تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سنڌ جا ٻيٽ ۽ عوامي احتجاج

سنڌ جي سياست ۾ ڪجهه وقت کان ڊگھي ماٺار نظر اچي رهي هئي، پر جڏهن سنڌ جي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي وفاقي سرڪار صدارتي آرڊيننس آڻي ترقي جي نالي سان والار جي ڪوشش ڪئي ته سنڌ جو شعور سجاڳ ٿي پيو ۽ شعور جي هڪ دانهن سموري سياسي صورتحال ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي. سنڌ جي آئيني اختياري حدن ۾ مداخلت لاءِ وفاقي سرڪار ته تڏهن کان ئي ڪوشش ڪري رهي هئي جڏهن ڪراچي جا انتظام وفاق حوالي ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي، جنهن تي عوامي رد عمل اچڻ بعد ان ڪميٽي کي ترقياتي منصوبن تائين محدود ڪيو ويو. ان ڪراچي ڪميٽي تي اڄ به عوامي اعتراض موجود آهن. ويتر تازو وفاقي حڪومت پاران هڪ مهينو اڳ صدارتي آرڊينينس جاري ڪندي سنڌ جي ٻِن جاڙن ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ ٻيٽن تي نوان شهر اڏڻ وارو فيصلو ڪندي ٻيٽن جي ترقي لاءِ اٿارٽي ٺاهي آهي، جيتوڻيڪ آئين جي آرٽيڪل 172 جي سب سيڪشن ٽو تحت ڄاڻايل ٻنهي ٻيٽن جي ملڪيت سنڌ صوبي جي حصي ۾اچي ٿي پر ان جي باوجود به وفاقي حڪومت صدارتي آرڊينينس جاري ڪري اٿارٽي ٺاهي جنهن تي سنڌ جي ماڻهن کي مک اعتراض اهو آهي ته وفاق ڪهڙي آئين ۽ قانون تحت سنڌ جي ملڪيتن تي ترقي جي نالي تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي؟
سنڌ حڪومت ٻيٽن تي اٿارٽي ٺهڻ واري آرڊينينس کان اڳ به پنهنجو ڪو واضح موقف سامهون نه آندو، آرڊينسن جڏهن ڳجهو هو تڏهن به پيپلز پارٽي جي صوبائي صدر نثار کهڙو جو اهو موقف سامهون آيو هو ته ترقي جا مخالف ناهيون، بس رڳو مقامي ماڻهن جو خيال رکيووڃي! هر معاملي تي آئين ۽ قانون جو حوالو ڏيندڙ پيپلز پارٽي جي صوبائي قيادت ٻيٽن واري معاملن تي الئه ڇو آئين ۾ موجود شقن کي حوالي طور سامهون ئي نه رکيو ته جڏهن ملڪيت صوبائي آهي ته پوءِ وفاق ڪهڙي طرح سڌي ريت ترقي ڪرڻ گھري ٿو؟
بهرحال هڪ مهيني تائين ڳجھو رکيل صدارتي آرڊينينس جڏهن منظر عام تي اچي ويو ته سنڌ جي عوام جو جيڪو رد عمل سامهون آيو آهي اهو ڪالهوڪي عوامي تحريڪ جي ريلي مان آساني سان ڏسي سگھجي ٿو. ان کان رڳو هڪ ڏينهن اڳ سنڌ جي سول سوسائٽي،فشرمين فوڪ فورم، قومپرست ۽ سياسي ڌرين پاران به هڪ مشاورتي ويهڪ ٿي هئي. جنهن ۾ اهو طئه ڪيو ويو هو ته هاڻي سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف جدوجهد ڪئي ويندي. پر ڪالهه عوامي تحريڪ ٻيٽن تي قبضن، پاڻي ۽ ناڻي تي وفاق جي ناانصافين، سنڌ جي زمينن جي ڀڳڙن مٺ نيلامي سميت ٻين مسئلن خلاف جيڪا ريلي ڪڍي ان ۾سنڌياڻي تحريڪ، سجاڳ ٻار تحريڪ، سول سوسائٽي ۽ ٻين مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن پاران به ڀرپور شرڪت ڪئي وئي. عوامي تحريڪ جي ريلي جڏهن ڪراچي جي ريگل چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب طرف نڪرڻ واري هئي ته ڪنڊ ڪڙڇ مان هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو ان ريلي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پهچي ويا، ٻارڙن جو انگ به ڳڻڻ جيترو نه هو ته سنڌياڻي تحريڪ جون عورتون به وڏي انگ ۾ ريلي ۾ شريڪ ٿيون، ريلي شهر جي مختلف رستن کان قومي گيتن تي رقص ۽ وفاقي والار جي خلاف سخت نعريبازي سان پريس ڪلب پهتي، جتي اڳواڻن پاران خاص طور تي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي واري سازش خلاف پيپلز پارٽي جي سرڪار کي به وفاق جي اهڙي کنيل قدم ۾ ڀاڱي ڀائيوار قرار ڏنو. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته هو سنڌ جي وحدت خلاف ڪو به قدم برداشت نه ڪندا. وفاقي سرڪار کي به هاڻي عوامي رد عمل کي ڏسندي اٿارٽي ٺاهڻ لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس واپس وٺڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *