تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ ڪرپشن جا لامارا

سندس مڙهه اڃان يونيورسٽيءَ جي گرائونڊ ۾ نه پهتو هو ۽ نه وري اڃان اهو فيصلو سامهون آيو هو ته کيس سندس وصيت موجب خيرپور ۾ پنهنجي والده جي پيراندي کان جاءِ ڏني يا ساڃاهه وندن جي هڪ حلقي جي مطالبي تي سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي هڪ پارڪ جي ڪنڊ ۾ کين ابدي آرام لاءِ جاءِ ڏني ويندي. پر ان کان اڳ ئي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز پاران سندس جاءِ تي ٽن نالن جي انچارج وي سي لاءِ سمري تيار ڪئي وئي. نثار احمد صديقي جنهن هڪ علم جو اهڙو ٻوٽو پوکيو آهي جنهن جي جيڪڏهن سار سنڀال ٿيندي نه رهي ته شايد اهو وڻ به ٻين يونيورسٽيز جهڙو ٿي وڃي. سندس جانشين لاءِ پهريائين آيل ٽن نالن مان ٻن ڄڻن بابت ڪو اعتراض وارو ماحول نه هيو. پر تدفين بعد نيٺ ڳالهيون به کلي سامهون آيون ۽ اهو به چيو ويو ته يونيورسٽي مان ئي ڪو اچي ۽ ايئن ٻه ڄڻا ٻيا نالا به سامهون آيا انهن بابت به ڪو اعتراض سامهون نه آيو. پر سرڪار وقتي فيصلو نه ڪري سگهي. ان جي پٺيان سڌي ڪهاڻي اها هئي ته تر جا سياستدان ان گوءِ ۾ هئا ته ماڻهو سندن معرفت اچڻ گهرجي. ڇو ته پهرين موقعي تي عام راءِ جي ابتڙ ڪم نه ٿي ڪرڻ چاهيائون. پر جيڪي نالا سامهون آيا انهن لاءِ مجبوري ۾ اهڙو ماحول ٺاهيو ويو جو انهن جي ڪنهن به سياستدان جي معرفت کانسواءِ انچارج وي سي جي مقرري ممڪن نه رهي. ۽ نيٺ 22 جون 2020ع کان هلندڙ ڳالهيون 21 جولاءِ تي ختم ٿيون ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي انچارج وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ ڊاڪٽر پروفيسر مير محمد شاهه جو نالو تجويز ڪيو ويو ۽ 22 جولاءِ تي پوري هڪ مهيني کانپوءِ سندن نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.. ياد رهي ته 22 جون 2020ع تي نثار احمد صديقي جي وفات ٿيڻ بعد شروع ۾ هڪ سمري ۾ ڊاڪٽر رضا ڀٽي، ڊاڪٽر مدد علي شاهه ۽ ڊاڪٽر سمرين حسين جا نالا تجويز ڪيا ويا هئا. جڏهن ته بعد ۾ يونيورسٽي جي رجسٽرار ۽ ڊاڪٽر مير محمد شاهه جا نالا به سامهون آيا. يونيورسٽي ۾ ئي ڪم ڪندڙ شاهه صاحب مان هر ماڻهو اميدون ته بهتر رکي رهيو آهي پر سياسي مداخلت کان يونيورسٽي جو بچي رهڻ ۽ پنهنجي روح موجب ان جو اڳتي وڌڻ ئي حقيقي چئلينج آهي ۽ ٻيو چئلينج ته اڃان ريگيولر وي سي جي مقرري وارو اچڻو آهي.
سنڌ ۾ وي سيز جي مقرري لاءِ قائدا قانون کڻي بهتر به هوندا ۽ ڪن ۾ جهول به هوندو پر حقيقت ۾ چونڊ ڪاميٽي جو معيار وڏي معنى رکي ٿو. آءِ بي اي يونيورسٽي جهڙي ساکائتي يونيورسٽي جي انچارج جي مقرري جي اهڙي وٺ وٺان ٿي آهي ته اڳتي سنڌ جي ٻين يونيورسٽيز جي وي سيز جي چونڊ وارو مرحلو به اچڻو آهي جن ۾ سنڌ ۽ لطيف يونيورسٽيز اهم آهن. شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جي هاڻوڪي وي سي ڊاڪٽر پروين شاهه صاحبه تي جيڪي نيب ڪيسز وسيلي سنگين الزام سامهون آيا ان مان هن يونيورسٽي جي ڪرپشن جا حال هر پوئين دور کان مٿي ئي چڙهندا رهيا آهن. جيتوڻيڪ انهن الزامن مان وي سي صاحبه کي آجي هجڻ جي ڪلين چٽ ملي آهي پر يونيورسٽي جي هر عمارت، روڊ، رستو ۽ ريڪارڊ پنهنجون ڪهاڻيون پاڻ ٻڌائي رهيا آهن. هن يونيورسٽيءَ ۾ الاءِ ڇو کارڪ جهڙي مٺي ڪرپشن چکڻ لڳ ڀڳ هر وي سي پنهنجي لاءِ لازمي سمجهي آهي. آر اي شاهه کان عبدالرحيم ملڪ تائين تاريخ ئي رقم ٿيندي رهي آهي. حميد سنڌي جي دور ۾ شادي شهيد پراجيڪٽ جي هاڪ ته اهڙي هئي جو بعد ۾ ايندڙن ان کان به اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪورٽن، اينٽي ڪرپشن، نيب، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽين جي فائيلن جا ڪاڳر ڪارا لڳا پيا آهن پر هٿ صاف ڪندڙ اڇا اجرا ٿي ويندا رهيا آهن ۽ سنڌ جي اعلى تعليم جي سڌارن وارا خواب ڪراچي کان شڪارپور تائين ساڀيان ناهن ماڻي سگهيا. هن ڀيري اٺن سالن جو ٻن مدن وارو وقت پورو ڪندڙ وي سي کانپوءِ لطيف يونيورسٽي جي وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ ايڊورٽائيز ڪئي وئي آهي. مليل معلومات موجب ٽي چار درجن ڊاڪٽر صاحب اها پوسٽ ماڻڻ لاءِ سانباها ڪري رهيا آهن. جن ۾ ٻين يونيورسٽين جا وي سي ۽ هن يونيورسٽي جا به ڪي ڊاڪٽر شامل آهن. جديد دور جون گهرجون ڇا آهن ان خواب سان شايد ڪي ٻه ٽي ڄڻا هوندا جن وٽ قابليت به هوندي ليڊرشپ واري صلاحيت به هوندي نثار صديقي جهڙو ويزن به هوندو پر ڇا اهڙا وي سي قبوليت ماڻي سگهندا آهن. هيل تائين گذريل ويهين پنجويهن سالن جو ٽريڪ ريڪارڊ ته ابتڙ ڳالهه ٻڌائي ٿو. ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال آهي ته لطيف يونيورسٽي سوڌو ڪجهه ٻيون يونيورسٽيون اهڙي لڪير تي پهتل آهن جو انهن جي ٻي پاسي وڏي کاهي آهي، جڏهن ته انهن جو ماضي انتظامي حوالن سان ڪرپشن، اقربا روي، پنهنجا نوازڻ جي ڌٻڻ رهيوآهي.
خيرپور واري هڪ يونيورسٽي جو اثر ان جي ٻين يونيورسٽين تي به پيل آهي ۽ آجا لاڙڪاڻي ۽ سکر وارا ادارا به ناهن. لامارا گمس مٿان به آهن. سنڌ هاڻ گهڻي ڪرپشن، تعليمي ادارن ۾ ميرٽ بنا مقرري ۽ بي انتظامي سهڻ واري صورتحال ۾ ناهي ڇو ته آرٽيفيشل انٽيلجنس جي هن دور ۾ جيڪڏهن سنڀاريو نه ويو ته پوءِ نتيجن جو ڪاٿو لڳائڻ به مشڪل آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *