Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_aa423bej4ta8fd74hlp4l54pmh, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ ئي سوڀاري ٿيندي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ ئي سوڀاري ٿيندي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

سنڌ ئي سوڀاري ٿيندي

هي سن 1838ع جو واقعو آهي، جڏهن لطف الله گجراتي انگريز ريزيڊنٽ جو منشي ۽ فارسي جو استاد جهاز رستي سنڌ آيو. سندس ڊائري مان هڪ ورق پيش ڪريان ٿو، جنهن تي عنوان آهي “سنڌ ڏانهن.”
پهرين ڊسمبر 1838ع جي آڌي رات جو اسان جي جهازن جو آرماڙ سنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو. انهن جهازن ۾ انگريزي فوج جي هڪ ريجمينٽ سوار هئي، ٻي تاريخ صبح جو اسين “گهوڙي جي چر” واري وارياسي مان اچي مٽياسين،“ گهوڙي جي چر ”هاڻي هڪ وڏو وارياسو ڪنارو آهي ويهه سال اڳ هتي هڪ گهوڙي بند نالي بندر هوندو هو، جو ھاڻي سامونڊي لهرن هيٺان اچي ويو هو انهيءَ وارياسي ڪناري تي پهچڻ تي جمعي ناکئي مونکي پاڻي چکڻ لاءِ چيو ۽ منهنجي حيرت جي ڪا حد ئي نه رهي جڏھن ڏٺم ته اسان جي جهاز جي هڪ پاسي تازو مٺو پاڻي ته ٻئي پاسي صفا کارو پاڻي وهي رهيو هو! سبب پڇڻ تي معلوم ٿيو ته سنڌو درياءَ جي تکي سير جو تيز وهڪرو ايتري فاصلي تائين سمنڊ اندر مٺي پاڻيءَ کي کنيو اچي.
رات جو نوين بجي ڌاري اسان ويڪر باڙ کان ڏهن ميلن جي فاصلي تي اچي لنگر هنيو. چوٿين تاريخ فضا بلڪل سانتيڪي ۽ هوا بلڪل بند هئي ان ڪري اهو سڄو ڏينهن ويڪر باڙ تائين پهچندي لڳي ويو هتي اسان يارنهن برطانوي جنگي جهاز، ٻيا جهاز ۽ سو کن بتيلا ڏٺا منهنجو دوست جهونو ٽنڊيل، وارياسي ڪناري تي، ڪناري سان لڳي، تازي تباھه ٿيل جهاز ڀرسان اچي لانگهائو ٿيو جنهن تي مون هن کي چيو ته هن جهاز جي تباهي، اسان جي لاءِ هن قسم جو هڪ چتاءُ آهي ته جيڪڏهن اسان هن قسم جي تباهي نٿا چاهيون ته اسان کي ڪناري جي ويجهو اچڻ نه گهرجي، هن ٻڍڙي دريائي ڌاڙيل جواب ڏنو هن جهاز جو ٽنڊيل يا انڌو هوندو يا هن جهاز ٻوڙڻ ۾ هن جو ڪو خاص مقصد هوندو نه ته هتان جا ٻار به هتان جي چپي چپي جا واقف آهن. اسان بار ۾اچي لنگر انداز ٿياسون، پنجين تاريخ دريائي ڇوڙ وٽان اچي اسان سنڌو درياءَ ۾ گھڙياسين ۽ ڇهين تاريخ ويڪر کان اچي ستن ميلن جي فاصلي تي پهتاسون جتي درياءَ جي کاٻي ڪناري تي هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو آئون لهي اهو ڳوٺ ڏسڻ ويس ڳوٺ جي پٽيل سان مليس ۽ جمعي ناکئي جي ذريعي ان سان ڪچهري ڪيم. هن جي مادري زبان سنڌي هئي اسان جي سوالن جا جواب هن ايڏي وڏي آواز سان ٿي ڏنا جو مون سمجهيو ته هو يا ته اسان کي ٻوڙو ٿو سمجهي يا ايئن بنا اجازت ڳوٺ اچڻ تي هو اسان تي سخت ناراض آهي پر جمعي ناکئي کان پڇا ڪرڻ تي معلوم ٿيو ته ڏاڍي ڳالهائڻ هتي عام رواج آهي هتان جا ماڻهو نهايت مسڪين ٿي ڏسڻ ۾ آيا، هنن جا جھوپڙا اهڙا هئا جهڙا هندستان ۾ ماڻهو ڍورن جا وٿاڻ ٺاهيندا آهن سارو خاندان هتي هڪ ئي گهر ۾ رهيل هوندو آهي جنهن ۾ زال مڙس، ننهن پٽ، ٻار هڪ ئي دالان ۾ گاهه جي مٿان تڏا وڇائي ان کي هنڌ بڻائي سمهي پوندا آهن هنن جو عام کاڌو چانورن جي ٿلهي ماني، تازي يا سڪل مڇي آهي، هي ماڻهو تماڪ يا بصر جا ڏاڍا شوقين آهن ڳوٺ جي پٽيل پڻ اهي شيون اسان کي تحفي طور ڏيڻ جي آڇ ڪئي.
مون کان منهنجي پٽ پڇيو هي ڊائري جو ورق 1838ع جي آهي ڇا ان وقت سنڌو درياءَ سمنڊ ۾ ايڏو تيزي سان ڇوڙ ڪندو هو جو اجگر سمنڊ کي ڦارون ڪري هڪ پاسي مٺو پاڻي ٿي بيهندو هو مون چيو جيئن ته لطف الله گجراتي پنهنجي ڊائري ۾ لکيو آهي ته منهنجي جهاز جي هڪ پاسي مٺو پاڻي هو ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌو درياءَ جو مٺو پاڻي سمنڊ جي اندر گهڙي وڃي تمر جي ٻيلن کي به سائو ڪندو هو پر جنهن چانورن جي ٿلهي ماني جو هن ڊائري جي ورق ۾ ذڪر آهي ته اهي چانور به منهنجا پٽ لاڙ جي پٽن جي ئي پيداوار هئا هي جڳ جهان ۾ مشهور لاڙ جا ڳاڙها چانور جنهن جي سڳنڌ ئي اهڙي هئي جو ڍاول ماڻهو به چوي ته هوند ٻه گرھه ٻيا به هنن ڳاڙهن چانورن جي مانيءَ جا کڻي وٺان. اسان جي رڳو سنڌو درياءَ جو پاڻي کٽو ناهي پر سامونڊي پٽي تي غربت ته اڃان فرنگين جي دور کان به وڌي آهي سمنڊ آهي جو ڌوڪيندو پيو اچي لاڙ ۾ مٺو پاڻي اڻلڀ آهي سامونڊي پٽيءَ جا رهائشي ماڻهو ته اڃان به ڍورن جي وٿاڻن جهڙن گهرن ۾ رهن ٿا. دنيا جي ستون نمبر وڏي ڊيلٽا رکندڙ سنڌ جنهن وٽ اٺن ، مڇي ۽ گانگٽن جي پرورش لاءِ تمر جا ٻيلا آهن ان خوشحال انڊس ڊيلٽا تي رهندڙ مقامي ماڻهو اڄ به ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن.
بابا، چون ٿا ته ڀنڊار ۽ ۽ ڏنگي ٻيٽن تي جديد شهر ٺهندا جنهن سان مقامي ماڻهن جي ترقي ٿيندي غربت ختم ٿيندي، اوهان ڀلا ان ترقيءَ جا مخالف ڇو آهيو؟. منهنجي پٽ لاڙ جي غربت جو قصو ٻڌي مونکان سوال ڪيو.
مون پنهنجي پٽ جي چهري ڏانهن حيرت مان ڏٺو مون سوچيو اسان جو نئون نسل ترقيءَ جي خفت جي پويان، سنڌ کي هٿن مان واريءَ جيان کسڪندي ڏسي سگهڻ جي اڃان اهل ڇو نٿي سگهيو آهي!
مونکي پنهنجي پٽ جي ترقيءَ واري خواب تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي پر مون پنهنجو لهجو نرم رکي هن سان ان ڪري به گفتگو ڪرڻ ٿي چاهي ڇاڪاڻ مون نٿي چاهيو ته هي ڪچهري مان بيزار ٿي وري موبائيل جي اسڪرين ۾ گم ٿي وڃي.
پٽ تازو ملڪ جي صدر 2 سيپٽمبر 2020 ع تي “پاڪستان آئي لينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي” آرڊيننس جاري ڪيو آهي. 25 صفحن تي مشتمل هن آرڊيننس مطابق سنڌ ۽ بلوچستان جا سڀ ٻيٽ وفاق جي ملڪيت آهن انهن کي شيڊول ون ۾ رکيو ويو آهي.
آرڊيننس مطابق، ٻيٽن جي زمين جي منتقلي، استعمال، ٽيڪسن جي وصولي ۽ ٻيٽن تي زمين جي وڪري جا اختيار 11 رڪني بورڊ جي حوالي ڪيا ويا آهن جنهن بورڊ جو سربراهه چيئرمين هوندو.آرڊيننس جي شق 49 مطابق ان آرڊيننس کي ڪنهن عدالت ۾ چئلينج نٿو ڪري سگهجي.
منھنجا پيارا پٽ، ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽن تي جديد شهر ٺاهڻ جي ڳالهه جنرل مشرف جي دور ۾ پهريون ڀيرو 2006ع ۾ سامهون آئي هئي ان وقت جهاز راني ۽ بندرن جو وزير ايم ڪيو ايم جو اڳواڻ بابر غوري هو ان دور ۾ ٻيٽن جي سروي مڪمل ڪئي ويئي هئي ٻيٽن تي سيڙپڪاري لاءِ عرب عمارت جي هڪ عمارت ساز ڪمپني عمار کي راضي ڪيو ويو هو جنهن ڀنڊار ٻيٽ ۽ ڏنگي تي خيما به اچي کوڙيا هئا پر پوءِ سنڌ جي ماڻهن جي احتجاج سبب سيڙپ ڪندڙ ڪمپني پنهنجي سرمائي کي غيرمحفوظ سمجهندي به خيما پٽي واپس هلي وئي هئي.
ٻيهر 2013ع ۾ ٻيٽن تي قبضي لاءِ 45 بلين ڊالرن جي سرمائيڪاري جو منصوبو جوڙيو ويو منصوبي تحت بحريه فائونڊيشن کي عرب امارات جي هڪ گروپ سان گڏجي جديد عمارت سازي جو ڪم ڪرڻو هو انهن ئي ڏينهن ۾ صدر زرداري پاران ذوالفقار آباد جو منصوبو سامهون آندو ويو، پر هي مشرف کان پوءِ ٻيو ڀيرو هو جو سنڌ جي ماڻهن سخت احتجاج ڪري ڀنڊار، ڏنگي ٻيٽن توڙي ذوالفقار آباد جي منصوبن کي روڪڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
منھنجا پٽ…!!
جنهن کي حڪمران سنڌ جي ترقي چون ٿا ان بابت ماحوليات جي عالمي اداري ڊبليو ڊبليو ايف جو لکت ۾ ڊرافٽ موجود آهي، ڊبليو ڊبليو ايف مطابق هي ٻئي ٻيٽ ماحولياتي وسيلن سان مالا مال آهن هنن ٻيٽن تي 3،349 هيڪٽرن جي وسيع رقبي تي تمر جا ٻيلا آهن هتي زندگيءَ جا سڀ رنگ آهن.
50 کان وڌيڪ ٻوٽن جا قسم، دنيا جا ناياب سامونڊي ڪڇون، سامونڊي نانگ، 50 کان وڌيڪ مقامي نسل جي پکين جا قسم آهن،هي ٻيٽ رڳو مقامي ماهيگيرن جي ٿڪ ڀڄڻ جي جڳهه ناهن پر هزارين مسافر پکين جا مسڪن پڻ آهن. هي ٻيٽ انڊس ڊيلٽا جو حصو آهن ۽ انڊس ڊيلٽا بين الاقوامي تحفظ يافته رامسر سائيٽ ۾ شامل آهن پاڪستان رامسر ڪنوينشن جي ايگريمينٽ جو سگنيچري آهي جنهن مطابق انهن پاڻي جي ٻيٽن جي ماحولياتي وسيلن جو هر ممڪن تحفظ ڪرڻ ضروري آهي.
جيڪي ماڻهو چئي رهيا آهن ته ٻيٽن تي شهر اڏڻ سان مقامي ماهيگير ترقي ڪندا انهن شايد اها ڪٿ نه ڪئي آهي ته شهرن ٺهڻ ۽ لنگھه بند ٿيڻ سان گهٽ ۾گهٽ اٺ لک ماهيگير متاثر ٿيندا جيڪي اڳئي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن.هنن حڪمرانن کي شايد خبر هجي ته ڪورنگي ڪريڪ، ڦٽي ڪريڪ ۽ ابراهيم حيدري کان ئي هنن ماهيگيرن جا ٻيڙا سمنڊ ڏانهن سڙهه سڌا ڪري وڃن ٿا. رستو بند ٿيڻ سان هنن جو مڪمل طور روزگار ختم ٿي ويندو، ٺٽي ۽ ڪراچي جي 4000 ٻيڙن جي سمنڊ ڏانهن آمدرفت ختم ٿي ويندي. ابراهيم حيدري ۾ رهندڙ ڏيڍ لک جي لڳ ڀڳ ماهيگيرن جو سمنڊ ۾ وڃڻ ختم ٿي ويندو. ٻيٽن تي موجود تمر جا ٻيلا مڪمل ختم ٿي ويندا جنهن ڪري سامونڊي سونامي طوفان جنهن کي قدرتي ٻيٽ ۽ تمر جا ٻيلا روڪڻ جو ڪم ڪن ٿا انهن سونامي طوفانن جو سڌو حملو شهرن تي ٿيندو ان سان جيڪا تباهي ايندي سا جديد شهرن جي ترقيءَ جي فائدن کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندي، ان ڪري اسان ترقيءَ جي نالي ۾ ايندڙ تباهي ۽ سنڌ تي قبضي جي خلاف آهيون، هي رڳو ٻه ٻيٽ ناهن سنڌ جي سمنڊ ۾اهڙا 300 جي لڳ ڀڳ ٻيٽ آهن، صدارتي آرڊيننس مطابق ڀنڊار ۽ ڏنگي ٻيٽ فقط وفاق جي حوالي نه پيا ٿين پر سنڌ جا لڳ ڀڳ 300 ٻيٽ هڙپ ٿي ويندا.
منهنجي پٽ مٿي تي ٻئي هٿ رکي ڪنڌ هيٺ ڪري بيوس ٿي زمين ۾ ڏسڻ شروع ڪيو ، مون پڇيو پٽ، مايوس ڇو ٿيو آهين؟!چيائين مونکي لڳي ٿو مان اڃان فرنگين جي بيٺڪي دور مان نه نڪري سگهيو آهيان، اڃان به ڪيترائي ٻيڙا واپار ۽ ترقيءَ جا بهانا ڪري مها سنڌو ساگر ۾ اچي رهيا آهن اڃان به اسان جي شهرن، سمنڊن، ٻيٽن، درياءَ تي خونخوار هٿ بندوقون تاڻي بيٺل آهن. هٻڇي ماڻهن جون اکيون اسان جي زمين ۾ کتل آهن. اڃان به اسانجي ماڻهن کي کائڻ لاءِ بصر جي ڳنڍ ملي ٿي، بدقسمتيءَ اسان جا ئي ماڻهو اسان جي دشمن جا سهولت ڪار بڻيل آهن. بابا پ پ پ جي سنڌ حڪومت ته ڇهه مهينا اڳ وفاق کي لکت ۾ ٻيٽن تي قبضي جي اجازت ڏيئي ڇڏي هئي، هي ڏس بابا اهو ليٽر هن موبائل فون مون ڏانهن ڪندي چيو بابا ڏسو ڪيئن سنڌ کپائي رهيا آهن.
مون پنهنجي پٽ کي ڳراٽڙي پائي چيو، منهنجا دلبر پٽ، زندگيءَ ۾ ڪڏهن به مايوس نه ٿي، ڪڏهن به هيڻو نه ٻول، ڪجهه سياسي ڀوتارن جي رڳو موقعي پرستي کي نه ڏس، پنج ڪروڙ سنڌين جي غيرتن ۽ همٿن کي به ڏس. جبر ۽ ڏاڍ مڙسي اڳيان سينو ساهي بيهه، ڏس نئين صفبندي ٿي رهي آهي سنڌ جا لکين ماڻهو 11 آڪٽوبر 2020ع تي بنا ڪنهن تفريق جي ڪراچيءَ ۾ گورنر هائوس آڏو گڏ ٿي رهيا آهن، ڏس هڪ دفعو ٻيهر رياست جي جبر بلوچن ۽ سنڌين کي گڏيل جدوجهد جي مورچي تي اچي بيهاريو آهي، ڏس سنڌ نئين ولولي ۽ قومي جذبي سان اٿي بيٺي آهي. پڪ سمجهه هن ويڙهه ۾ سنڌ ئي سوڀاري ٿيندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *