Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_11lfoq9ef0ejf1a6h9gqoj5ra6, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌي سمنڊ ۽ سنڌ جا سودائي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌي سمنڊ ۽ سنڌ جا سودائي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سنڌي سمنڊ ۽ سنڌ جا سودائي

“جيئن سمنڊ ۾ نه لهرن جو ليڪو آهي، نه آب جو انت، نه خطرن جو حساب، تيئن دنيا ۾ به حرصن، هوسن ۽ اولاڪن جي حد ئي ناهي، ملاح جو فرض آهي ته سچيت رهڻ، ۽ سکان کي پختو جهلي پاڻيءَ مٿان ٻيڙيءَ کي تارڻ، انسان جو ڪم آهي ته هو هر وقت بيدار رهي ۽ نفساني آڇارن ۽ ڪنن کان پاڻ سنڀالي انهي لاءِ جي ڪنهن معلم (ڪامل) جي هدايت وٺندو ته هرگز توائي نه ٿيندو،”
عالم انسانيت جو رهبر شاهه لطيف سُر سريراڳ ۾ اسان کي گرونانڪ جيان سچو سودو ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ ڪوڙ ڪمائڻ کان روڪي ٿو.
ڪوڙُ ڪمائيي ڪَچُ، اُٿي اور الله سين،
ڪَڍ تون دغا دل مان، صاحب وڻي سَچُ،
محبت سندو من ۾، ماڻِڪَ ! ٻارج مَچُ،
انُ پَرِ اُٿي اَچ، ته سودو ٿيئي سَفَرو،
شاهه جو شارح ڪلياڻ آڏواڻي سادي ٻوليءِ ۾ اسان کي شاهه جو سبق پڙهائي ٿو ته ڪوڙ جو واپار ڪيو اٿئي، اُٿي ڌڻيءَ سان (پنهنجو پاڻ سان) پنهنجو حال اور تون دل مان ڪوڙ ڪپٽ ڪڍي ڇڏ ڇو ته صاحب (اندر جي انسان) وٽ رڳو سچ ٿو اگهي، اي املهه موتي! (انسان) پنهنجي من ۾ سچي محبت جو مچُ ٻارج. انهيءَ ريت پيش اچج ته تنهنجو وڻج سجايو ٿئي،
پر بدقسمتي اسان گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان پيغام لطيف کي پٺي ڏئي ڪوڙ ۽ ڪچ جي ڪڍ لڳي پيا آهيون، ۽ ان تي وري ايڏو غرور ايڏو تڪبر …………….الا مان ! راتو رات امير ٿيڻ جي چڪر ۾ اسان پنهنجو ماڻهپو پنهنجو سچو مان وڃائڻ شروع ڪيو ڪوڙ ۽ ڪچ جو ڪاروبار ايترو ته وڌي ويو جو سماجي ڪارونهوار ۾ ان کي لازم ملزوم قرار ڏنو ويو، ۽ سماجي قدرن جو مان به اهو مقرر ٿيو ته جنهن وٽ وڏيون گاڏيون وڏا بنگلا، اقتدار جي ڪرسي ۽ اختيار جي رسي آهي، تنهنجي ئي در جو گولو غلام ٿبو، تنهن کي ئي عزت جو حقدار ڏبو،تنهن جا ئي ڳڻ ڳائبا ۽ جڏهن جنهن مان ڪم نڪتو ان کان منهن مٽائيندي به دير نه ڪبي، وري ڪنهن ٻئي ڀوتار ، ڪاموري ڪڙي جي محلن جو مور ٿبو، خوشامد ، چاپلوسي ، پاڻ وڻائڻ، دولت، شهرت، ڪرسي ۽ ڪارو ڪاروبار اسان جي سماجي ريت بڻجي وئي آهي، هڪ ٻئي کي الو ٺاهڻ جا به اسان استاد ٿي ويا آهيون، هڪٻئي جا پير ڪڍڻ ۾ اسان اڳ ۾ اڳرا پنهنجي ذات ۽ ڏات کي وڪڻڻ جا به اسان بيشمار گر سکي ورتا آهن.
عام کي ڪهڙي معيار ڏجي اسان جا ته ڏات ڌڻي ادب ۽ شاعري ۾ جذبن جي پالوٽ ڪري انهن جو ملهه وٺڻ جا ماهر ٿي ويا آهن. اسان جي ڏاهن به پنهنجي ڏاهپ جو واپار ڪرڻ سکي ورتو آهي، خصيص عهدن خاطر هڪٻئي جون عزتون ڌوڙ ڪرڻ ته ڪو هاڻي اسان جي اديبن ۽ استادن کان سکي، باقي وڏن عهدن ۽ وڏين ڪرسين لاءِ ته سڀ ڪجهه حاضر لڳو پيو آهي، مدح سرائي لطيف ۽ سيد جي ڪبي، باقي سنهي اقتداري شاهن جي ڪبي، چور به راضي ساڌ به راضي، منافقت جي هن ڌنڌي کي ڪوڙ ۽ ڪچ جي ڪاروبار جو نالو ڏنوويو آهي زميني حقيقت ۽ جيڪي سچ جي ڳالهه ڪن ته کين چيو ٿو وڃي خيالي دنيا جي مخلوق. زميني حقيقتن جي قائل مخلوق ۽ خلائي مخلوق ۾ اهڙي ته هم آهنگي جڙي وئي آهي جو هاڻي سچو سودو ڪندڙن جو حال ڀٽائي جي هن بيت جهڙو ٿيو آهي:
اگهيو ڪائو ڪچُ، ماڻڪن موٽ ٿي
پلئي پايو سچ، آڇيندي لڄ مران!
صحافت جو به اهو حال ٿيو آهي ته جو اڳ جيئن استاد پڙهائيندو ۽ نسل سنواريندو هو ته صحافي خبر ۽ ان جي صداقت معلوم ڪندوهو هاڻي هر خبر جو ملهه ٿو لڳي، اسين ڪيترو به سچائي سان ڏينهن رات به هڪ ڪري پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري قومي ورڪرن ۽ عوام تائين رسي کين سنڌي سمنڊ ۽ سامونڊي ٻيٽن تي ٿيل وفاقي فورسز جي قبضي جو اکين ڏٺو احوال بيان ڪندي کين پر امن مزاحمتي تحريڪ لاءِ متفق ٿيڻ جو سڏ ڏيون ٿا، تنهن جا پڙاڏا سوشل ميڊيا تي ٻڌڻ ۾ اچن ٿا پر اخبارن ۾ ڳوليون ٿا ته من ڪٿي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ اسان جي محنت ۽ محبت کي ڪو مان مليو هجي ۽ اسان کي جيڪا به ٿوري گهڻي موٽ ملي ٿي ته چئون ٿا ته، جيها ڪي تيها، مارو مون مڃيا، وري به سنڌي ميڊيا کي لک شابسون آهن جن خلائي مخلوق جي داٻن ۽ دٻاءُ هوندي به پنهنجو حصو ڳنڍيو آهي پر جيستائين سنڌ جا خوشحال ماڻهو سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ ، سنڌ جي وجود جي ويڙهه ۾ ، ڏنگي ڀنڊاڙ ٻيٽن تي ٿيل قبضي خلاف تحريڪ ۾ ، سمنڊ ۽ ٻيٽن تي ماهيگيرن ۽ ڌرتي ڌرڻين جي مالڪي قائم ڪرڻ جي تحريڪ ۾ پنهنجو حصو نه ڳنڍيندا ته هيءَ هيڻي رهندي، ڪاري ناڻي کي اڇو ڪرڻ جي سرڪاري حصن ۾ اوهان خوب حصو وٺندا آهيو پر ڪچ کي سون بڻائڻ جو هي موقعو اوهان هٿان نه وڃايو، هي ته سچو سون آهي، هاڻي ته ڪي سنوان پير کڻو،
سنڌي سمنڊ جي وارثي ۽ مالڪي ڪندي سنڌ جا پراڻا عاشق ۽ سنڌ جا سودائي به همسفر ٿيا آهن، ته سنڌياڻيون به ٻيهر ميدان تي لٿيون آهن، پراڻن عاشقن ۽ انقلابين سان گڏ پورهيت مزاحمت جا نوان جوشيلا جوان به علم جو علم بلند ڪندي عمل جي ميدان تي پاڻ ملهائڻ لٿا آهن، جنهن سان نئين پراڻي نسل جو سنگم به ٿي رهيو آهي، سنڌي قوم طرفان اتساهيندڙ موٽ سڀني جا حوصلا بلند ڪري رهي آهي، پر وسيلن جي کوٽ هر هنڌ پريشان ڪري رهي آهي، قومي ورڪر ۽ قومي تحريڪ سان لاڳاپيل، ڳاڻ ڳڻيان خاندان ۽ فرد ته اڄ به جيءَ جان سان جدوجهد ۾ پنهنجو حصو ڳنڍي رهيا آهن، پر سڄي قومي تحريڪ جو مالي بار کڻڻ سندن وس کان ٻاهر آهي، سنڌ ايڪشن ڪاميٽي طرفان پهرين نومبر حيدرآباد ۽ 15 نومبر تي ڪراچي ۾ ٿيندڙ قومي احتجاجي ميڙاڪن کي منظم ڪرڻ جي مهم دوران سڀ کان وڏي تڪليف اها درپيش اچي رهي آهي ته مهانگائي ماڻهن جي چيلهه ئي ڀڃي وڌي آهي، پر پوءِ به هزارين، لکين عوام شرڪت جو جذبو هئڻ باوجود وسيلن جي اڻهوند سبب شرڪت کان محروم ٿي رهيا آهن، هي مهل آهي ته خوشحال فرد ۽ گهراڻا اڳيان وڌن ۽ سنڌ جي قديم روايت “نيڪي ڪر ۽ درياءَ ۾ ڦٽي ڪر” کي وري زنده ڪن ، اسان بنا ڪنهن حساب جي مندرن ، مسجدن ، درگاهن ۽ دعوتن ۽ تفريحن تي به ڪيترو نه ڌن لٽايون ٿا پوءِ ڀلا اڄ جيڪڏهن سنڌ جو سڏ ٿيو آهي وجود تي وار ٿيو آهي، سنڌي سمنڊ تي قبضو ٿيو آهي سڄي دنيا جي سرمائيدارن سنڌ تي حملو ڪيو آهي ته اڄ اسين ڇو نه ٿا اڳتي وڌي چڙهي پنهنجو جيون سڦل ڪيون، ۽ سچو مان ۽ سچي عزت ماڻيون. اوهان ذاتي مفادن خاطر لک ڪروڙ لٽايو پر اوهان کي اهو سچو مان نه ملندو جيڪو هزار لک قومي تحريڪ ۾ ڏيئي اوهان کي ملندو، اوهان ٿورو ڏيندا، قوم اوهان کي گهڻو ڏيندي،
سنڌي سمنڊ تي ٿيل قبضو ڇڏائڻ ايترو آسان نه آهي معاملو فقط صدارتي آرڊيننس جي واپسي جو ناهي ، اهو ته جدوجهد جو فقط پهريون مرحلو آهي جنهن جي ڪاميابي کان پوءِ ان کان به ڏکي منزل اڃان اڳيان ايندي جنهن معاملي تي اسان صدارتي آرڊيننس جي منظوري کان پوءِ اک پٽي آهي اهو مامرو انتهائي پيچيدا آهي جنهن جو تاڃي پيٽو بين الااقوامي منصوبابندين سان ڳنڍيل آهي. سنڌ ۽ بلوچستان جي سمنڊ تي بلوچستان سرڪار سنڌ سرڪار وفاقي سرڪار ۽ ملڪي ۽ بين الااقوامي سرمائيدار ڪمپنيون ڳجهه ڳوهه ۾ معاهدا ڪري سڄو سمنڊ ۽ سمورا سامونڊي ٻيٽ پاڪستان جي وفاقي سرڪار پنهنجي وفاقي فورسز جي قبضي ۾ ڏيئي ڇڏيا آهن ، گوادر پورٽ جيان ڪراچي پورٽ بن قاسم پورٽ، ڏنگي ڀنڊاڙ ۽ ٻيا ٻيٽ به تين وال ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. پهرين مرحلي ۾ مئرين افيئرس ڊويزن اسلام آباد، طرفان ڀنڊاڙ ٻيٽ تي گرين سٽي جا منصوبي جا نقشا ۽ اشتهار منظر عام تي آندا ويا آهن، ۽ ڏنگي ٻيٽ کي اڻ اعلانيا پنهنجي قبضي ۾ وٺي، مقامي ماهيگيرن ۽ ڌرتي ڌڻين جي داخلا تي بندش وڌي وئي آهي جنهن جي پڪي ثابتي 15 آڪٽوبر تي احتجاجي هوڙن جي رستا روڪ سان ملي وئي.
سڀاڻي سنڌ جا ٻيٽ ۽ بندر ڪيئن تين وال ٿيندا، تنهنجو اندازو اوهان ان مان ئي لڳائي سگهون ٿا ته گوادر پورٽ نالي ۾ ته بلوچستان جي سرڪار جي ملڪيت آهي پر اهو هڪ ڳجهيءَ تحريري معاهدي تحت 40 سالن جي ليز تي چين جي حوالي ڪيو ويو، جنهن جي آمدني جو 40 سالن تائين 91 سيڪڙو چين 6 سيڪڙووفاق ۽ فقط 3 سيڪڙو بلوچستان جي حڪومت کي ملندو. جيڪڏهن صدارتي آرڊيننس ختم ڪري نالي ماتر سنڌ سرڪار جي سنڌ جي ٻيٽن تي مالڪي تسليم به ڪئي وئي ته پوءِ به ترقي جي نالي ۾ ايترو ئي حصو ملندو سنڌ سرڪار کي. تنهن ڪري اسان کي ان دوکي کان به بچڻو آهي، نالو سنڌ سرڪار جو، قبضو وفاق، پنجاب، چين ۽ ٻين ملڪي ۽ بين الا اقوامي سرمائيدارڪمپنين جو! دوکي جي هن سڄي ديوار کي ڊاهڻو آهي اسان کي ۽ اڏڻو آهي نئون جهان، امن جو، انسان دوستي جو، پيار جو، ادب جو، اخلاق جو ، نئين سنڌو تهذيب جو .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *