تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

سموسن جي جهيڙي ۾ لڪل غربت جو درد

تلهار ۾ ٿيل جھيڙي تي اسان کوڙ چرچا ڪيا، لطيفا ٺاهياسين، کلياسين، تبصرا ۽ تجزيا ڪياسين، ٻن ڏينهن تائين سماجي ويب سائيٽون تلهار ۾ ٿيل جھيڙي تي چرچن ۽ لطيفن جون ڇوليون هڻنديون رهيون. عام ماڻهن ته ٺهيو پر سماج جي سڄاڻ، باشعور ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن به تلهار واري انهي جھيڙي کي رڳو تفريح ۽ مذاق واري نظرسان ڏٺو. ڪن شاعريون ڪيون، ڪن لطيفا ٺاهيا، پنهنجا سماجي ويب سائيٽن جا وال سموسن ۽ چٽڻين حوالي ڪيا. کڻي ايئن چوان ته سڀني پنهنجي سماجي ويب سائيٽن جي وال تي چٽڻيون هاريون، ڪنهن به ماڻهو هن جھيڙي جي پٺيان لڪل خطرناڪ درد، پيڙاءُ ۽ مستقبل جي خطرن تي نه نظر وڌي ۽ نه ڪو تبصرو ۽ تجزيو ڪيو. سڀني اهو لکيو ته هي سڀ ماڻهو جن هن هيڏي وڏي شهر کي ڪلاڪن تائين جنگ جو ميدان ٺاهيو، انهن شايد ڪڏهن سموسو ڏٺو ئي نه هو، نه چٽڻي کاڌي يا وري ان شهر ۾ اهو واحد اڪيلو سموسو ۽ چٽڻي هئا، جيڪي آئينده تلهار جي شهرين جي نصيب ۾ اچڻا ئي نه هئا. ٻيا ته ٺهيو پر اسان جي يونيورسٽين جي سماجيات جي ماهرن ۽ سماجي سائنس جي ڄاڻو ماڻهن به هن جھيڙي جي پٺيان لڪل ان خطرناڪ طوفان ۽ پچندڙ لاوي تي نظر نه وڌو. هي جھيڙو نه سموسي تي هو ۽ نه چٽڻي تي هو، هي جھيڙو نه چانڊيا ۽ لاشاري برادرين ۾ هو. هي جھيڙوته بنيادي طور هڪڙي گراهڪ ۽ دڪاندار جي وچ ۾ هو، جنهن جي پٺيان سنڌ اندر اٿيل مهانگائي ۽ غربت جي طوفان جون جھلڪيون هيون، جيڪو طوفان جيڪڏهن سرڪارنه روڪيو ته سڄي سنڌ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي سگھي ٿو.
ظاهري طور هڪڙو ماڻهو سموسن جي دڪان تي اچي هڪڙو سموسو خريد ڪري ٿو، جيڪو ڪورونا جي وبا کان به اڳ هڪڙي قيمت تي ملندو هو پر هاڻي ان جي قيمت وڌي وڃي ٿي. گراهڪ جو دڪاندار سان وڌيل قيمت تي بحث ٿئي ٿو، بحث زباني جھيڙي بعد هاٿا پائي تائين پهچي ٿو. سنڌ جي ٻين شهرن وانگر تلهار شهر به بک، بيروزگاري ۽ مهانگائي جي باهه ۾ سڙندڙ نوجوانن سان ڀريل هجي ٿو، ٻنهي جا حامي گڏ ٿين ٿا ۽ هي شهر جنگ جو ميدان بڻجي وڃي ٿو.
مون ڪالهه کان ويٺي سوچيو ته ڪورونا کانپوءِ هي جيڪا خطرناڪ بيروزگاري پيدا ٿي آهي، اها نه رڳو سنڌ جي امن کي تباهه ڪندي پر سنڌ جي شهرن ۽ ٻهراڙين جا سمورا سک کڻي ويندي، هڪ صحافي جي حيثيت ۾ مون اهو سوال پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کان به ڪيو هو ته اوهان ڪورونا کان بچاءَ لاءِ سخت لاڪ ڊائون جي ڳالهه ڪريو ٿا پر انهي لاڪ ڊائون دوران بک بيروزگاري کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو منصوبو ڇو ناهي؟ گڏوگڏ مون وڏي وزير کان هڪڙي پريس ڪانفرنس ۾ اهو به سوال ڪيو هو ته هي جيڪي ڪاروبار بند آهن، اهي واپاري ۽ دڪاندار جڏهن پنهنجا دڪان کوليندا ته پنهنجي گھاٽي جي پوراءَ لاءِ ضرور قيمتون ٻيڻيون ڪندا، سنڌ سرڪار وٽ قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪو به نظام موجود ناهي، اسان وٽ ڪو به ماڻهو، ڪو به ڪاروبار کولي، پنهنجيون شيون مرضي جي قيمتن تي وڪرو ڪري سگھي ٿو، هفتو ڇا، مهينو ڇا پر سال ۾ به ڪو سرڪاري ادارو اچي ان کان اهو نٿو پڇي ته “تون شيون ڪهڙي اگهه تي ٿو وڪڻين”. اسان وٽ سنڌ سرڪار اندر شين جي قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ کاتو موجود آهي، ان جو وزير به آهي پر اهو کاتو 12 مهينن ۾ قيمتن تي ضابطو آڻڻ لاءِ رسمن ئي سهي هڪڙي گڏجاڻي نٿو سڏائي. مون کي کٽو مل جيوڻ سان ڪا به شڪايت ناهي، سينئر سياسي اڳواڻ آهي، محنتون ڪري انهي مقام تي پهتو آهي پر صحت کيس ايتري اجازت نه ٿي ڏئي جو ڪنهن دڪان جا 4 ڏاڪا چڙهي رڳو قيمتن جو جائزو وٺي سگھي. نتيجو اهو آهي جو لاڪ ڊائون کانپوءِ جتي بيروزگاري خطرناڪ حد تائين پهتي آهي، اتي وري مهانگائي اها حالت ڪئي آهي جو هڪڙي سموسي جي قيمت تان 25، 25 ماڻهو زخمي ٿي اسپتال پهچن ٿا. سماج جو اهو طبقو، جيڪو اهڙن ڏکين ڏينهن ۾ سرڪار کان ڪو پڇاڻو ڪري، سوال پڇي يا وري ڪا صلاح ڏئي، اهو طبقو انهي ڏکئي ۽ آزمائشي دور ۾ پنهنجي گھر ويهي موبائيل هٿ ۾ کڻي سماجي ويب سائيٽن تي چٿرن، هڪٻئي جي ڄنڊا پٽ، گلائن ۽ غيرضروري بحثن ۾ مصروف آهي. سنڌ جي پڙهيل لکيل دانشورن جو وڏو حصو روزانو ننڊ مان اٿي وقت جي حڪمرانن جي حمايت ۾ هڪڙي پوسٽ رکي پنهنجي ذاتي ڪمن ۾ مصروف ٿي وڃي ٿو جڏهن ته سنڌ اندر سنڌ پرست سياسي جماعتن جي ڳالهه صرف آمريڪي سامراج ۽ اسٽيبلشمينٽ تائين محدود آهي، ڪنهن جي به ايجنڊا تي بک، بيروزگاري، مهانگائي ۽ ٻيا سماجي مسئلا ناهن. تلهار هڪڙو ٽريلر آهي، سنڌ اندر انهي قسم جي جھيڙن جي هڪ سيريز شروع ٿيڻ واري آهي، جيڪا ڪنهن کي به نظر ڇو نٿي اچي؟
تلهار جھيڙي دوران جنهن به خطرناڪ سازشن جي بوءِ محسوس ٿي، اها هي آهي ته هي ڏک تڪليفون سنڌ کي هڪ ڀيرو ٻيهر برادري جھيڙن طرف وٺي وڃي رهيون آهن، مون کي ياد آهي ته اخبار ۾ ڪم ڪرڻ دوران اگر اپر سنڌ مان ڪا خبر ايندي هئي ته ان خبر جو انٽرو اهو هوندو هو “فلاڻي برادري جي ماڻهو جو فلاڻي برادري جي ماڻهو سان جھيڙو” پوءِ اهو ڀلي معمولي هاٿاپائي هجي پر اتي جيڪڏهن انهي قسم جي ساڳي هاٿاپائي جي خبر لاڙ واري علائقي مان ايندي هئي ته ان ۾ ذات ۽ برادري بدران ٻن ماڻهن جي جھيڙي جو ذڪر هوندو هو پر تلهار واري واقعي کي ايئن ئي رپورٽ ڪيو ويو آهي ڄڻ جھيڙو ڪنهن دڪاندار ۽ گراهڪ وچ ۾ نه پر ٻن برادرين ۾ آهي. هن وقت سنڌ ان قسم جي ڪنهن به سازش جو بار برداشت نه ڪري سگھندي، اسان سڀني ماڻهن جي ڪوشش هجي ته سنڌ ۾ امن رهي، بيروزگاري جو خاتمو اچي ۽ مهانگائي تي ضابطو اچي ته جيئن سنڌ بدامني جي باهه ۾ سڙڻ کان بچي سگھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *