Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_s3di66fr2tacjkqs9h3e75vi97, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ تي قبضي جي ڪوشش ۽ ڌرتي ڌڻين جو ردعمل! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ تي قبضي جي ڪوشش ۽ ڌرتي ڌڻين جو ردعمل! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

سنڌ تي قبضي جي ڪوشش ۽ ڌرتي ڌڻين جو ردعمل!

سنڌ جي وسيلن تي قبضي توڙي ڌرتيءَ تي وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي والار ڪا نئين ڳالھه ڪانهي ۽ نه ئي پهريون ڀيرو اهڙي قسم جي ڪا حرڪت ڪئي وئي آهي. سنڌ تي قبضي ڪرڻ جا خواب پاڪستان قائم ٿيڻ کان به اڳ جا آهن پر پاڪستان جي قيام کان وٺي قبضي گيريءَ جي انهن خوابن کي عملي شڪل ڏيارڻ لاءِ هر آئي ڏينهن نوان ناٽڪ رچايا پيا وڃن. ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي وطن تان بيدخل ڪرڻ، سندن ملڪيتن ۽ وسيلن تي قبضي کي قانوني ۽ جائز قرار ڏيڻ لاءِ هر قسم جون اٽڪلون، سازشون ۽ حربا استعمال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن، جن جو سلسلو بند يا ختم ٿيڻ بجاءِ ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي.
تازو صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي سامونڊي ٻيٽن تي وفاق جي غيرآئيني ۽ غيراخلاقي طريقي سان جبري قبضي ڪرڻ واري ڪوشش کانپوءِ سنڌ جي عوام طرفان تمام گھڻي ڪاوڙ ۽ ردعمل جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ترقي پسند پارٽيءَ جي سڏ تي يارهين نومبر تي ڪراچيءَ ۾ گورنر هائوس اڳيان هزارين ماڻهن جو ڌرڻو، چوڏهين نومبر تي سموري سنڌ ۾ پرامن تاريخي هڙتال، جيڪا پنهنجي نوعيت جي هڪ منفرد ۽ مثالي هڙتال ثابت ٿي آهي. هي پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو بغير ڪنهن زور زبردستي، تشدد يا ڪنهن اڻ وڻندڙ واقعي جي سنڌي ماڻهن پاران ٻيٽن جي مسئلي کي پنهنجو مسئلو سمجھي پاڻمرادو پنهنجو سمورو ڪاروبار بند ڪري سنڌ وطن ۽ انهن جي وسيلن جي مالڪيءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور عملي ڪردار ادا ڪيو آهي. ان کان علاوه پندرهين آڪٽوبر تي ماهيگيرن جي تنظيم فشر فوڪ فورم جي ميزبانيءَ ۾ قومپرست اڳواڻن، ماهيگيرن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن سميت وڏي انگ ۾ سياسي ڪارڪن ٻيڙين ذريعي ٻيٽن جو دورو ڪري اتان جي حقيقي صورتحال جو جائزو وٺڻ. سترهين آڪٽوبر تي سمورين جماعتن جي گڏيل اتحاد سنڌ ايڪشن ڪميٽي طرفان سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاجي مظاهرا ۽ ريليون ڪڍڻ، جڏهن ته پهرين نومبر تي وري ڪراچي ۾ گورنر هائوس اڳيان ڌرڻي جو پڻ اعلان ڪيل آهي.
اهو به افسوسناڪ آهي جڏهن ڌرتي ڌڻي پنهنجن صديون پراڻن ٻيٽن جي مالڪي لاءِ سامونڊي ريلي جي صورت ۾ وڃي ٻيٽن تي اتان جي حقيقي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ اتي جلسو ڪرڻ چاهيو پئي ته، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کين وچ سمنڊ ۾ روڪي ڏنگي ٻيٽ تي وڃڻ ئي ڪو نه ڏنو. سنڌ جي قومپرست اڳواڻن، ماهيگيرن ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان قانون لاڳو ڪندڙ فورسز جي ان رويئي مان اسان کي ڪهڙو پيغام ملي ٿو؟ حقيقت اها آهي ته هن وقت اسان پنهنجي ئي وطن تي ايڏا بيوس ۽ لاچار بڻايا ويا آهيون جو پنهنجن وسيلن جي مالڪي حاصل ڪرڻ ته پري جي ڳالھه آهي پر آزاديءَ سان گھمي به نٿا سگھئون. جيڪڏهن سنڌ سميت محڪوم قومن سان وفاق جي اهڙي روش گھڻو وقت رهندي ته پوءِ مستقبل ۾ ان جا نتيجا ڏاڍا ڀيانڪ ۽ خطرناڪ نڪري سگھن ٿا. وفاق ان ساڳئي روش جا 1971ع ۾ به نتيجا ڀوڳي چڪو آهي. پر بدقسمتيءَ سان، انڌ جي گھوڙي تي سوار ۽ اقتدار جي نشي ۾ بدمست هن ملڪ جا حڪمران محڪوم قومن جو آواز ٻڌڻ يا ڪنهن پرامن احتجاج جو نوٽيس وٺي کين مناسب موٽ ڏيڻ ۽ جائز گھرون قبول ڪرڻ بجاءِ سدائين هٺ ڌرمي ۽ طاقت جي استعمال جو سهارو ورتو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تقريبن مني صديءَ کي پهچڻ کانپوءِ به ملڪ بک، بدحالي، بيروزگاري، فرقيواريت، انتهاپسندي، لاقانونيت، دهشتگردي، خودڪش حملن سميت عدم استحڪام ۽ غيريقيني واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي. هاڻي ته ملڪي حالتون وڃي ان هنڌ تي پهتيون آهن جو ڪير به پاڻ کي محفوظ ڪو نه ٿو سمجھي. اهڙي غيريقيني، پيچيده ۽ انتهائي خطرناڪ صورتحال هجڻ باوجود به حڪمران تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻ لاءِ تيار نظر ڪو نه ٿا اچن. وفاق، اسلام، جمهوريت ۽ ڀائيچاري جي نالي ۾ سنڌ جي تيل، گئس، ڪوئلي، پاڻي، ناڻي، درياءَ ۽ سمنڊ تي قبضي سميت سمورن وسيلن جي ڀينگ ڪئي پئي وڃي.
اهڙي حالت ۾ پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن جي ووٽ جو تقدس ۽ ڀرم بحال رکڻ يا پنهنجي آئيني، قانوني ۽ اخلاقي ذميواري نڀائيندي سنڌ جي سياسي، سماجي، معاشي ، جاگرافيائي ۽ ڪائناتي حقن جي حفاظت ڪرڻ بجاءِ مفاهمت ۽ سوديبازي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. جنهن جو تازو مثال سنڌ جي صديون پراڻن تاريخي ٻيٽن مٿان وفاق پاران طاقت جي زور تي جبري قبضو ڪرڻ واري سازش آهي، جنهن ۾ پيپلزپارٽي مڪمل طرح سان ملوث آهي. هي ته سنڌي قوم جو شديد ردعمل جو نتيجو آهي جو سنڌ حڪومت نه چاهيندي به وفاق کي اجازت ڏيڻ واري خط تان هٿ کڻي وئي آهي. پر جھڙي طريقي سان ٻيٽن تي تعميراتي ڪم هلندڙ آهي ۽ جهڙي طريقي سان سنڌ جي قومي قيادت ۽ ماهيگيرن جي رستا روڪ ڪندي کين ٻيٽن تي وڃڻ نه ڏنو ويو ، ان مان ظاهر اهو ٿي رهيو آهي ته، سنڌ حڪومت ٻيٽن جي معاملي تي اڃان به وفاق سان ڪا بارگينگ ڪرڻ ۽ ڪجھه ڏيو، ڪجھه وٺو واري مونجھاري ۾ ڦاٿل آهي. ڇاڪاڻ ته ٻيٽن تان وفاق جو جبري قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ پيپلزپارٽيءَ جي سنڌ حڪومت اڃان تائين به ڪو قانوني، آئيني ۽ پارلياماني رستو اختيار نه ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي اهڙي مجرماڻي خاموشي مان لڳي اهو رهيو آهي ته سنڌ حڪومت به ان قومي ڏوھه ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهي. جيڪڏهن پيپلزپارٽي سنڌي ماڻهن سان گڏ بيهڻ چاهي ٿي يا تاريخ جي ميار کان پاڻ بچائڻ چاهي ٿي ته پوءِ کين فورن سمورا آئيني طريقا اختيار ڪرڻ گھرجن. ان سان گڏ سنڌ جي وزيراعليٰ کي کپي ته سنڌ جي صحافين جي هڪڙي ٽيم کي پنهنجي هيليڪاپٽر تي کڻي وڃي ڏنگي ٻيٽ سميت سمورن ٻيٽن جو معائنو ۽ آزاد رپوٽنگ ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ته جيئن سنڌ جو عوام حقيقي صورتحال کان صحيح طرح سان واقف ٿي سگھي.پر، پيپلزپارٽي جي سموري تاريخ، عمل ۽ تجربو ٻڌائي ٿو ته هنن مان سنڌ دوستي جي اميد رکڻ تمام وڏي خوشفهمي ۽ پنهنجو پاڻ سان دوکي کان سواءِ ڪجھه به ڪونهي. هوئين به نه صرف پيپلزپارٽي، پر سمورين اقتدار پرست ۽ وفاقي پارٽين مان سنڌين توڙي بلوچن کي چڱائي واري اميد رکڻ جي خوشفهمي جو اجايو شڪار نه ٿيڻ گھرجي. ڇو ته وفاقي پارٽيون جڏهن به اقتدار ۾ هونديون آهن ته انهن جون سموريون پاليسيون، حڪمت عمليون۽ قانون سازيون محڪوم قومن جي حقن، وسيلن ۽ قدرتي نعمتن جي ڦرلٽ ڪري وفاق جي نالي ۾ پنجاب جي ترقي، تعمير ۽ خوشحاليءَ لاءِ ڪتب آڻيندي کين طاقتور بنائڻ لاءِ هونديون آهن. ساڳيون پارٽيون جڏهن اقتدار کان ٻاهر هونديون آهن ته سندن سموريون پاليسيون عوام دوست، جمهوريت پسند ۽ محڪوم قومن جي ڀلائي واريون بڻجي پونديون آهن. تنهنڪري سنڌين کي وفاقي پارٽين تي ڀاڙڻ بجاءِ هن ملڪ جي محڪوم قومن ۾ پنهنجا هم خيال دوست يا همدرد پيدا ڪرڻ لاءِ لاڳاپا قائم ڪرڻ جون ڪوششون ضرور ڪرڻ کپن. پر سنڌ جي وجود جي بقا، قومي حقن ۽ وسيلن جي مالڪي لاءِ سموري قوم کي سڄاڳ ۽ متحد ڪرڻ سان گڏ، پنهنجي تنظيمي طاقت کي وڌائڻو ۽ منظم ڪرڻو پوندو. ان لاءِ پنهنجن تنظيمي ادارن کي بحال ۽ فعال ڪرڻ جي لاءِ سخت محنت ۽ پورهيو ڪرڻ جي ضرورت آهي. پنهنجن صفن کي درست ۽ تنظيمي نيٽ ورڪ کي هيٺين سطح تائين کڻي وڃڻ جي ضرورت آهي. ان ڪم لاءِ سياسي اڳواڻن کان وٺي ڪارڪنن تائين سڀني کي صالح، ايماندار، فراخدل، بي غرض، بي لوث، باڪردار، باعمل، باعلم، ڄاڻو، ڏاهو، خبردار ۽ انتهائي سنجيده ٿيڻو پوندو. ڇو ته اڄ جي جديد دور ۾ جنگيون هٿيارن جي بجاءِ، علم، عقل، ڏاهپ، درست حڪمت عملي، دورانديشي ۽ دليل جي بنياد تي کٽڻ جو دور آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *