورسز جو سنڌ سرڪار سان ڪيل ڪنهن ڳجهي معاهدي تحت قبضو آهي جنهن جي چٽي ثابتي 15 آڪٽوبر تي ملي جڏهن ماهيگيرن ۽ ڌرتيءَ ڌڻين کي ڏنگي ٻيٽ جي ويجهو به اچڻ نه ڏنو ويو. ان سڄي منظر نامي ۾ اسان کي سنڌ جي سمنڊ تي سنڌ سرڪار جي ڪابه اختياري، ڪابه رٽ نظر نه آئي. صاف ظاهر هيو ته سنڌ سرڪار پنهنجو سمورو اختيار وفاق جي حوالي ڪري چڪي آهي جڏهن ته آئيني طور 12 ناٽيڪل ميلن تائين سنڌ جي سمنڊ تي سنڌ حڪومت جي اختياري آهي جنهن تي عملداري قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ وٽ ڪهڙو ادارو آهي ڪا سنڌ نيوي، ڪو سنڌ ڪوسٽل گارڊ فورس، ڪا سنڌ ڪوسٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي!!!؟ پوءِ اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪرڻ جي دعويٰ ڪيڏي نه کوکلي آهي؟
ڀلو ٿئي سنڌ جي احتجاجي مزاحمتي شعور جو جيڪو سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪري رهيو آهي. تنظيمي طور منتشر هوندي به سنڌ جا سوداگر جڏهن به سنڌ جو، سنڌو درياءَ جو، سنڌي سمنڊ جو سودو ڪن ٿا ته سنڌ جو قومي شعور مزاحمت جو اهو علم بلند ڪري ٿو جو سڀ دوکي جون ديوارون ڊهي پون ٿيون. اها سنڌ جي قومي شعور جي مزاحمتي سگهه ئي آهي جنهن جي آڏو وفاق توڻي سنڌ جي سوداگرن جا سازشي منصوبا واريءَ جي ڍير وانگر ڊهي پون ٿا. ڪالهه هنن ڪالاباغ ٺاهڻ لاءِ ڪيڏا وس ڪيا پر سندن هڪ نه هلي. هنن ٻٽي مڪاني نظام جا رات پيٽ ۾ معاهدا ڪيا جيڪي به اسان جي مزاحمت جي سٽ سهي نه سگهيا ۽ هاڻي به صدارتي آرڊيننس ۽ سنڌ جي سمنڊ تي قبضي جون سازشون سنڌ جي، سنڌو جي، سنڌي سمنڊ جي ساڃاهه جي سگهه آڏو سٽ جهلي نه سگهنديون.
هڪ مهيني تائين صدارتي آرڊيننس کي ڳجهو رکڻ کانپوءِ جڏهن عوام آڏو پيش ڪيو ويو ته سنڌ جي ساڃاهه مزاحمت جو اهو سڏ ڏنو جيڪو پڙاڏو بڻجي سمنڊ جي فضائن ۾ به گونجڻ لڳو ۽ انهن مسڪين ماهيگيرن جي پيٽ ۾ به ساهه پيو جن جي روزري تي لت ڏئي کين خاموش رهڻ لاءِ چيو ويو هو. ڏنگي ڏانهن سندن گهٽ گهيڙ ته اڳ ئي بند ڪيا ويا هئا جن لاءِ ڪو ڀرپور آواز به نه اٿي سگهيو هو پر جڏهن سمنڊ تي قبضي کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ غير آئيني صدارتي آرڊيننس لاڳو ڪيو ويو ته سازشن جا سڀ پردا چاڪ ٿيڻ لڳا. هنن کي “ترقي ڪرڻ جي” ۽ سامونڊي ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ جي ايڏي ته تڪڙ آهي جو هنن وفاقي ميري ٽائم افيئرز ڊويزن، اسلام آباد تحت پاڪستان آئيلينڊ ڊيولپمينٽ اٿارٽي به جوڙي ورتي. ان جو چيئرمين به مقرر ڪري ڇڏيو. ان جي اختيارين جو تعين ڪندي سنڌ بلوچستان جي سمنڊ سامونڊي ٻيٽن تان سنڌ سرڪار سان گڏوگڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي هاءِ ڪورٽن جو اختيار به ختم ڪري ڇڏيو. 8 هزار ايڪڙن تي مشتمل گرين سٽي منصوبي جو اعلان به ڪري ڇڏيو ۽ ملڪي ۽ بين الاقوامي ڪمپنين لاءِ ٽينڊر به اخبارن ۾ شايع ڪري ڇڏيو!!!؟ هن نااهل وفاقي حڪومت سنڌ جي سمنڊ ۽ ٻيٽن تي قبضي لاءِ ڪيڏي نه اهليت ۽ ڦڙتي جو مظاهرو ڪيو آهي؟ ۽ اسان جو ڪورونا ۾ انتهائي چست وزيراعليٰ ان سڄي معاملي تي چپ چورڻ ۾ ڪيڏو نه سست رهيو آهي؟ سڀ ڪجهه ٿي ويو، سڀ ڪجهه ڪرڻ ڏنو ويو، اکيون بند رهيون، چپ سبيل رهيا، زبانن کي تالا چڙهيل هئا، وزيراعليٰ چپ رهيو ۽ ڪي وزير سوال ڪندڙ صحافين کي داٻا ڏئي چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا ۽ مقامي مهاڻن جي ترقي جون دعوائون ڪندا رهيا پر سڀ هٿ ناٽ ناڪام ٿيا جڏهن سنڌ سراپا احتجاج بڻجي پنهنجو آواز بلند ڪيو پوءِ نوان ناٽڪ شروع ٿيا. سنڌ جي سوداگرن مان ڦري سنڌ جي محافظ ٿيڻ جا. خير دير آيد، درست آيد. اسين اميد ٿا ڪريون وري به چڱائي جي ۽ اسين اميد ٿا ڪريون پيپلز پارٽي سنڌي ماڻهن کي بيوقوف سمجهڻ جي احمقاڻي، توهين آميز خودڪش رويي کي ترڪ ڪندي.
“صبر وڏو ست، سگها ميڙي سپرين” رهبر انسانيت شاهه لطيف ٿو چئي ته صبر ۾ وڏي طاقت آهي، اهو ستت ئي سپرين ٿو ملائي. سنڌي قوم جي صبر جي سگهه کي احمقپائي سان ڀيٽي سنڌ جي سوداگرن هميشه گهاٽي جا سودا ڪيا آهن جن منجهان هنن کي عارضي طور ته جام فائدو ملندو آهي پر اهي پنهنجي ابدي انت جو سامان پيدا ڪندا آهن. سنڌ جي سياسي منظر نامي تي مفاد پرست ۽ ڪاروباري قوتن جو ايترو ته جارحاڻو قبضو ٿي چڪو هيو جو سڀ چڱا ماڻهو سياست کان ونئون وڃڻ لڳا ۽ ڪنارن تي بيهي اشارا ۽ دانهون پئي ڪيون ته “هي ڏس، هو ڏس، هنن جي هوندي ڪهڙي چڱي سياست ٿيندي” ايئن چئي هنن پنهنجي ضميرن کي به لولي پئي ڏني سي سڀ به هاڻي ڇرڪي اٿيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته “جيها ڪي تيها مارون مون مڃيا” ۽ الائي ڪٿان کان ڪٿان ڪنڊن ڪڙڇن مان نڪري سمنڊ جي سيوا لاءِ نڪري پيا آهن.
سيوا ڪر سمنڊ جي، جت جر وهي ٿو جال
سنئين وهن سير ۾، ماڻڪ، موتي، لال
جي ماسو جڙيئي مال، ته پوجارا پر ٿئين
مزاحمتي ۽ آدرشوادي سياست کي اڄ نئين ريج جي ضرورت آهي، ڏاهپ جي ريج جي. ادب ۽ اخلاص جي ريج جي. سرڪشي جي ريج جي. سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن جي حفاظت لاءِ بلند ٿيندڙ آوازن تي سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ جي خلقڻهار شاعر جي سڏ کي ورنائڻو پوندو. اسان جڏهن پنهنجي مزاحمتي سگهه کي لطيفي ڏاهپ سان جوڙي ورتو ته اسين ناقابل شڪست قوت بڻجي وينداسين. سنڌ جي سمورن نيڪ انسانن کي هاڻي ڪناري تي ويهي نقص ڪڍڻ جي روش ترڪ ڪرڻي پوندي ۽ سمنڊ جهاڳڻو پوندو تڏهن ئي پوڄارا پر ٿيندين.
سنڌ ۽ بلوچستان جي سمنڊ ۽ سامونڊي ٻيٽن تي قبضي جو هي وفاقي ۽ بين الاقوامي منصوبو سنڌي ۽ بلوچ قومن لاءِ زحمت جي پردي ۾ رحمت ثابت ٿي سگهي ٿو جيڪڏهن اسان ثابت قدميءَ سان پنهنجي مزاحمت ۽ پيش قدمي جاري رکون. هي سمنڊ اسان جو سينٽ پيٽرزبرگ ۽ پيٽروگراڊ بڻجي سگهي ٿو جيڪڏهن اسان حڪمت، ڏاهپ، همت ۽ سرڪشيءَ سان پنهنجي پيش قدمي جاري رکون.
ياد رهي ته ٻي عالمي جنگ ۾ جرمن فوجون جڏهن سويت يونين تي ڪاهي آيون ته اهي سينٽ پيٽرزبرگ تائين پهچي ويون ۽ سندن اڳلو نشانو روس جي گادي جو هنڌ ماسڪو هو پر سوويت عوام سندن پيش قدمي سينٽ پيٽرزبرگ تي روڪي ورتي ۽ پوءِ سوويت فوجن پيش قدمي ڪندي نازي فوجن کي پوئتي ڌڪيندي برلن ۾ وڃي ساهه پٽيو. سنڌ جي سمنڊ تي به هي جيڪو قبضو ٿيو آهي ان جو اڳلو نشانو ڪراچي آهي ۽ جيڪڏهن سنڌي قوم سندن اها پيش قدمي روڪي وڌي ته اسان جيهر شڪست فتح ۾ بدلجڻ شروع ٿيندي. جيترو ثابت قدميءَ سان اسان پيش قدمي ڪنداسين ايتري ئي بيوسي سان هو پسپائي اختيار ڪندا. جيترو اسان منظم ٿينداسين اوترو ئي هو بدحواس ۽ منتشر ٿيندا. اها ئي آهي سنڌ جي ساڃاهه، سنڌو جي ساڃاهه. سمنڊ جي ساڃاهه.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *