Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_onqk078u1jn01h252js2rdq1f1, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ جا ٻيٽ، عوام جو احتجاج ۽ وفاق جا نمائندا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ جا ٻيٽ، عوام جو احتجاج ۽ وفاق جا نمائندا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*

سنڌ جا ٻيٽ، عوام جو احتجاج ۽ وفاق جا نمائندا

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري کان ڪجهه ناٽيڪل ميلن جي فاصلي تي سمنڊ ۾ واقع ٻيٽن ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي تي وفاق جي غيرقانوني ۽ غيرآئيني والار ۽ ان سلسلي ۾ جاري ڪيل آرڊيننس کي توڙي جو وفاقي حڪومت ڪو وڏو مسئلو نه پئي سمجهي پر اهو سنڌ ۽ سنڌين لاءِ جيئڻ مرڻ جو مسئلو آهي. عالمي قانون هجي يا وري پاڪستان جو آئين ٻيٽن جي مالڪي جي حوالي سان اها ڳالهه واضح ڪيل آهي ته جنهن به صوبي (هتي اسان وٽ رڳو ٻن صوبن سنڌ ۽ بلوچستان وٽ سمنڊ آهي) جي سامونڊي حدن ۾ 12 ناٽيڪل ميلن اندر جيڪي به ٻيٽ يا زمين هوندي اها صوبي جي ملڪيت هوندي پر وفاق جي هوڏ آهي ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ وفاق جي اداري پورٽ قاسم اٿارٽي جي ملڪيت آهن ۽ ان ڪري اهي وفاق جا آهن. جڏهن ته سنڌ جي عوام توڙي حڪومت جو چوڻ آهي ته اهي ٻيٽ سنڌ جا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي 12 ناٽيڪل ميلن جي اندر آهن. ٻيو ته سنڌ حڪومت جڏهن پورٽ قاسم ٺاهڻ لاءِ زمين وفاق حوالي ڪئي هئي ته ان ۾ اهو شامل نه هو ته اهي ٻيٽ به وفاق جي ملڪيت هوندا. پورٽ قاسم جو هنن ٻيٽن سان ڪو واسطو نه آهي. ڀنڊاڙ ٻيٽ ته ان رستي تي آهي جيڪو سامونڊي جهازن کي پورٽ قاسم تائين آڻي ٿو ان کانسوءِ ان جو پورٽ قاسم سان ڪو به واسطو نه آهي. جڏهن ته ڏنگي ٻيٽ ته ان رستي تي به نه آهي جتان پورٽ قاسم لاءِ جهاز اچن ٿا پوءِ ان جو پورٽ اٿارٽي سان واسطو ڪيئن ٿو جڙي اها ڳالهه سنڌ جي ماڻهن کي ڪو به سمجهائي نه سگهيو آهي. وفاق جا نمائندا رڳو دعوائون ڪندا آهن انهن دعوائن جي حق ۾ وٽن ڪي به دليل نه آهن.
سنڌ جا ماڻهو ٻيٽن واري آرڊيننس خلاف سراپا احتجاج آهن، ڪالهه به ٻيٽن تي قبضي خلاف ڪراچي ۾ احتجاج ڪيو ويو. ٻيٽ بچايو تحريڪ جي سڏ تي ڪراچي جي علائقي ابراهيم حيدري کان هوڙن تي ريلي ڪڍي منفرد نموني احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. اهي به اطلاع آهن ته هوڙا ريلي ڏنگي ٻيٽ ويجهو پهتي ته اتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن ريلي کي ٻيٽ طرف وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. اهلڪار ريلي جي چوڌاري تيز رفتار ٻيڙين ۾ هٿياربند ٿي ڦيرا ڏيندا رهيا ۽ ماڻهن کي وارننگ ڏني ته هن طرف نه اچو، جنهن ڪري احتجاج ڪندڙ ماڻهو ٻيٽ تي وڃي نه سگهيا ۽ بعد ۾ ريلي ڀنڊاڙ ٻيٽ تي پهتي، جتي ريلي ۾ شريڪ ماڻهن ٻيٽن تي قبضي خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ٻيٽ بچايو تحريڪ پاران 19 آڪٽوبر کانپوءِ سڄي سنڌ ۾ صدارتي آرڊيننس خلاف ريلين جو اعلان ڪيو ويو. ٻئي طرف سنڌ صوبي ۾ وفاق جي نمائندگي ڪندڙ گورنر عمران اسماعيل وري ٻرندي تي تيل هاريندي ٻيٽن تي وفاق جي قبضي خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻهن کي سنڌ دشمن قرار ڏنو آهي جڏهن ته هن اهو به چيو آهي ته هو ٻيٽن جي معاملي تي سنڌ جي عوام ۽ سنڌ حڪومت کي اعتماد ۾ وٺندو. گورنر هائوس ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي گورنر چيو ته ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي نوان شهر اڏجڻ سان ترقي ٿيندي، دنيا جي خوبصورت ملڪن سان مقابلو ڪيو ويندو، ڄاڻايل منصوبي سان ڏيڍ لک ماڻهن کي روزگار ملندو، ٻيٽن تي ڪا سوسائٽي نه پر نئون شهر ٺهي رهيو آهي، آمدني به سنڌ حڪومت کي ئي ملندي. اتي مڇيءَ موجود ئي ناهي. ٻيٽن بابت صدارتي آرڊرنينس تي سنڌ سرڪار کي ڪي خدشا آھن ته اهي به گڏ ويهي ختم ڪيا ويندا. جيڪي ٻيٽن جي ترقي جا مخالف آھن، اهي سنڌ جا دوست ناهن. اڄ تائين انهن ٻيٽن جي ماحوليات بابت اسٽڊي ناهي ٿي. سنڌ جي گورنر کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ جي ٻيٽن جو اصل مسئلو آهي ئي ان جي ملڪيت جو حق تسليم ڪرڻ، جيڪڏهن وفاقي حڪومت آرڊيننس واپس وٺي ۽ ان تي سنڌ جو حق تسليم ڪري ته پوءِ سنڌ جي عوام جي مرضي آهي ته اهي انهن ٻيٽن تي ڇا ٿا ڪرڻ چاهين. پر وفاقي نمائندا جيڪا ٻولي استعمال ڪري رهيا آهن ان سان ڇا هو سنڌ جي عوام کي مطمئن ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندا؟ڇاڪاڻ ته سنڌ جي عوام کي اڳ ۾ به اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي ته هو ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت نه ڪري ڇاڪاڻ ته ان مان فائدو به سڀ کان وڌيڪ سنڌ جو ئي ٿيندو. اها ڪهڙي ترقي آهي جيڪا ٻيا سنڌ کي ڏيارڻ چاهين ٿا پر سنڌ جي عوام کي قبول نه آهي. سنڌ جو عوام ڌرتي جي قيمت تي ڪا به ترقي نه چاهيندو ان ڪري کين اهڙا لالي پاپ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ٻيو ته جيئن ڪالهه ٻيٽ بچايو ڪميٽي جي احتجاج کي روڪيو ويو آهي ائين ان احتجاج کي روڪڻ ڪنهن به جمهوري حڪومت کي نه ٿو سونهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پر امن احتجاج جو حق به نه هجي ته عوام ٻيو ڇا ڪري؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *