تازا ترين
  • *ڪراچي: مڪاني کاتي جي ملازمن پاران پگھارون آن لائين نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاھرو *مڪاني کاتي جا سوين ملازم پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا، نعريبازي *سنڌ جي وڏي وزير واعدو ڪيو ھو پر ھن وقت تائين پگھارون آن لائين ناھن ٿيون: اڳواڻ*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪروڙين رپيا هڙپ ڪرڻ وارو ريفرنس*عدالت پيش نه ٿيڻ تي چئن جوابدارن جا گرفتاري وارنٽس جاري ڪري ڇڏيا *سعيد بلوچ، سليم خالد، عفت زهريٰ ۽ شعيب خان جا وارنٽس جاري ڪيا ويا *ريفرنس ۾ پ پ جي فرزانه راجا سميت 18 جوابدار نامزد آهن : نيب*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جون رهتون ادا نه ڪرڻ وارو معاملو *سپريم ڪورٽ پاران چيف انجنيئر سکر، ڪوٽڙي ۽ ايم ڊي سيڊا کان رپورٽ طلب *مونکي 2018 ۾ سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪينالن جي صفائي جو ٺيڪو مليو هو: درخواست *فنڊز جاري نه ٿيا پر مون پنهنجو ڪم مڪمل ڪيو: ٺيڪيدار * رقم ڏيڻ واري مطالبي تي صوبائي فنانس سيڪريٽري ڪميٽي جوڙي، ان منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو*
  • *سکر ۾ آبپاشي کاتي ۽ ضلعي انتظاميه پاران حددخلين خلاف آپريشن ٻئي ڏينهن به جاري *هيوي مشينري جي مدد سان حددخليون ڊاهڻ جو عمل جاري، وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا *ايڪسين سکر بئراج فياض شاهه، مختيارڪار سٽي ۽ ٻيا آفيسر به موجود*
  • *دادو ۾ مغوي ناري نمرتا ملاح جي وارثن جو عدالتي احاطي ۾ احتجاج *ايف آءِ آر داخل هئڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ بدران اسان کي ڌمڪيون ڏيئي رهي آهي: مظاهرين *عدالتي احاطي ۾ احتجاج کان روڪڻ تي اهلڪارن ۽ نمرتا جي وارثن ۾ جهڙپون*
  • *اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس *ڪايبنا جي اجلاس ۾ معاشي ۽ سياسي سرگرمين سميت قومي سلامتي واري معاملي جو جائزو *ڪابينا جي اجلاس ۾ گلگلت بلتستان ۾ چونڊ نتيجن بابت بريفنگ به ڏني ويندي *ڪابينا ۾ ڪڻڪ، کنڊ جي اگهن ۾ واڌ سميت ٻين معاملن تي بريفنگ ڏني ويندي*
  • *خيرپور ويجهو قومي شاهراهه تي لڳل لکين روپين جون سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري *شاهه حسين باءِ پاس ڀرسان چور پول ڪيرائي 30 کان وڌيڪ سولر پليٽون ۽ لائيٽون چوري ڪري ويا *سولر پليٽن ۽ لائيٽن جي چوري بابت جاچ ڪري رهيا آهيون، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا: پوليس*
  • *لاهور:احتساب عدالت ۾شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس جي ٻڌڻي *عدالت ن ليگ اڳواڻ حمزه شهباز جي جوڊيشل رمانڊ ۾ پهرين ڊسمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي *حڪومت اپوزيشن کان انتقام وٺڻ بدران عوامي مسئلن تي ڌيان ڏئي: حمزه شهباز*
  • *نئون ديرو واسي نوجوان پراسرار نموني لاپتا، وارثن جو احتجاج *16ورهين جو احمد بيگ ميراڻي لاڙڪاڻي جي موبائيل مارڪيٽ مان موٽرسائيڪل سميت گم ٿي هو: وارث*
  • *تنگواڻي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جي ٻن ملازمن ۾ جهيڙو، گرفتار ٿيڻ بعد آزاد *ميونسپل ملازمن ڪرم علي نصيراڻي ۽ عابد علي نصيراڻي ۾ جهيڙو ٿي پيو *تنگواڻي: جهيڙو ڪندڙ ملازم گرفتار، ٽائون آفيسر جي مداخلت تي آزاد*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري، فريال ٽالپر ۽ ٻين خلاف جعلي اڪائونٽس ريفرنس *اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور *پوليس پاران گرفتار جوابدار حسين لوائي کي عدالت آڏو پيش نه ڪيو ويو*
  • *دادو: خانپور جوڻيجو ڀرسان پسٽل ڇٽڻ سبب نينگر زخمي *12ورهين جي عرفان پٽ نواب آرائين کي دادو اسپتال مان طبي امداد بعد نوابشاهه منتقل ڪيو ويو *دادو: عرفان کي پسٽل جون ٻه گوليون لڳل هيون: ڊاڪٽر*

سنڌ بمبئي جي قبضي ۾ ڪونه هئي

ڪنهن به خطي، صوبي، علائقي، رياست ۽ ملڪ کي ٻي ملڪ جو حصو سمجهڻ يا بڻائڻ عالمي قانون ۾ ڊگهو عمل آهي ۽ ان سان گڏ قبضي وسيلي ڪو به ڌرتي جو حصو بنا قاعدن ۽ قانونن جي ان جو سمجهڻ به هڪ وڏي سمجهه واري ڳالهه هوندي آهي. جيئن عام طور اهو سمجهيو ويندو آهي ته ورهاڱي کان اڳ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي جو حصو بڻايو ويو ۽ ان جو مطلب ڪڍي تاريخ جي ان حصي ۾ سنڌ جي وجود جي مڪمل خاتمي جو تاثر ڏنو ويندو آهي. ان معاملي جي تاريخي پس منظر ڏانهن وڃڻ کان اڳ ڪجهه اهم ڳالهيون سمجهڻ ضروري آهن.دنيا ۾ ڪجهه رائج طريقا آهن جنهن سان ملڪ، رياستون يا خطا هڪ ٻئي ۾ ضم يا شامل ٿيندا آهن.
1. رضاڪاراڻو طريقو: هن طريقي سان ڪو به ملڪ ٻي ملڪ ۾ مرضي سان ضم ٿيندو آهي يا ڪي رياستون، صوبا، خطا يا علائقا ڳالهين وسيلي ڪنهن ملڪ ۾ ضم ٿيندا آهن ۽ ان جو مستقل حصو بڻجي ويندا آهن. جيئن پاڪستان ۽ هندستان ٺهڻ مهل ڪجهه رياستن رضاڪاراڻي طريقي سان ۽ ڪجهه رياستن ڳالهين وسيلي انهن ملڪن جو حصو ٿيون ۽ ڪشمير تضاد جي ور چڙهيو.
2. جارحيت وسيلي قبضو: هن طريقي سان ڪنهن ملڪ جون فوجون ڏاڍ ڪري مختلف خطن ۾ ملڪن تي وڃي قبضا ڪنديون آهن. جيئن، رومن، يوناني، منگولن، عربن، ترڪن وغيره ٻين خطن ۾ وڃي قبظا ڪيا.ان کانپوءِ وري دٻاءُ يا اڌ مرضي جي بنياد تي به اهڙو عمل ڪيو ويندو آهي جيئن سويت يونين جو بنياد يا يونائيٽڊ ڪنگڊم (يوڪي) ۾ مختلف يورپي خطن کي شامل ڪرڻ وغيره. ان جا ٻه طريقا آهن.
1. الحاق ڪرڻ Affiliation/Instrument of Accession: هن طريقي سان ڪابه رياست ڳالهين وسيلي ڪنهن ملڪ ۾ ڪجهه شرطن وسيلي شامل ٿيندي آهي. جنهن جو مثال خيرپور رياست جو آهي ته جڏهن 1947ع ۾ ان جو قائداعظم محمد علي جناح سان ائگريمينٽ ٿيو هو ته اهو هڪ الحاق هيو جنهن ۾ رياست خيرپور مواصلات، دفاع ۽ فنانس جا معاملا پاڪستان جي حڪومت جي حوالي ڪيا باقي ونهوار رياست جو هيو. ايئن ڪجهه ٻين رياستن به ڪيو.
2. ضم ٿيڻ Merger Agreement: ضم ٿيڻ جو مطب آهي ته ڪو خطو، علائقو، ٿورو گهڻو خود مختيار صوبو ۽ رياست مڪمل طور ڪنهن ملڪ يا ٻي ڪنهن حصي ۾ شامل ٿي وڃي، پوءِ اها ڏاڍ واري طريقي سان يا رضا خوشي سان ته ان کي مرجر ائگريمينٽ چئبو آهي جيئن پاڪستان ۾ قلات، سوات، بهاولپور ۽ خيرپور رياستن ڪيو. مٿي جيئن مثال ڏنو ويو ته خيرپور رياست گورنر جنرل پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح سان معاهدي تحت 1947ع ۾ الحاق ڪيو ۽ وري ڊسمبر 1954ع ۾ گورنر جنرل پاڪستان غلام محمد سان مرجر ائگريمينٽ وسيلي مڪمل طور پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ ضم ٿي وئي.
3. منسلڪ ڪرڻ Annexation: جيڪڏهن ڪنهن به خطي يا خودمختيار علائقي تي قبضو ڪرڻ بعد ان کي ڪنهن ٻي قبضي آيل خطي يا وري پنهنجي ملڪ جي ڪنهن يونٽ سان انتظامي مقصدن لاءِ گڏايو وڃي ته ان کي منسلڪ ڪرڻ چيو ويندو آهي. پر ان خطي جي Territorial زمين سڃاڻپ ختم ناهي ٿيندي جيئن انگريزن ننڍي کنڊ ۾ اچي پريزيڊنسيون ٺاهيون ۽ منڍ ۾ سورت پريزيڊنسي ۾ هندستان جا قبضي ڪيل علائقا ”منسلڪ“ ڪيا ويا نه ڪي ضم ڪيا ويا، ڪنهن حد تائين انهن کي الحاق جي صورت ڏني وئي.
سنڌ جي بمبئي سان منسلڪ ٿيڻ جو تاريخي پس منظر ۽ صورتحال:
1843ع ۾ ٽالپرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ فيصلائتي جنگ ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪري ورتي ۽ ان جنگ ۾ سنڌ جي ويڙهاڪن جو وڏو جاني نقصان ٿيو. انگريزن جي سنڌ تي حڪمراني مڙهجي وئي ۽ سنڌ ملڪ کي گڏيل هندستان جو صوبو بڻائي ڇڏيو. انگريزن هندستان ۾ اقتصادي پرمار طور آيا هئا. ان حوالي سان هنن پنهنجو هڪ انتظامي نظام به جوڙي ڇڏيو هو. 1618ع ۾ هنن پهرين سورت پريزيڊنسي قائم ڪئي ۽ ان ۾ مختلف علائقن کي انتظامي حوالي سان منسلڪ ڪيو نه ڪي انهن جي ٽيريٽري Territory کي ضم ڪيو. امپريلزم واري سوچ آڌار هنن علائقا فتح ڪيا، پريزيڊنسيون قائم ڪري فتح ڪيل ڪجهه علائقا ۽ صوبا ان سان منسلڪ ڪندا ويا. پريزيڊنسين کي انهن ريڪارڊ ۾ انتظامي سب ڊويزن لکيو آهي. بمبئي پريزيڊنسي 1661ع ۾ قائم ٿي. جاگرافيائي اهميت جي ڪري انگريزن بمبئي کي جهڙوڪر مرڪزي حيثيت ڏئي ڇڏي. سنڌ کي فتح ڪرڻ بعد انهن 1847ع ۾ بمبئي سان منسلڪ ڪري ڇڏيو. انگريزن جا سڀ ريڪارڊ ٻڌائن ٿا ته اها Annexation of Sindh هئي نه ڪي الحاق يا ضم ڪرڻ هو. سنڌ کانسواءِ ان پريزيڊنسي ۾ گجرات، مهاراشٽرا، ڪونڪن وغيره جهڙيون وڏيون رياستون به منسلڪ ڪيون ويون هيون.
حقيقت اها آهي ته چارلس نيپيئر ۽ ايلنبرو ۾ اندروني ڇڪتاڻ هئي. ايلنبرو نه پيو چاهي ته نيپيئر جي پوزيشن مضبوط ٿئي. ان وقت جي لکپڙهه پڙهبي ته سنڌ جي بمبئي سان منسلڪ ڪرڻ جي حقيقت سامهون اچي ويندي. ان لکپڙهه ۾ اهو جواز ڄاڻايل آهي ته سنڌ جي معاشي صورتحال اهڙي ناهي جو اها پنهنجي سر ڪجهه اڳڀرائي يا ترقي ڪري سگهي ان ڪري ان کي بمبئي پريزيڊنسي سان ”منسلڪ“ ڪيو وڃي جيئن اها پاڻ ڀري ٿي سگهي. ان وقت جي جيڪا به لکپڙهه پڙهجي ٿي جواز سنڌ کي پاڻ ڀرو بڻائڻ ئي ڄاڻايو ويو آهي نه ڪي ان کي مستقل طور بمبئي سان ضم ڪرڻ جي تجويز ڏنل آهي. جڏهن سنڌ کي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪيو ويو ته ان ۾ به ڄاڻايو ويو ته سنڌ جون ٽي انتظامي ڊويزنون قائم ڪجن ٿيون ۽ جيڪب آباد واري ضلعي جو نالو به اپر سنڌ فرنٽيئر بارڊر ڊسٽرڪٽ ڏنو ويو جنهن مان ظاهر آهي ته انگريزن سنڌ جي خطي طور سڃاڻپ ختم نه ڪئي هئي ۽ جيڪي به تعليم، روينيو ۽ آبپاشي کاتن جا ريڪارڊ ملن ٿا يا آدمشاري جو ذڪر اچي ٿو ته سنڌ جي خطي Territory واري حيثيت برقرار رهي آهي. سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي سان منسلڪ ڪري ڪمشنري نظام لاڳو ڪيو ويو. سنڌ جي خطي طور سڃاڻپ وارو ٻيو ثبوت برطانوي راڄ پاران 1868ع وارو ”سنڌ ايڪٽ“ آهي. ان ۾ به ڄاڻايل آهي ته سنڌ ۾ جيڪو ڪمشنر هوندو اهو خودمختيار حڪمران وانگر هوندو. سنڌ جي معاشي حوالي توڙي ان کي بمبئي پريزيڊنسي سان منسلڪ ڪري ڪمشنري نظام هيٺ آڻڻ لاءِ آر ڊي چوڪسي جو سنڌ جي سماجي ۽ معاشي زندگي بابت ڪتاب The Story of Sindh جي صفحي 16 جو هي حوالو وڌيڪ چٽي تصوير پيش ڪري ٿو.
Lord Ellenborough wrote to Napier on 12th April: The abolition of transit duties will diminish the revenue but in Sindh we must do all for futurity, we have to create an Egypt, and we must not allow little views of present advantage to interfere with the realization of the greatest future objects…. He had, besides, decided that the Government of Bombay should in no way be concerned with the administration of Sindh which was to proceed in direct relation with himself. Sindh was to be governed from Calcutta. By order of 2nd April the Province was to be divided into three Collectorates; two for lower Sindh and one in Upper Sindh. These were Shikarpur, Hyderabad and Karachi:
جيڪڏهن اهو سمجهيو ٿو وڃي ته سنڌ بمبئي جو مڪمل حصو بڻائي وئي يا ان کي ضم ڪيو ويو ته اهي ڀليل آهن. اهي ريڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪن. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ان سنڌ صوبي جي انتظامي خودمختياري جي بمبئي سان منسلڪيت Annexation ٿي هئي جيڪا برطانوي راڄ جي قائم ٿيل هئي، باقي سنڌ جي خطي Territory واري سڃاڻپ انگريزن ريڪارڊ ۾ به برقرار رکي ۽ هر آدمشماري ۾ سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڳڻپ سنڌ جي خطي طور ئي ڪئي. جڏهن سنڌ جي صوبي طور بحالي جي جدوجهد هلي ته ان جو مک نقطو ئي اهو هيو ته سنڌ صوبي کي بمبئي کان ڌار ڪيو جنهن جو مقصد ان جي خودمختياري ۽ نيپيئر واري دور جي ٿوري گهڻي تبديلي سان انتظامي پوزيشن واپس آڻڻ هيو. اها به تاريخ جي حقيقت آهي ته انگريز جيڪڏهن جارحاڻي چاڙهه ڪري سنڌ کي هندستان جو صوبو نه بڻائن ها ته پوءِ 1947ع واري هندستان جي ورڇ واري صورتحال شايد بنهه مختلف هجي ها يا انگريز جيئن آيا هئا تيئن هن خطي جي جاگرافي ڇڏي وڃن ها. پر سنڌ کي هندستان جو صوبو بڻايو ويو ۽ سنڌ پاڪستان کي وجود ۾ آندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *