تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سنڌ تي هڪ نئين راتاهي جي تياري

ڪجھه ڏينهن کان  ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جي تياري ڪئي پئي ويئي هاڻ ان جا چٽا امڪان ان ڪري پيدا ٿي ويا آھن جو اٽارني جنرل سپريم ڪورٽ ۾ اهڙي رٿا بابت ڀڻڪيو، جڏھن ڪراچي جي نالن جي صفائي بابت ڪورٽ ۾  ٻڌڻي ٿي رهي هئي. هن وقت نالن جي صفائي جي بهاني سان ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ انتهائي خطرناڪ عمل هوندو. مڃون ٿا ته نالن جي صفائي ۾ غفلت ، سستي به ٿي هوندي پر ان سست عمل جو بار  صرف سنڌ حڪومت تي ڇو ٿو وڌو وڃي. ان ساري عمل ۾ ڪراچي جو ميئر به شامل آھي جنهن کي اربين روپيا بجيٽ ڪراچي جي ترقي ۽ صفائي لاءِ ڏني ويندي آھي. سنڌ حڪومت بار بار اهو مطالبو ورجائيندي رهي ٿي ته مرڪزي حڪومت سندن حصي جو حساب ڪتاب نه ٿي ڏئي، اڳين حڪومتن جي ڀيٽ ۾ گهٽ رقم ڏني ويئي آھي، نانگ ويو نڪري ليڪو پيو ڪٽجي.
ڪراچي ان وقت وفاق کي ياد ڇو نه هئي جڏھن ان جي روڊن تي ڪوپن جا ڪنڌ ڪرندا هئا، جڏھن ڀتي جي چٺين جي موٽ نه ملڻ تي فيڪٽرين کي آگ سان جلايو ويندو هو ۽ شھر ۾هر روز هڪ نئين قيامت برپا ڪئي ويندي هئي ۽ جيئري جلندڙ فيڪٽرين مان نڪرندڙ آگ جا شعلا آتش نمرود جو ڏيک ڏيندا هئا. ان وقت به ڪراچي تي مرڪز جي اک نه پوندي هئي جڏھن ايم ڪيو ايم جي مرڪزن ۾ ٽارچر سيلن جي ڀتين تي رت جا ڦينگا سڪندا ئي ڪونه هئا جڏھن جناح پور جي نقشن سان سنڌ جي وجود تي روز نئون وار ٿيندو هو جڏھن  مئي ۽ آڪٽوبر جي گرم مهينن ۾  ڪراچي جي تتل سڙڪن تي  عام شھرين کي گولين سان زخمي ڪري تڙپائي ماريو ويندو هو. ڪراچي ته ان وقت به وفاق جي نظرن کان اوجهل هو جڏھن شريف شهرين کي قتل ڪري ٻورين ۾ بند ڪيو ويندو هو.
هن وقت ڪهڙي نئين آفت ڪڙڪي آھي جو يڪدم ڪراچي کي صوبائي حڪومت کان ڦري مرڪز حوالي ڪرڻ جو راڳ شروع ڪيو ويو آهي. ڪراچي جا اڳوڻا زخم اڃان چڪي رهيا آھن انهن جو مرهم ڪيو ئي نه ويو آھي مٿان  ان کي ٻيهر زخم تي زخم ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آھي. دنيا جا ماڻهو  صوبائي حڪومت جي گادي واري شهر کي سنڌ کان ٽوڙڻ مان  مراد سنڌ حڪومت سان بغض ۽ حسد ئي سمجهندا جيڪڏھن ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ جو اهو منصوبو نه ئي هجي تڏھن به اهو عمل انتهائي خطرناڪ هوندو ڇاڪاڻ ته سنڌ حڪومت کي هتان جي عوام جو مينڊيٽ مليل آھي ڪنهن کي مليل مينڊيٽ جي توهين نا انصافي هوندي آھي.
ڪراچي کي مرڪز حوالي ڪرڻ جي اشارن سنڌ جي ماڻھن ۾ بي چيني پيدا ڪري ڇڏي آھي ڇاڪاڻ  ته محب وطن ماڻھو سنڌ   کان  ڪراچي جي جدائي ڪڏھن  به برداشت نه ڪندا.
اها ڳالھه قديم جاگرافي ۽ تاريخ مان ظاهر ٿئي ٿي، سنڌ تي حملا ٿيا آھن، ڪو وقت ڌارين جي ماتحت گذاريو اٿس پر ڪڏھن به ان تي ماٺ نه ويٺي آھي. پهرين موقعي ملڻ تي وري به پنهنجا وڃايل حق پئي حاصل ڪيا اٿس. هي ان جي تاريخ جو خاص ۽ نمايان ورق پئي رهيو آھي ته حق تلفين تي ڪڏھن به ماٺ ڪري نه ويٺي آھي ڇا هاڻي اسان پنهنجو قيمتي ورثو هٿن سان قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿيندا سون؟ ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ يا ان تي وفاق جو ڪنٽرول ڪنهن به صورت ۽ ڪنهن به بهاني قبول ناهي سنڌ پنهنجي وحدت برقرار رکڻ لاءِ هر سياسي ۽ آئيني ويڙهه وڙهڻ لاءِ تيار آهي ۽ مزاحمت ڪندي.
ڪراچي سنڌ جو اهو شھر آھي جيڪو نه فقط آڳاٽي وقت ۾ پاڪستان جي گادي جو هنڌ رهيو آھي ليڪن هن وقت  به سنڌ جي گادي جو هنڌ آھي، هي اهو شھر آھي جيڪو  مورڙي مير بحر جي مانگر مڇ سان ويڙھه کانپوءِ انگريزن جي  حڪومت دوران ڪجھه عرصي لاءِ  سندن رهائش جو گهر به رهيو هي اهو تاريخي بندرگاهه وارو شھر آھي جتي لطيف سائين سامونڊين  کي واپار لاءِ ويندو ڏسي وڇوڙي ۽ ويراڳ کي ڳايو آھي.
سامونڊي ساري مٿي تڙ گذاريان 
مون کي ٿي ماري انهين سندي ڳالهڙي
ڪراچي اهو شهر آھي جنهن کي نه فقط سنڌ جا ماڻھو ساهه ۾ سانڍين ٿا پر ان کي ٻکين پوڻ لاءِ  سامونڊي ويرون به واجهائين ٿيون ان جي  خاموش ٻيٺن تي جڏھن چانڊوڪيون ٿڌيون ٿينديون آھن ته اهي ٻيٽ ڪنهن ٻانهياري جيان ٿي پوندا آھن جنهن جي ادائن ۾ سوين صدائون ڇلڪنديون آھن.
ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ تايخ جي بدترين دورن جي واپسي هوندي، اهڙن غلامي جي دورن جي جن دورن ۾  گونگن ۽ اٻوجهه ماڻھن سان هر وقت اهڙو ورتاءُ ڪيو ويندو هو جهڙو ورتاءُ جانورن سان ڪيو وڃي ٿو.
مورڙي مير بحر جي شهر ڪراچي کي ڪنهن  به صورت ۾ سنڌ کان ڇني مرڪز حوالي ڪرڻ  سنڌ  جي ماڻھن کي ڪڏھن به قبول نه هوندو  جيڪڏھن اهڙي ڪا غلطي ورجائي ويئي ته ان سان نه فقط سنڌ جو روح رنجور ٿيندو پر ڪلاچي جي قبرستان ۾ ستل مورڙي مير بحر ۽ ان جي ڀائرن جا روح به روئي پوندا .
ماڪ ڀڄائين مولهيا، مٿان رات پيئي
اوليون اجهڻ لڳيون، ويا ونجهه وهي
ڪلاچيان ڪهي، ڪڏھن ڪو نه آيو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *