تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

سنڌ اسيمبلي کي سلام

سنڌ اسيمبلي نيٺ سنڌ جي ملڪيت ٻن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي وفاق جي قبضي لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس خلاف ٺهراءُ پاس ڪري ڇڏيو آهي جيڪو آرڊيننس جاري ٿيڻ کانپوءِ سڄي سنڌ هڪ آواز ٿي ان خلاف قرارداد آڻڻ يا ان کي رد ڪرڻ جي گهر ڪري رهي هئي ۽ عوام جي ووٽن سان چونڊيل اسيمبلي انهي آواز کي مان ڏئي پنهنجو فرض پورو ڪيو آهي ۽ اڃان به ان تي ذميواري برقرار آهي ته اهو آرڊيننس واپس وٺڻ تائين ماٺ ۾ نه ويهي.
سنڌ ۾ اڃان تائين انهي آرڊيننس خلاف ڪاوڙ آهي ته ڪيئن وفاق آئين کي لتاڙي سنڌ جي ملڪيت تي غير قانوني طور قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جڏهن ته آئين واضح طور ٻڌائي رهيو آهي ته سمنڊ ۾ 12 ناٽيڪل ميل اندر جيڪي به حدون آهن اها ان صوبي جي ملڪيت تصور ڪئي ويندي جنهن حدن مان سمنڊ گذري رهيو آهي،آئلينڊ اٿارٽي جوڙڻ لاءِ لڪ چوري ۾ آرڊيننس جاري ڪرڻ مان ئي سجهي پيو ته وفاق سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبصو ڪرڻ گهري پيو، جيڪي تاريخي طور ٻنهي صوبن جي ملڪيت آهن ۽ انهن ٻيٽن تي صوبن جو اختيار ۽ حق آهي پر اها بدقسمتي رهي آهي هن ملڪ ۾ سدائين صوبن جي حقن ۽ ملڪيتن تي راتاها هنيا ويا آهن ۽ موٽ ۾ انهن صوبن کي ڪجهه به نه مليو آهي. پري ڇو وڃجي بلوچستان جي شهر سئي مان نڪرندڙ گئس اڃان تائين انهي شهر ۽ آسپاس جي علائقن کي نه ملي سگهي آهي ،سنڌو درياءَ جنهن تي سڀ کان پهريون حق سنڌ جو آهي ان کي سدائين پنهنجو حق نه ملندو آهي ۽ پاڻي لاءِ سڄي سنڌ هڪ آواز ٿي احتجاج تي مجبور هوندي آهي، مٿي ڊيم ٺاهي ان پاڻي کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو ويو آهي،ملڪ کي سڀ کان وڌيڪ ٽئڪس ڏيندڙ صوبو موٽ ۾ پنهنجي اين ايف سي ايوارڊ جو حصو پورو ملڻ لاءِ دانهيندو رهندو آهي.اهڙين قصن ڪري وفاق خلاف صوبن ۾ هڪڙيون بدگمانيون ۽ بي اعتمادي موجود آهي جيئن چوڻي آهي ته “نانگ جو ڪکيل نوڙي کان به ڊڄندو آهي ”تنهن ڪري جڏهن وفاق آئلينڊز اٿارٽي جوڙڻ لاءِ آرڊيننس جاري ڪيو ته سنڌ ۾ شايد ئي ڪو ماڻهو هجي جنهن انهي جي حمايت جي همت ڪئي هجي، ڇو ته سڄي سنڌ بنا سياسي نظرياتي فرق جي هڪ آواز ٿي انهي وفاق جي قدم کي للڪاري رهي هئي، جنهن جو مثال ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ به نظر آيو آهي ته جڏهن سنڌ ۾ حڪومت ڪندڙ پارٽي جي ميمبر انهي آرڊيننس خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو ته وفاق ۾ حڪومت جي اتحادي جي ڊي اي جي ميمبرن ايستائين جو پي ٽي آءِ جي هڪ ميمبر شهريار شر به پنهنجي پارٽي جي پاليسي خلاف احتجاج ڪندي پنهنجي ڌرتي جي ملڪيت تي قبضي خلاف ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو ،باقي جيڪي وفاقي حڪومت جا ٻيا اتحادي ۽ انهي پارٽي سان لاڳاپيل ماڻهو ٺهراءُ وقت واڪ آئوٽ ڪري نڪري ويا کين اهو خيال نه ٿيو ته اهو رڳو سنڌ حڪومت جو معاملو ناهي پر انهي سنڌ جي عوام جي ملڪيت تي قبضي جي ڪوشش آهي جنهن جي ووٽن تي چونڊجي هو به انهي ايوان ۾ پهتا آهن.
اسان سمجهون ٿا ته سنڌ اسيمبلي ۾ جن جن ميمبرن انهي ٺهراءُ جي حق ۾ ووٽ ڏنو يا آرڊيننس کي رد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو انهن پنهنجي ووٽرن جي اعتماد جو احترام ڪيو. اسان سنڌ اسيمبلي جي سڀني ميمبرن کي سلام پيش ڪيون ٿا ،هاڻي اها وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها سنڌ جي عوام جي آواز کي مان ڏئي جيڪو اسيمبلي کان وٺي روڊن رستن تي اچي اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي لاءِ جاري ڪيل اهو آرڊيننس واپس ورتو وڃي ۽ وفاق کي اهو آرڊيننس واپس وٺڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *