تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

سم نالن کي لڳل گهارا ڪڏهن بند ٿيندا؟

سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ کانپوءِ دريائي ٻوڏ جو به خطرو هو جنهن جي موسميات کاتي وارننگ به جاري ڪئي هئي ۽ آبپاشي کاتي صوبي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري ضروري اپاءُ وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون،25 ڏينهن تائين اهي هنگامي حالتون لاڳو رهيون پر ڪالهه خير خيريت سان ڪوٽڙي بئراج وٽان مند جو وڏي ۾ وڏو وهڪرو گذري ويو جنهن تي صوبائي وزير اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڻي جو اهو وهڪرو ٽن ڏينهن اندر سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿي ويندو ۽ اعلان ڪيو ته هاڻي ڪنهن به بيراج تي وچولي درجي جي به ٻوڏ ناهي.
درياءَ جو وهڻ خوشحالي جي ضمانت آهي پر جڏهن به درياءَ مستي سان وهي ايندو آهي ته انتظامي غفلت سبب ڪيترائي ماڻهو مالي نقصان جو شڪار ٿيندا آهن. ڪيتري وقت کان وٺي درياءَ جي مٿان بند ٺهڻ ڪري اها مستي ساڳي نه رهي آهي پر جڏهن به معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ ۽ گليشيئر ڳرڻ ڪري درياءَ مستي ۾ ايندو آهي ته هتان جي آبپاشي کاتي جي ڪارڪردگي ظاهر ٿي پوندي آهي. هيل به درياءَ جي خيريت سان سمنڊ تائين ڇوڙ ۾ آبپاشي کاتي جو ڪو ڪمال ناهي پر جيترن وهڪرن جي اڳڪٿي ڪئي پئي وئي ان کان گهٽ پاڻي درياءَ ۾ آيو جنهن ڪري اهو بنا ڪنهن نقصان جي ڪوٽڙي بيراج ڪراس ڪري پنهنجي منزل سمنڊ طرف روان دوان آهي.باقي جيڪڏهن آبپاشي کاتي ۽ سيڊا جي ڪارڪردگي ڏسڻي آهي ۽ ان جي ماپ تور ڪرڻي آهي ته اها اڃان تائين ميرپورخاص، بدين ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ سم نالن کي لڳل گهارن ۽ ڪجهه وقت اڳ نئين گاج جي بند ٽٽڻ ۽ ايف پي بند کي لڳل روڻين مان ظاهر آهي جنهن ڪري لکين ماڻهو اڃان تائين پنهنجي اجهن ۽ گهرن کان پري آهن ۽ انهن جي گذر معاش زراعت جنهن نموني تباهه ٿي آهي ان جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي ۽ وري صوبائي وزير درياءَ جي پاڻي گهٽ هجڻ ڪري خيريت سان گذري وڃڻ کي پنهنجي کاتي جي ڪارڪردگي ڄاڻائي اطمينان جو اظهار ڪري رهيو آهي.
ايوان زراعت وارن پنهنجي بيان ۾ جيڪا ميرپورخاص ضلعي ۾ سم نالن کي لڳل گهارن سبب آيل تباهي جي منظر ڪشي ڪئي آهي اها صوبائي وزير جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هجڻ گهرجي.انهي ايل بي او ڊي جي به متاثر ماڻهن وانگر عجب ڪهاڻي آهي جو ڪير انهي جو به ڌڻي سائين ڪونهي،اها ايل بي او ڊي ٺهڻ وقت واپڊا جي حوالي هئي جنهن کان پوءِ انهي کي آبپاشي کاتي حوالي ڪيو ويو ڪجهه وقت اهي سيڊا جي حوالي هيا پر هاڻي اهي ڊرينيج ۽ سم نالا آبپاشي کاتي جي نگراني ۾ هلندڙ هڪڙي پروجيڪٽ جي حوالي آهن. جنهن جو سڌو مطلب جهڏو ،نئون ڪوٽ ٽنڊو جان محمد ڊگهڙي سميت ٻين علائقن ۾ سم نالن سبب آيل تباهي جي ذميواري آبپاشي کاتي تي ئي آهي،جن جي بندن جي نه ڪيتري وقت کان مرمت ٿي نه ئي وري برساتن دوران جڏهن گهارا لڳا ته اهي بند ڪرڻ لاءِ ڪي ڪوششون ورتيون ويون جيڪي اڃان تائين به بند نه ڪيا ويا آهن.جنهن ڪري ماڻهن جو اربين رپين جو ته نقصان ٿي ويو آهي پر اڃان تائين انهن علائقن ۾ پاڻي بيٺو آهي جنهن ڪري ايندڙ ڪڻڪ جو فصل ٿيڻ به تقريبن ناممڪن بڻجي ويو آهي، ڇو ته پاڻي جي نيڪال جو ڪو بندوبست نه آهي باقي جڏهن وڃي پاڻي پاڻمرادو سڪي وڃي ان لاءِ به ڪجهه مهينا گهربل هوندا تيستائن ڪڻڪ جي سيزن گذري چڪي هوندي. اسان جي حڪمرانن جي روايت رهي آهي ته جيڪڏهن ڪو سٺو ڪم پاڻمرادو ٿي ويو ته انهي جو ڪريڊٽ کڻندي دير نه ڪندا ۽ جيڪڏهن انهن جي انتظامي لاپرواهي يا غفلت سبب ڪو نقصان يا تباهي ٿي ته ان جي ذميواري کي قدرتي نقصان يا آفت ڄاڻائي پنهنجي جان آجي ڪندا.سو اسان جي صوبائي وزير به درياءَ جي خيريت سان گذرڻ کي پنهنجي کاتي جي بهتر ڪارڪردگي ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جڏهن ته سندس وزارت جي پروجيڪٽ تحت هلندڙ سم نالن جا گهارا ڪيترن ڏينهن کان بند نه ٿي سگهيا آهن انهن تي صاحب جي اک ئي نه ٿي پوي ته اهي به سندس ذميواري ۾ اچن ٿا.
اسان سمجهون ٿا ته جڏهن دريائي ٻوڏ جو خطرو ٽري ويو آهي ته سڄو ڌيان سم نالن جي پاڻي ۾ ٻڏل علائقن جي طرف ڏيڻ گهرجي ۽ فوري طور انهن علائقن ۾ سڄي مشينري کي استعمال ڪري سم نالن کي لڳل گهارن کي بند ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي،جيئن ماڻهن کي ڪجهه رليف ملي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *