تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سنڌ جون قوم پرست پارٽيون ۽ پارلياماني سياست

سنڌ جي قوم پرست پارٽين جي پارلياماني سياست ڪندڙ ٻين صوبن جي قوم پرست پارٽين جي ڀيٽ ۾ سدائين ڪمزور پوزيشن رهي آهي، تازو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي پليٽ فارم تان بلوچ ۽ پختون قوم پرست اڳواڻن جي سرگرم شرڪت ۽ سنڌ جي قوم پرست پارٽين جو ڪوبه ڪردار نه هئڻ سنڌ جي سياسي حلقن، ميڊيا خاص طور تي سوشل ميڊيا تي وڌيڪ بحث هيٺ آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ قوم پرست پارٽين جو پارلياماني سياست ۾ حصو وٺڻ جو رڪارڊ بنهه نه هجڻ جيترو آهي، پاڪستان جي پارلياماني سرشتي ۾ سنڌ جي ڪنهن هڪ به قوم پرست پارٽيءَ مسلسل ۽ باقائدگي سان چونڊن ۾ حصو نه ورتو آهي. 1970ع ۾ پهريون دفعو پاڪستان جي ماڻهن کي هڪ فرد هڪ ووٽ ڏيڻ جو موقعو مليو. ان کان اڳ 1937ع جي سنڌ ليجسليٽواسيمبلي کان وٺي ٿيندڙ سڀني چونڊن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق صرف، سنڌي فائينل پاس، زمين جي ڍل ڏيندڙ، شهرن ۾ٽيڪس ڀريندڙ يا ايوب خان جي دور۾ بلديات جي چونڊيل ميمبرن کي پوري ملڪ جي اسيمبلي ميمبر چونڊڻ جو حق مليل هو. 1937ع کان وٺي 1970ع تائين روايتي جاگيردار،زميندار،مير،پير۽ٻيا ذاتي حيثيت ۾ چونڊن ۾ حصو وٺي ڪامياب ٿيندا هئا. پهريون دفعو 1970ع جي اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي پاڪستان پيپلزپارٽي نه رڳو سنڌ ۽ پنجاب مان وڏي پيماني ڪاميابي حاصل ڪئي پر پهريون دفعو بمبئي اسيمبلي،1937ع جي اسيمبلي ۽ تنهن کان پوءِ ون يونٽ جي اسيمبلي تائين سدائين ڪامياب ٿيندڙ موروثي سياستدانن کي جيڪي پيپلزپارٽي جي مخالفت ۾ بيٺا اهي لڳ ڀڳ سمورا ناميارا مشهور سياستدان نه رڳو اليڪشن هارائي پر ان کان پوءِ ڪڏهن به چونڊ نه کٽي سگهيا. ياد رهي ته 1970ع جي چونڊن ۾ سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جي طرفان صرف جي ايم سيد ئي چونڊ اميدوار هو. جڏهن ته سندس ڪوبه سياسي دوست سندس پارٽي جي ٽڪيٽ تي اليڪشن نه لڙيو. 1970 کان پوءِ سنڌ ۾ جي ايم سيد ئي واحد سياستدان هو جنهن جديد قوم پرستي ۽ آزاد سنڌ جي ڳالهه ڪئي ۽ سندس سڃاڻپ هڪ قوم پرست سياستدان واري مشهور ٿي. انهي کانپوءِ پاڻ ڪنهن به اليڪشن ۾اميدوار طور تي حصو نه ورتائين. پرپنهنجي حياتي تائين هر اليڪشن جو اڻ سڌي طرح حصورهيو. 1988ع ۾ سنڌ قومي اتحاد جي نالي سان چونڊ مهم ۾ ڀرپور حصو ورتائين. سنڌ جي هڪ درجن کان وڌيڪ پ پ مخالف اميدوارن جي چونڊ جلسن ۾ تقريرون ڪيائين جن ۾ ممتاز علي ڀٽو، پيرپاڳارو، عبدالحميد جتوئي ۽ سندس پٽ، سيد ڪوڙل شاهه ۽ ٻيا شامل هئا.
جي ايم سيد کانسواءِ سنڌ مان ٺٽي جي قومي اسيمبلي جي تڪ تان رسول بخش پليجو، پڻ عوامي نيشنل پارٽي جي پليٽ فارم تان قومي اسيمبلي جي چونڊن ۾ حصو ورتو،پر هو چونڊ هارائي ويو. ياد رهي ته جي ايم سيد ۽ سنڌ قومي اتحاد رسول بخش پليجي جي چونڊن ۾ حمايت نه ڪئي هئي. جي ايم سيد جي سياست قومپرستي سان گڏ هڪ روايتي ۽ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ سياستدان واري هئي.اهڙي طرح سنڌ جو اڄ به هيءُ واحد روايتي خاندان آهي جيڪو قوم پرست هوندي هر اليڪشن ۾ حصو وٺندو رهيو آهي، سندس خاندان جا فرد، جن ۾ سندس ٻه پٽ، سيد اميرحيدر شاهه 1990ع جي چونڊن ۾ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. سندس ٻيو فرزند سيد امداد محمد شاهه 1985ع جي غير جماعتي چونڊن ۾ سڪرنڊ مان صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ۽ 1988ع ۾ به صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. سيد امداد محمد شاهه جو فرزند سيد جلال محمود شاهه 1997ع ۾ نه رڳو صوبائي اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو، پر سنڌ اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر پڻ چونڊيو ويو ۽ ان کان پوءِ به خاص طور تي 2013ع ۽ 2018ع ۾ سنڌ ۾ قومپرستي جي حوالي سان جي ايم سيد جو خاندان آهي. جيڪوهراليڪشن پنهنجي ذاتي ۽ روايتي حيثيت سان چونڊ وڙندورهيو آهي. تنهنڪري اهو چوڻ ته کين ووٽ قومپرستي ۽ سندن پارٽي ۽ ان جي پروگرام جي ڪري ملي ٿو اهو درست نه آهي، ڇاڪاڻ ته 2013ع ۽ 2018ع ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ٻن ڀائرن، سيد جلال محمود شاهه ۽ سندس ننڍي ڀاءُ سيد زين شاهه کانسواءِ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سموري سنڌ مان پنهنجي اميدوارن کي پڻ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ڪيترن ئي حلقن مان بيهاريو هو،پرسواءِ هڪ يا ٻن جي ڪو به اميدوار هڪ هزار ووٽ به نه کڻي سگهيو. اهڙي طرح قوم پرست سياست جو اڳواڻ اياز لطيف پليجو باوجود گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اميدوار جي حيثيت سان 2018ع جي صوبائي اسيمبلي جي اليڪشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوار ڄام خان شورو جي مقابلي ۾ هارائي ويو.اهڙي طرح 2013ع ۽ 2018ع جي چونڊن اهو ثابت ڪيو ته سنڌ ۾ قوم پرست جماعتن جي ووٽ جو ڪوبه وجود ئي نه آهي،ٻنهي چونڊن ۾ سيد جلال محمود شاهه ۽ زين شاهه جي کنيل ووٽن کانسواءِ ٻين مڙني اميدوارن جو گڏيل ووٽ 50 هزارن کان وڌيڪ نه آهي. جيڪو ووٽ سندن روايتي،خانداني ۽ پي پي مخالف ووٽ آهي جيڪو سنڌ جي هر حلقي ۾ موجود آهي ۽ هر اليڪشن ۾ پي پي جي مخالفت ۾ پوندو رهيو آهي.
1990ع جي چونڊن ۾ سنڌ نيشنل الائنس طرفان حميد جتوئي ۽ حميده کهڙو گروپ ۽ ممتاز علي ڀٽوجي سنڌ نيشنل فرنٽ توڙي عوامي تحريڪ طرفان اميدوار بيهاريا ويا.جن ۾ رسول بخش پليجو،ڊاڪٽر نظير شيخ، ڊاڪٽر علي گل ميتلو،نظام الدين وڪيل، ممتاز ڀٽو، نواب يوسف ٽالپر،جنيد سومرو،حميد جتوئي، حميدا کهڙو،قمرڀٽي،حبيب الله ناريجو،عبدالحفيظ پيرزادو شامل هئا پر انهن مان ڪير به اليڪشن کٽي نه سگھيو.
1997ع ۾ ممتاز علي ڀٽو نگران وڏي وزير هوندي يونائيٽيڊ نيشنل الائنس جي نالي سان اميدوار بيهاريا جن ۾ امير بخش ڀٽو،ڊاڪٽر قادر مگسي،دودومهيري،فتاح سميجو،عزيزاللهٻوهيو،اڪرمابڙو،ڪهڪشان ڀرڳڙي، ڊاڪٽربهادرڏاهري، غالب ڊومڪي، ڊاڪٽرهمايون قاضي، شيرخان لنڊ ۽ ٻيا شامل هئا.سندس نگراني ۾ ٿيل انهن چونڊن ۾سندس پٽ اميربخش ڀٽو پي پي اميدوار اياز سومري کان صرف 2 سو 79 ووٽ وڌيڪ کڻي ڪامياب ٿيو.
2018ع جي چونڊن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي طرفان سيد جلال محمود شاه ۽ زين شاهه ٻنهي ڀائرن سن ۽ سڪرنڊ مان صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ٻنهي سيٽن تان بيٺا، جن کي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس،پاڪستان تحريڪ انصاف توڙي ٻين قوتن جي به مڪمل سپورٽ هئي پر هو ڪٿان به کٽي نه سگهيا. ڊاڪٽر قادر مگسي نوابشاهه ۽ حيدرآباد مان ٻن قومي اسيمبلي جي سيٽن تان 15 سو کان وڌيڪ ووٽ کڻي نه سگهيو.سنڌ يونائيٽڊ پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي توڙي سنڌ ويزن گروپ جي حمايتي اميدوارن مان ٻن يا ٽن اميدوارن کانسواءِ ڪنهن کي هڪ هزار ووٽ به نه ملي سگھيا.
ياد رهي ته 2016ع ۾ ٿيل بلدياتي اليڪشن ۾ پڻ سنڌ جي قوم پرست جماعتن جي ڪارگردگي حيرت انگيز طور تي مايوس ڪن رهي.
سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي صرف سن ٽائون ڪاميٽي کٽي سگهي، جڏهن ته سيد زين شاهه پنهنجي گهرواري يونين ڪائونسل مجيد ڪيريو تعلقو سڪرنڊ به هارائي ويو. قاسم آباد ۾ 40 سالن کان وٺي سياست ڪندڙ ترقي پسند پارٽي ۽ اياز لطيف پليجو، قاسم آباد ميونسپل ڪاميٽي جي پندرهن ڪائونسلرن مان هڪ ڪائونسلر جي سيٽ به نه کٽي سگهيا. سنڌين گذريل 50 سالن کان صرف هڪ ئي پارٽي کي ووٽ ڪيو آهي. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هڪ وفاق پرست پارٽي رهي آهي. پر سنڌ جو عوام کيس ئي پنهنجي پارٽي سمجھي ووٽ ڏئي ٿو. سنڌي، قوم پرست سياست جو حصو ڪڏهن به نه رهيا آهن پر هڪ ئي پارٽي کي اڌ صدي کان وٺي ووٽ ڏيڻ وارو عمل ظاهر ڪري ٿو ته سنڌي ووٽ مڪمل طور تي قوم پرست آهي. سندن ووٽ واري طاقت قوم پرستي واري آهي. سنڌي اڃان تائين سنڌ ۾پي پي جو متبادل نٿا چاهين جيڪا هڪ ڪڙي حقيقت آهي. هاڻي جڏهن ٻيهر هڪ دفعو پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ، اسٽيبلشمينٽ ۽ رياستي ادارن جي خلاف سرگرم آهي، جنهن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي، مسلم ليگ نواز، مولانا فضل الرحمان، بلوچ ۽ پختون قوم پرست سرگرم عمل آهن، اتي سنڌ جون قوم پرست ڌريون جيڪي ماضي ۾ پوري ملڪ ۾ پنهنجي قوم پرست سياست جي ڪري هميشه نمايان پي رهنديون آيون، اهي هاڻي اڪيلا ۽ ويڳاڻا نظر اچي رهيا آهن. هاڻي به سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي،پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ جي جدوجهد جو حصو ٿي سگهن ٿا. جڏهن ته جيئي سنڌ جا گروپ پارلياماني سياست جواڃان تائين حصو ٿيڻ لاءِ تيار نه آهن، اياز لطيف پليجو مرڪزي حڪومت جو اتحادي آهي، تنهنڪري سنڌ جي قوم پرست پارٽين کي وڌيڪ جمهوريت پسند ۽ ملڪي سياست جوسرگرم حصو ٿيڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *