تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سنڌو درياءَ جي حياتي کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت

آئون ان ڳالهه ۾ يقين رکان ٿو ته ڌرتيءَ تي موجود مٺي پاڻي تي حق به ڌرتي ۽ ان تي رهندڙ هر قسم جي جيوت جو آهي. ان ڪري پاڻي مقدس هستي آهي جيڪو هن ڌرتي تي موجود هر جيوت کي حياتي مهيا ڪري ٿو، پر جيڪڏهن انسان پاڻي جي قدرتي وهڪرن جا سڌو سئنون ۽ پاڻي جي وڏي پيماني تي استعمال ذريعي ڪنهن به قسم جا رخ موڙي ٿو ته ان جا تمام گھڻا منفي ماحولياتي اثر مرتب ٿين ٿا. جنهن جي نتيجي ۾ روزگار جي تباهي ۽ بربادي ذريعي سڀ کان پهريان ماهيگير، هاري ۽ ڌرتي جا اصلوڪا ماڻهو ڀوڳين ٿا.اسان کي خبر هئڻ گھرجي ته ڌرتي تي موجود تازو پاڻي قيمتي، گھٽ ۽ محدود مقدار ۾ موجود آهي. ڇو ته ڌرتيتي موجود سموري پاڻي جو 3 سيڪڙو مٺو پاڻي آهي. جنهن مان 2 ڀاڱي 3 کان مٿي برف جي ڪيپ ۽ گليشئرز ۾ موجود جيڪو انساني رسائي جي قابل نه آهي ۽ لڳ ڀڳ 1 ڀاڱي 3 زيرزمين پاڻي آهي، رڳو 0.3 مٺو پاڻي جيڪو دريائن، ڍنڍن ۽ دلدل ۾ موجود آهي ۽ انهيءَ مقدار مان رڳو 2 سيڪڙو پاڻي دريائن ۾ وهندو آهي.
وڌيڪ ڳڻتي جي ڳالھه اها به آهي ته حد کان وڌيڪ دريائن جا رخ موڙڻ ۽ جر جي پاڻي جو وڏي پيماني تي استعمال ڪرڻ سبب پوري دنيا ۾ دريائن جي وهڪرن ۾ تڪڙو گھٽتائي اچي وئي آهي، جڏهن ته دنيا جا ڪيترائي درياءَ هاڻ صفا سڪي ويا آهن، حقيقت ۾ سائنسي اتفاق راءِ جي باوجود ته دريائن جي بقا ۽ ماحولياتي سرشتي جي بقا لاءِ دريائن جو مناسب وهڪروڇڏڻ ضروري آهي، جيڪو دريائن جي حياتي جو بنياد آهي. ڇو ته وهڪرا دريائن جي زندگي هوندا آهن .اها حقيقت آهي ته سموري دنيا ۾ انسانن دريائن تي 57000 وڏاڊيمٺاهي دريائن جي زندگين کي قيد ڪري ڇڏيو آهي. جنهن جي ڪري دنيا ۾ موجود سمورن دريائن مان 2 ڀاڱي 3 دريائن تي اثر پيا آهن، نتيجي ۾ سمورين ساهواري شين جا قدرتي ٺڪاڻا پرزا پرزا ٿي تباھه ٿي ويا آهن، ڌرتي تي موجود حياتيءَ رنگا رنگي ۾ وڏي پيماني تي گھٽتائي اچي چڪي آهي، مڇي جا ذخيرا خطري ۾ پئجي ويا آهن. ان کانسواءِ موسمي تبديلي ۾ شدت وڌي وئي آهي. جيڪڏهن پاڻ دريائي ۽ قدرتي وهڪرن بابت ملڪي ۽ عالمي قانونن کي ڏسندا سين ته پتو پوندو ته اهي دريائن جي مڪمل صحت ۽ دريائي طاس جي حفاظت جي حوالي سان صفا نامناسب ڏسڻ ۾ ايندا. ان کانسواءِ اهي قانون موجوده وقت ۽ ايندڙ نسل کي پيئڻ جي صاف پاڻي مهيا ڪرڻ جي بنيادي گھرج پوري ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۾ صفا ناڪام ويا آهن. اهاڳالھه سوچڻ جي آهي ته دريائن جو استحصال ڪرڻ ۽ انهن کي تباھ ڪرڻ رڳو ماحولياتي مسئلو نه آهي، پر اهو ڌرتي جي اصلوڪن ماڻهن جي حقن جو به مسئلو آهي.
آبي وسيلن تي ڪارپوريٽ ڪنٽرول انسان ذات جي فلاح ۽ بهبود ۽ آسودگي لاءِ خطرو ثابت ٿيو آهي. صرف اڄ جي جديد دنيا جيڪا ان خام خيالي ۾ مبتلا آهي ته ان قدرتي وسيلن تي بالادستي قائم ڪري ورتي آهي، ان جا نتيجا هن ڌرتي جي هر حصي ۾ سوڪهڙي، صحرائن، شهرن جي اڃارن ماڻهن جي لڳاتار احتجاجن ، تباهه ٿيل آبي ذخيرن، وڌندڙ غلاظت، مرندڙ جانورن ۽ انساني بيمارين جي صورت ۾ سامهون آهن. اسين اهو يقين ڪرڻ جي غلطي ڪري رهيا آهيون ته ڌرتي تي اڻ کٽ پاڻي موجود آهي ۽ اسان مان ڪيترائي پاڻي کي ايئن استعمال ڪن ٿا ڄڻ پاڻي ڪڏهن به ختم نه ٿيندو، پر اهي ڳالهيون خطرناڪ حد تائين غلط ثابت ٿيون آهن. پاڪستان به ساڳين عوام دشمن ۽ ماحوليات دشمن پاليسين تي عمل ڪندي مدي خارج ترقي جي نالي ۾ سنڌو درياءَ تي ڊيم ۽ بيراج ٺاهي دريائن جي ٻنهي پاسن کان آباد ماڻهن کي تباهه ۽ بيدخل ڪيو ۽ گڏوگڏ انساني حقن جي به ڀڃڪڙي ڪئي. ان کانسواءِ درياءَ ۽ انڊس ڊيلٽا جي زندگي تباهه ڪئي وئي.پاڪستان جي انتظاميا هر سطح تي ماحولياتي قانون جي هڪ غير موثر نظام، عدم دلچسپي يا تعصب تي ٻڌل حڪومتي نظام جو شڪار آهي. وفاقي حڪومت صوبن جي وچ ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ واري پنهنجي ريگيوليٽري ڪردار ۾ صفا ناڪام وئي آهي. انسانن جي پيدا ڪندڙ ماحولياتي آفتن مان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ صوبو سنڌ آهي. هر ايندڙ حڪومت هن مسئلي کي نظرانداز ڪرڻ کي ترجيح ڏني آهي.
ڏکڻ ايشيا جي دريائي سرشتي جنهن ۾ سنڌو دريائي سرشتو به وجود رکي ٿو جي صحت ۽ ماڻهن جي حياتين کي سنگين خطرا لاحق آهن. اسان جي اڀياس مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڏکڻ ايشيا ۾ عوام دشمن ۽ ماحوليات دشمن پاليسين کي ساڳي غاصباڻي طريقي سان مڙهيو ويو آهي، جيئن بيٺڪي واري دور ۾ بيٺڪي طاقتن شهرين کي قابوڪرڻ لاءِ لاڳوڪيو هو. دنيا جي سڀني ريجن مان ڏکڻ ايشيا وڏن ڊيمن ٺاهڻ ۾ ٻيون نمبر آهي.ڏکڻ ايشيا جي ملڪن به قدرتي وسيلن تي بيٺڪيتي ڪنٽرول جي پيروي ڪندي دريائن جي ماحوليات کي تباھه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ڪري دريائن سان جڙيل سمورين حياتين ۽ عوامي معيشت لاءِ خطرا وڌي چڪا آهن. جيستائين پاڪستان جو تعلق آهي ۽ خاص طور سنڌ صوبي ۾ پاڻي جا انيڪ قسم جا مسئلا آهن. انڊس ڊيلٽا ۾ وڏي پيماني تي پاڻي جي گهٽتائي ۽ زرخيزي آڻيندڙ سلٽ، اهي اهڙيون حقيقتون آهن جيڪي برداشت جي قابل نه آهن. اسان جي قومي سرڪار ۽ گڏوگڏ پاڙيسري ملڪن پاران سنڌو درياءَ تي وڏن ڊيمن جي اڏاوت ۽ درياءَ جا رخ موڙڻ جي ڪيترن ئي منصوبن جو تسلسل سنڌو طاس جي ماحوليات تي هڪ لڳاتار حملو آهي. اسان کي ان وقت لازمي طور وڏي پيماني جو خطرو تسليم ڪرڻ کپي، خاص طور جڏهن وفاق پاران اهو سبب ڄاڻايو وڃي ته اسين پاڻي مان بجلي پيدا ٿا ڪريون.
جيئن ته ڊيلٽا ۾ مٺي پاڻي جو وهڪرو مرڳو گهٽجي ويو آهي، مختلف آبي وهڪرا،ڪريڪس ۽ ڍنڍون کاري پاڻي سان ڀرجي ويون آهن ۽ جر جي پاڻي جا ذخيرا به کارا ٿي ويا آهن. انهن سڀني ڳالهين جا مقامي ماڻهن جي روزگار، سماجي، معاشي ۽ ثقافتي زندگي تي خطرناڪ اثر پيا آهن، ايتري قدر جو کوهن ۽ دٻن جو پاڻي به پيئڻ جي لائق نه رهيو آهي، جنهن ڪري ماڻهوٻاهران پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن ۽ پنهنجي روزانو ڪمائي جو وڏو حصوپاڻي جي حاصلات تي خرچ ڪن ٿا. ٻنيون تباهه ٿي ويون آهن، فصل سڙي سـڪي ويا آهن ۽ زمينون لوڻياٺيون ٿي ويون آهن. تمر جي موجودگي ڪري ڪنهن دور ۾ عروج تي پهتل ننڍي پيماني جي ماهيگيري زوال جو شڪارٿي وئي آهي. پاڪستاني رياست دريائن تي ڊيم ۽ بيراج ٺاهي سنڌو درياءَ جا رخ موڙيا آهن، درياءَ کي تباهه ڪيو آهي، درياءَ جي ماحوليات ۽ زندگي تباهه ڪئي آهي، درياءَ تي انحصار ڪندڙ لکين ماڻهن کي محروم ۽ بيدخل ڪيو آهي. اهي سڀ تباهيون ۽ برباديون ترقي ۽ قومي مفاد جي نالي ۾ ٿيون آهن. ان ڪري هاڻ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڻ کي انهن سڀني پاليسين کي رد ڪرڻ گھرجي ۽ سنڌو درياءَ کي قانوني هستي مڃڻ واري نئين فلسفي تي عملدرآمد ۽ دريائن کي بحال ڪرڻ لاءِ باقاعده سماجي تحريڪ هلائڻ گھرجي.جيڪڏهن غور ڪنداسين ته پتو پوندو ته 1991 ع واري پاڻي ٺاهه سميت هيستائين جيڪي به پاڻيءَ متعلق ٺاهه ۽ فلسفا سامهون آيا آهن تن مان سنڌو درياءَ جو پاڻيءَ سان پيٽ ڀرڻ بدران سندس سينو اڃيو ۽ پيٽ مان واري اڏندي نظر اچي ٿي.
اها حقيقت آهي ته هن وقت پوري دنيا ۾ ڊيمن جي اڏاوت جي خلاف ۽ دريائن کي آزاد وهڪري ۽ دريائن کي انساني ذات جي حيثيت جو قانوني حق ڏيڻ جي دريائي ۽ ڊيلٽا جي ماڻهن جي جدوجهد ۽ تحريڪ تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي. ان کانسواءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجن دريائن کي انسان ذات جي حيثيت وارا قانوني حق ڏئي دريائن جي وهڪرن کي آزاد ڪيو آهي. هاڻ ضرورت ان ڳالھه جي آهي ته سنڌ جا ماڻهو به سنڌو درياءَ مٿان سمورن ڊيمن جي اڏاوت جي خلاف ۽ دريائن جي آزادي جي تحريڪ کي وڌيڪ مضبوط ڪجي ۽ پاڻي جي هاڃيڪار رٿائن جي خلاف آواز اٿارجي، دريائن ۽ پاڻي جي قدرتي ذخيرن جي صحت ۽ انهن جي قدرتي وهڪرن کي بحال ڪجي ۽ اسان جي دريائن ۽ پاڻي جي ذخيرن جي جٽادار ۽ برابري جي اصول هيٺ انتظام ڪاري ڪجي. ان کانسوءِ اسان کي ڊيمن جي خلاف ۽ دريائن کي بحال ڪرڻ لاءِ گڏيل طور عمل ڪرڻ گھرجي.ڊيم مخالف تحريڪن کي اهو ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته اسان کي صرف الڳ ٿلڳ ۽ مقامي سطح تي جدوجهد ۽ آواز اٿارڻوڪونهي پر انهن پاڻي جي مسئلن کي عالمي پس منظر ۾ به کڻڻو آهي. ان کانسواءِ درياءَ ڪيترن ئي طريقن سان اسان کي پاڻ ۾ جوڙين ٿا، اسان ۾ ٻڌي قائم رکن ٿا. ان ڪري آئون ان ڳالهه ۾ يقين رکان ٿو ته اسان سمورن ماڻهن جو دارومدار صحت مند دريائن سان لاڳاپيل آهي ۽ انهيءَ ڪري پاڻ گڏجي دريائن جي حفاظت به ڪري سگھون ٿا ۽ دريائن جا فطرتي وهڪرا بحال به ڪري سگھون ٿا. آئون سمجهان ٿو ته سنڌو درياءَ جي حياتي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته درياءَ کي قانوني زنده هستي تسليم ڪرڻ جي نئين فلسفي جي اصول هيٺ سنڌو درياءَ جي بحالي لاءِ مسلسل جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي هيءُ وقت آهي ته قومي، علائقائي ۽ مقامي سطح تي پاڻي جو تحفظ ۽ دريائن کي آزاد ڪرڻ واري تحريڪ شروع ڪجي ته جيئن پاڻي کي ڪاروباري استعمال کان بچائي سگهجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *