تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سنڌ، سور ۽ سامونڊي

جهڙي طرح ھن ڪائنات ۾ ڌرتي جي مختلف حصن جي مختلف آبهوا ۽ خوبصورتي آھي، اهڙي طرح سان دريائن جي ڪنارن ۽ ٻيٽن جي به پر سوز ڪشش ۽ سونهن پنهجي پنهنجي هوندي آھي، صحرائن جي ماٺار، جهنگلن جي وڻن ۾ پکين جي چِھَه چِھَه جانورن جي چرپر ۽ الڳ الڳ آواز فطرتي سونهن جا نه رڳو عظيم شاهڪار آھن پر اهي منظر ٿڪائيندڙ زندگي کي جيئندان به بخشين ٿا.
جبل، نديون، ريگستان جتي قدرتي سونهن سان ٽمٽار هوندا آھن، اتي وري اتان جا لوڪ گيت، ريتون رسمون، ٻولي جا لهجا ۽ لباس به گهڻو دلپذير هوندو آھي. دريائن جي ڪنڌين کان شاهي وڻن جون ڊگهيون قطارون، وهندڙ دريائن جي ڪنڌين کان محبت جا اڻمٽ مينار لڳن ٿا، سمنڊن جي ڪنارن کان تمر جا ٻيلا،انساني آبادي جا ننڍڙا ڳوٺڙا، شھر، پتڻ ۽ ٻيٽن تي ماهي گيرن جا مَنَھه آڳاٽي وقت کان اڄ تائين انتهائي ڪشش ڪندڙ منظر رهيا آھن، ساحلي ڪنڌين کان نه فقط روح کي ڇڪيندڙ اهي منظر ئي رهيا آھن، پر انهن ڪنڌين تي انسان آبادي جو گهڻو تڻو حصو ٻاهرين ولايتن سان واپار به ڪندو رهيو آھي گڏوگڏ سمنڊ انساني روزگار جو وڏو ذريعو به رهيو آھي.
دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻھو سمنڊن مان مڇي ماري پنهنجو پيٽ گذر ڪن ٿا سامونڊي بندرگاهه به ملڪي معيشيهت کي مستحڪم ڪرڻ جو اهم ذريعو آھن .شاهه لطيف جي سر سامونڊي ۽ سر سريراڳ جو سارو پس منظر سمنڊ ذريعي وڻج واپار جو آھي. سر سريراڳ ۾ پرڏيھه ويندڙ وڻجارن جو خوب ذڪرآھي ته سر سامونڊي ۾ وري سندن وڇڙيل وهن جو ذڪر آھي ته انهن جا ور پرڏيهه مان واپس تڏھن ورن ٿا جڏھن اتر لڳي ٿو ۽ سر نسرن ٿا انهن ٻنهي سرن ۾ جتي وڻجارن جي وڃڻ ۽ وڇوڙي جو نازڪ دلي سان بيان ڪيل آھي ته اتي وري عورتن جي دلي جذبن ۽ امنگن جي اهڙي ته عڪاسي ڪيل آھي جو اهي سامونڊي منظر سوچي ماڻھو ڇرڪي ٿو وڃي. وڻجاري جي اندر جا احوال، طرحين طرحين جا پور، ڪانڌ جي موٽي اچڻ جي موسم ۽ ڪنڌي تي انتظار، بندر تي ناکئن کان پرين جون پڇائون، پيرن تي پڙ باسائون، درياءَ تي اکا پائڻ، چو واٽن تي ڏيئا ٻارڻ، سامونڊي خطرن جو ڀئو وغيره وڏا جذباتي انساني الميا آھن جيڪي الميا دنيا ۾ سمنڊن سان انسانن جي پائيداري وابستگي ڏيکارين ٿا
جر ٿر ڏيئا ڏي، وڻ ٽڻ ٻڌي وانئٽيون
الا ڪانڌ اچي، آسائتي آھيان
شاهه لطيف کان پوءِ سنڌ جي ڪيترن ئي شاعرن سمنڊن۽ دريائن جي سونهن کان متاثر ٿي ان کي پنهنجي شاعري ۾ ڳايو، درياءَ ۽ سمنڊ هن ڪائنات ۾ انساني آبادي جي جياپي جو مکيه ذريعو به رهيا آھن پر ڪڏھن ڪڏھن ساحلي علائقن ۾ موسمي طوفانن ۽ سيلابن ڪري انسانن جو ناقابل تلافي نقصان به ٿي پوندو آھي، سامونڊي طوفانن ۽ دريائي ٻوڏن سبب ساحلي ڪنڌين کان آباد ڳوٺ ۽ شھر ٻڏي تباهه ٿي ويندا آھن.آڳاٽي تاريخ ۾ دنيا ۾ ڪيئي اهڙا شھر دڙن جي صورت ۾ ملن ٿا جيڪي سامونڊي طوفانن يا وري دريائي اٿلن سبب تباهه ٿيا آھن جيتوڻيڪ دريائي ڪنڌين ۽ سامونڊي ڪنارن کي قريب شھرن توڙي ڳوٺن کي دريائي ٻوڏن ۽ سامونڊي طوفانن جو خطرو سدائين موجود رهندو پيو اچي جيتوڻيڪ هن ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ترقي يافتا حڪومتون جتي دريائن ۽ سمنڊن جي ڀرپور سار سنڀال ڪن ٿيون اتي وري ساحلي ڪنڌين تي آباد شھرن ۽ ڳوٺن جي حفاظت به ڪن ٿيون ليڪن سنڌ جي ساري تاريخ اهڙن قدرتي طوفانن يا سيلابن سبب ڦٽل شھرن جي ذڪر سان ڀري پيئي آھي. تاريخ جي ورقن ۾ اڄ به سامونڊي طوفانن جي دوڙ اڏامي رهي آھي.
ڪراچي کان علي بندر تائين ساحلي پٽي ۾ صدين کان ڪيترائي شھر آباد آھن جيڪي ڪڏھن ڪڏھن سامونڊي طوفانن سان ٽڪرائبا رهندا آھن، ابراهيم حيدري کان ڪيٽي بندر تائين، کاروڇاڻ کان جاتي تائين، روپا ماڙي کان علي بندر تائين اڄ به ساحلي شھر موجود آھن، ڪيٽي بندر، شاه بندر، علي بندر گهڻو اڳ جا بندرگاهه هئا. ورهاڱي پڄاڻان اهي بندرگاهه تاريخ جي صفحن ۾ ئي رهجي ويا جڏھن ته وقت جي حڪومتن انهن جي بحالي لاءِ ڪوبه قدم نه کنيو. عالمي ليول جي مرضي تي حڪومتون بندرگاهن جون رٿائون بلوچستان ڏي کڻي ويون بلوچستان ڏي اهي بندرگاهن کڻي وڃڻ ۾ ڪو حرج ناهي ليڪن سنڌ جي قديم بندرگاهن تي به ڪم ڪرڻ گهرجي ها ان سان سنڌ جي انهن علائقن جو ڏيساور سان اچ وڃ جو صديون اڳ جو رشتو به جڙيل هجي ها ۽ سنڌ جي ترقي جو سفر به ن رڪجي ها. ساحلي پٽي ۾ آباد شهرن ۽ ڳوٺن سان هميشھه اهو الميو رهيو آھي ته جڏھن سامونڊي طوفان ايندا آھن ته اهي شھر ۽ ڳوٺ طوفانن جي ور چڙھي اجڙي ويندا آھن ان سان نه فقط انهن شھرن ۽ ڳوٺن جو حليو بگڙي ويندو آھي ليڪن انساني جانيون به تباهه ٿي وينديون آھن گڏوگڏ چوپائي جو چارو ختم ٿيڻ سان گڏ چوپايو خود به موت جو کاڄ ٿي ويندو آھي .
لطيف سائين جي شاعري ۾ سامونڊي طوفانن، لهرن جو ذڪر ان پس منظر ۾ ھو بهو سامونڊي منظرڪشي جو نرالو عڪس آھي جيڪي ماڻھو سمنڊ سان جڙيل آھن يا وري انهن جو ويجهي کان ان سان پلئو پيل آھي.
 سامونڊين سان سڱ، متان کا منڌ ڪري
انگن چاڙھي انگ،روئندي سا رت ڦڙا
گذريل هفتي آئون ۽ سومارعلي ملاح جاتي وڃي رهيا هئاسين ٻارڻ آباد مالهيا، بيگنا جي ننڍڙن شھرن جي ٻنهي پاسن کان ڪٿي ڪٿي ڪا ٿوري گهڻي آبادي نظر ٿي آئي باقي رڻ ئي رڻ لڳو پيو هو، رڻ ۾ لاڻي جا ٻوٽا نظر ٿي آيا جيڪي اوٺو مال وڏي چاهه سان چرندو آھي شاه لطيف جي سر کنڀات ۾ ڪرهي جي لاڻي چرڻ جي نسبت ڪجھه ھيئن بيان ڪيل آھي.
ڪرهي ڪئين، پيا پينڌ پلڻ ۾
ليڙو لاڻي کي چري، نيئر ساڻ نئين
چانگي سندي چت ۾، صاحب وجھه سنئين
اوباهيوس آئين لطف ساڻ لطيف چئ
جاتي ۾ پهچي دوست ذاڪر کٽي سان ملياسين جيڪو هاڻي پوڙهو ٿي ويو آھي( ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جو يار ذاڪر کٽي اسان کي هميشه لاءِ ڇڏي راهه رباني روانو ٿيو) ذاڪر سان پراڻي واقفيت آھي، پاڻ جڏھن ادبي سنگت ۾ سر گرم هو،ذاڪرسٺو شاعر ۽ ليکاري به آھي پر بدقسمتي سان سندس ڪو به ڪتاب مارڪيٽ ۾ نه اچي سگهيو آھي. ذاڪر جاتي ۾ محمد حسن قاضي جي جاءِ تي وٺي هليو، قاضي صاحب جنهن جي عمر نوي پنجانوي سال لڳي ٿي ھو ڏاڍو دلچسپ ٿي لڳو،هن مون کي پري کان ئي نالي سان پڪاري کيڪاريو. قاضي صاحب ٻڌايو ته توهان کي ڪافي عرصي کان وٺي پڙھندو رهيو آھيان ان ڪري به جو مون کي توهان جي لکڻين ۾ ڪشش لڳي ٿي.
ذاڪر کٽي پندرهن سال ٽائون ڪميٽي جاتي جي چيئرمين بزرگ صفت پير محمد ميربحر سان به ملايو جيڪو بنيادي طور هڪ غريب درزي هو هن اڃان به ان ئي سادگي ۽ غربت ۾ ٿي گذاريو. ٻپهري اتي رهي، قاضي محمد حسن،قاضي محمد عباس، پير محمد مير بحر ۽ ذاڪر حسين کٽي کان موڪلائي روانا ٿياسين اسان کي اتان کان زيرو پوانئٽ تي وڃڻو هو ليڪن سامونڊي طوفان سبب پٺتي موٽياسين. جاتي شھر کي ڇڏيندي مون کي ڪافي آڳاٽو جاتي ۾ گذاريل اها رات ياد آئي جنهن ۾ اسان ادبي پروگرام اٽينڊ ڪري اڌ رات ويلي سمهڻ واري جاءِ تي آيا هئاسين ان رات جاءِ جو ڏکڻ وارو در کولي رکيو هوسين ڏکڻ جي هير لڳي رهي هئي مون کي دوستن چيو هتي ماڪ گهڻي پوندي آھي ڪڏھن ڪڏھن ته ماڪ ايتري پوندي آھي جو پکين جا کنڀ به مڪمل پسي ويندا آھن، پکي اڀري سج تائين وڻن مان اڏامي نه سگهندا آھن.
جاتي چوهڙ، شاه بندر، ڪيٽي بندر ۽ ٻين ساحلي پٽي جي شھرن جيان سمنڊ جي ويجهو شھر آھي، هن شھر جي ٻي سڃاڻپ اها به آھي جو هن شهر کي سنڌ جي هڪ شاعر سانوڻ فقير خاصخيلي پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آھي سانوڻ فقير نڙ تي بيت ڏيندو ڳائيندو هو.
ساريان جن ساٿين کي سي جوان ويا جاتي
ماري مون مسڪين کي ڪهي ويا ساڻ ڪاتي
هوندم حياتي، ته ملندس محبوبن سان
سانوڻ فقير خاصخيلي 1935 ع ڌاري گذاري ويو، سندس خاڪي جسم کي اوٽي وارن پيرن جي مقام ۾ دفن ڪيو ويو.
اسين جڏھن جاتي شھر کان نڪري رهيا هئاسين ته آسمان تي ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا موسميات کاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو هو ته سامونڊي طوفان ساحلي پٽي جي شھرن کي ناس ڪري سگهي ٿو ان ڪري سامونڊي ڪنڌين جي ڳوٺن ۽ شھرن مان ماڻھن کي فوري طور محفوط هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي نڪرڻ ويلي چاهيم ٿي ته اسان امڪاني سامونڊي طوفان جي سامهون سينو ساهڻ لاءِ ھوند ٻه ڏينهن ترسي پئون ليڪن پويان پنڌ جي ڳڻتي ڪنهن اسڪولي گهنڊ وانگر وڄي رهي هئي ان ڪري اتان نيٺ نڪرڻو پيو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *