Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_sda0u6kp92pvd2q82g6nlm02j8, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ بيراج يا ڊيلٽا بيراج - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ بيراج يا ڊيلٽا بيراج - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

سنڌ بيراج يا ڊيلٽا بيراج

سال 2019ع جي آگسٽ مهيني ۾ انگريزي اخبار ڊان ۾ هڪ خبر لڳي ته واپڊا جي چيئرمين مزمل حسين وزيراعظم پاڪستان کي هڪ پريزنٽيشن ڏني، جنهن ۾ هن ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ سنڌو درياهه تي هڪ نئون بيراج “سنڌ بيراج” جي نالي سان ٺاهڻ جو ذڪر ڪيو. چون ٿا ته ان جي فزيبلٽي ٺاهڻ جي وزيراعظم منظوري ڏئي ڇڏي. انهيءَ بيراج ٺاهڻ سان سنڌ جا پاڻي جا مسئلا حل ۽ ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ ۾ مدد ملندي. چون ٿا ته واپڊا وارن انهيءَ جا هيٺيان فائدا ٻڌايا آهن.
1- ڊيلٽا ۾ سامونڊي پاڻي جي چاڙهه کي روڪيندو.
2- آباد زرعي زمينن کي سمنڊ جي چاڙهه کان بچائيندو.
3- ماحولياتي اثرن تي ضابطو آڻيندو.
4- تمر جي ٻيلن جي واڌ ۾ مدد ڪندو.
5- آبي حيات جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪندو.
6- ماڻهن کي پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي ڏيندو.
7- زرعي آبادي کي پاڻي مهيا ڪندو.
8- ماڻهن جي ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ کي روڪيندو.
9- ڪراچي کي پيئڻ جو پاڻي ڏيندو.
واپڊا وارن اهو منصوبو سنڌ جي ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ خاص طرح ڪراچي شهر کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ لاءِ جوڙيو آهي. واپڊا مطابق هي منصوبو تيزي سان مڪمل ڪيو ويندو ۽ ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ٿي ويندو. مهيني اندر واپڊا وارا ان جي فزيبلٽي ٺاهڻ شروع ڪندا. سال کن ۾ عالمي ڪنسلٽنٽس طرفان ان جي فزيبلٽي جو جائزو ورتو ويندو. ڊسمبر 2021ع تائين منصوبي جي تفصيلي انجنيئرنگ ڊيزائن کانپوءِ ان تي اڏاوتي ڪم جنوري 2022ع ۾ شروع ٿيندو. واپڊا مطابق اهو منصوبو ڊسمبر 2024ع تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي.
بيراج ڪهڙي هنڌ ٺاهيو ويندو:
اهو بيراج ڪوٽڙي بيراج کان 160 ڪلوميٽر هيٺ، سمنڊ کان 45 ڪلوميٽر مٿي، ٺٽه جي ڏکڻ ۾ 65 ڪلوميٽر تي ۽ ڪراچي جي اوڀر تي 130 ڪلوميٽر تي ٺاهيو ويندو. انهيءَ هنڌ جو نالو “ڪليهاران جون ڪولريون” ٻڌايو وڃي ٿو.
بيراج ۾ پاڻي ذخيرو:
بيراج کان مٿي ڪوٽڙي بيراج تائين 2 کان 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو جنهن ۾ بندن جي اوچائي 40 فٽ رکي ويندي.
بيراج مان واهه:
بيراج مان 2 واهه ڪڍيا ويندا. هڪڙو سڄي پاسي ۽ ٻيو کٻي پاسي. سڄي پاسي وارو واهه گهوڙا ٻاري کان گهارو تائين 42 ڪلوميٽر پڪو هوندو ۽ کاٻي پاسي وارو واهه سجاول کان گولاڙچي تائين 50 ڪلوميٽر پڪو هوندو.
ڇا اهو بيراج سنڌ جا اصل مسئلا حل ڪري سگهندو؟
سنڌ جا ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ٻه مکيل مسئلا آهن. هڪڙو اهو ته گهٽ پاڻي اچڻ ڪري سمنڊ مٿي چڙهي اچي ٿو ۽ ٻيو اهو ته سمنڊ جي مٿي اچڻ ڪري زرعي زمينون تباهه ٿين ٿيون. سال 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ سنڌ ڪوٽڙي کان هيٺ هر سال 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي گهريو. جيڪا ڳالهه نه مڃي وئي ۽ اڀياس ڪرائڻ جو چيو ويو. اڀياس سال 2004ع ۽ 2005ع ۾ ٿيا. انهن اڀياسن کي پينل آف ايڪسپرٽس (PANEL OF EXPERTS) کان سپروائيز ڪرايو ويو، جن رپورٽ ڏني ته سڄو سال هر ڏينهن ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ 5 هزار ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ هر پنجن سالن ۾ 25 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سراسري طور ڪوٽڙي کان هيٺ وڃڻ کپي. جيڪڏهن ڪيوسڪ کي ملين ايڪڙ فوٽ ۾ مٽايون ٿا ته هر سال ٿئي ٿو ته 3.6 ملين ايڪڙ فوٽ. سراسري 25 ملين ايڪڙ فوٽ هر سال ٿئي ٿو 5 ملين ايڪڙ فوٽ. ٻئي ملايون ته ٿئي ٿو 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ جيڪو 10 ملين ايڪڙ فوٽ کان گهٽ آهي پر اهو به هر سال نٿو ڏنو وڃي. گهٽ پاڻي اچڻ ڪري سمنڊ مٿي چڙهي ٿو اچي ۽ زرعي زمينن کي تباهه ٿو ڪري. ٻئي پاسي گهٽ پاڻي اچڻ ڪري لٽ گهٽ ٿو اچي ۽ سمنڊ مٿي چڙهي ٿو اچي. جيستائين 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي نه ايندو درياهه ۾ لٽ گهٽ ايندي ۽ سمنڊ جو مٿي اچڻ بند نه ٿيندو.
سنڌ جي آبادگار تنظيمن جا رايا:
اسان وٽ ٻه مکيه آبادگار تنظيمون آهن. هڪ سنڌ آبادگار بورڊ ۽ ٻي سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر. سنڌ آبادگار بورڊ وارا انهيءَ منصوبي کي صحيح سمجهن ٿا. ٻئي پاسي چيمبر آف ايگريڪلچر انهيءَ شرط تي منظور ڪري ٿي ته سنڌ جي نمائندن کي انهيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ کپي ته انهن جا خدشا دور ٿين. وري هڪ ٻي تنظيم فشر فوڪ فورم آهي. ان جو نمائندو محمد علي شاهه چوي ٿو ته اها ڊيلٽا کي جيارڻ جي غلط اسڪيم آهي. درياهه کي ڇڏيو وڃي ته وهندو رهي. درياهه ۾ لٽ اچي ٿي جيڪا ڊيلٽا جي جياپي لاءِ ضروري آهي. ان بيراج ٺهڻ سان لٽ اچڻ بند ٿي ويندي. هن اهو به الزام هنيو ته ان ۾ ذخيرو ٿيل پاڻي بحريا ٽائون کي ڏنو ويندو.
سنڌ جي ٺاهيل ڪاميٽي:
آبپاشي کاتي طرفان ماهرن جي هڪ ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن ۾ سنڌ جا سينيئر انجنيئر شامل ڪيا ويا آهن. اهي آهن حاجي خان جمالي، ظريف کيڙو، جمال الدين مکڻ ۽ پريتمداس. اها هڪ زبردست ڪاميٽي آهي جيڪا سنڌ لاءِ ڪوشش ڪندي ته اهڙي ترقي نه ٿئي جنهن سان سنڌ کي نقصان ٿئي ۽ اها سنڌ جا مسئلا حل ڪري.
منهنجا اعتراض:
1- بييراج ڪري 2 کان 3 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ڪيو ويندو. ڇا ايترو پاڻي هر سال ڪوٽڙي کان هيٺ وڃي ٿو.
2- پاڻي کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ بندن جي اوچائي وڌائي 40 فوٽ ڪئي ويندي. انهن بندن مان سيمو ٿيندو جيڪو ڀروارين زمينن کي خراب ڪندو.
3- کاٻي پاسي واري ڪينال تي اڳي ئي آبپاشي نظام آهي. جڏهن اهو آهي ته کاٻو ڪينال ڪهڙي ايراضي کي پاڻي ڏيندو؟
4- ڪراچي جي پيئڻ جي پاڻي لاءِ اڳي ئي ڪي فور منصوبو هلندڙ آهي. نئون ڪم شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ انهيءَ منصوبي کي مڪمل ڪيو وڃي.
5- سنڌ جي ماهرن جي رپورٽ مطابق 8.6 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي کپي. انهيءَ گهٽ پاڻي مان 2 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو. پوءِ ته لٽ به نه ايندي ۽ پاڻي به گهٽبو.
6- ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ ڪچي ۾ تمام گهڻي آبادي ٿئي. جن ۾ ڪيلا تمام اهم آهن جڏهن 2 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ذخيرو ٿيندو ته ڪچي ۾ آبادي ته نه ٿي سگهندي. اهي ماڻهو بيروزگار ٿيندا ۽ تمام گهڻي لڏپلاڻ ٿيندي.
7- چون ٿا بيراج واري هنڌ جي مٽي ڀرڀري آهي. انهيءَ مٽي مان ئي بند ٺاهيا ويندا. واري وارا بند ڪمزور ٿين ٿا.
8- سامونڊي اٿل کي روڪڻ لاءِ ٻيا اپاءَ وٺي سگهجن ٿا. انهيءَ لاءِ بند ٺاهي سگهجن ٿا جن تي پٿر جي پچنگ ٿي سگهي ٿي جيڪا هوا جي ڪري پيدا ٿيل ويرن کي روڪيندي.
منهنجي خيال ۾ سنڌ بيراج واري منصوبي جي فزيبلٽي ته ٿيندي پر ان جو ٺهڻ ڏکيو آهي، جو ان تي خرچ تمام گهڻو ايندو ۽ ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ جا سڀ مسئلا حل نه ٿيندا بلڪه نوان مسئلا پيدا ٿيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *