Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_n63k3nf5du729410rq9g25c2nj, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ جو بلدياتي نظام ۽ لساني هم آهنگي  - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ جو بلدياتي نظام ۽ لساني هم آهنگي  - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

سنڌ جو بلدياتي نظام ۽ لساني هم آهنگي 

ميونسپل سروسز يا بنيادي شهري سهولتون ڪنهن به شهري جي صحت توڙي جياپي لاءِ تمام ضروري آهن. انهن سهولتن کي مهيا ڪرڻ جي ذميداري ميونسپالٽي تي هوندي آهي جنهنجي لفظي معني “ذميداري کڻندڙ” آهي. يورپ ۾ سڀ کان پهريائين ميونسپل سهوليتن جو رواج موناڪا ۾ 13 هين صدي ۾ پيو جتي ڪميونٽي جي سار سنڀال، ثقافتي سرگرمين۽ ماڻهن کي وندرائڻ توڙي سندن زندگي جي معيار کي بهتر بنائڻ لاءِ ميونسپالٽي جو بنياد پيو. ڪجھه ملڪن ۾ انهن شهري ادارن کي “ڪميون”به سڏين ٿا. دنيا۾ سڀ کان پراڻو ميونسپل نظام اوهان کي سنڌو ماٿري جي 5,000 سال پراڻي تهذيب موئن جي دڙي جي ڦٽل آثارن ۾ ملندو، جتي پاڻي جي فراهمي لاءِ کوهن، غسل لاءِ اجتماعي تلاءَ ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڍڪيل ناليون ٺهيل هيون جنهنجو بندوبست ضرور تنهن زماني جي ڪنهن نه ڪنهن “ميونسپالٽي” ڪيوهوندو. پر سنڌ ۾ اهي سهولتون وقت گذرڻ سان گڏوگڏ آبادي وڌڻ، بدعنواني، بدانتظامي ۽ بدحالي سبب ڏينهون ڏينهن پوئتي پئجي ويون آهن. اسان جڏهن قمبر ۾ رهندا هئاسون تڏهن 1970ع جي ڏهاڪي ۾ شهرجي ميونسپل ڪميٽي بنيادي سهولتن جهڙوڪ پاڻي جي فراهمي، صفائي، گند گڏ ڪرڻ، جانورن جي حفاظت لاءِ “ڍڪ” قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ باغ، اسپتال، هاءِ اسڪول، لائبرري، مارڪيٽ ڪميٽي، فائربريگيڊ پڻ هلائيندي هئي. جيتوڻيڪ ان زماني ۾ به اهي سهولتون قابل فخر نه هيون پر تڏهن اسان ميونسپل جي هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ تائين پڙهياسون جنهنجي سالياني في 12 رپيا هئي، جيڪا بعد ۾ سرڪاري ملڪيت ۾ وٺڻ ڪري مفت ته ٿي وئي پر انجو معيار آهستي آهستي ڪرندو ويو. ميونسپل ٽانگن، گڏهه گاڏن، ريڙهين کي لائسنس ، شهرين کي ڄم، موت، ووٽ جو سرٽيفڪيٽ به جاري ڪندي هئي. جڏهن اڃان باقائده واپڊا جي بجلي نه آئي هئي تڏهن ٽنڊوآدم پاور ڪمپني جي خانگي بجلي گهر به قائم هو ۽ منهنجو مرحوم ڏاڏو غلام محمد ٻئي ڪاروبار سان گڏوگڏ ميونسپل پاران گاسليٽ تي هلندڙ گئس جي گولن ۾ هوا ڀري انهنکي ٻاري سج لٿي کان اڳ شهر جي مک چوڪن ۽ گهٽين ۾ ٽنگي ايندو هو . ميونسپل جي آمدني جو مک ذريعو آڪٽراءِ ٽيڪس، سرڪاري گرانٽ ۽ مختلف فيون هونديون هيون جيڪي اسڪول، اسپتال ۽ مارڪيٽ مان وصول ٿينديون هيون.
ميونسپل سهوليتون هر ملڪ ۾ ان جي تاريخ، ثقافت، جاگرافي، روايتن، سياست، معيشت، گورننس موجب مختلف دورن ۾ بدلبيون رهيون آهن. اڄ به شهري يا ميونسپل سروسز ۾ ڪهڙيون خدمتون شامل هئڻ کپن؟ تنهنجو دائرو لنڊن، بيجنگ، ماسڪو، ممبئي، دبئي، ڪراچي ۽ قمبر ۾ مختلف آهي پر هڪ ڳالهه تي سڀ متفق آهن ته پيئڻ ۽ گهرو ڪتب لاء صاف پاڻي جي فراهمي، گندي پاڻي جو نيڪال، گهٽين جي صفائي ۽ روشني، ڪچري کي گڏ ڪري سائنسي طريقن سان ختم ڪرڻ، کاڌي پيتي جي شين جو معائنو ۽ انکي بيمارين کان بچائڻ، فائر برگيڊ، ڄم توڙي موت سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ، قبرستانن يا شمشان گهرن لاءِ جڳهه ڏئي انهنکي هلائڻ، ايمبولينس ۽ بيمارين کان بچاءَ جا ٽڪا هڻڻ ميونسپل سروسز ۾ شامل آهن. ڪن ملڪن ۾ پبلڪ لائبريري، پرائمري اسڪول، بنيادي صحت مرڪز قائم ڪري هلائڻ به ميونسپل سروسز ۾ اچي وڃن ٿا. ڪن ترقي يافتا ملڪن ۾ ته پوليس، فون، بجلي، گئس جون ڪمپنيون به ميونسپل ادارن جي ماتحت آهن  ۽ انهنجو منافعو به شهري ادارن جي آمدني جو حصو بڻجي ٿو. لنڊن ۾ ته ميونسپل جي هوائي اڏن جو تصور 1930ع کان جاري آهي. دهلي، ممبئي ۾ ٽائون پلاننگ، اڏاوت لاءِ نقشا منظور ڪرڻ توڙي انکي ريگيوليٽ ڪرڻ جو ڪم يا دبئي ۾ ٽريفڪ کي ضابطي ۾رکڻ، ٽريفڪ قانونن جي خلاف ورزي تي ڏنڊ وجهڻ پڻ ميونسپل جي ذميدارين ۾ شامل آهي.ڪنهن شهر جي نسلي جوڙجڪ جو ميونسپل جي نظام تي ڪهڙو اثر پوي ٿو تنهنجو واضح فرق هڪ ئي ملڪ انڊيا جي ٻن وڏن شهرن ڪلڪتي ۽ ممبئي مان سمجهي سگهجي ٿو. ڪلڪتي ۾ بنگالين جي اڪثريت يعني 62 سيڪڙو آبادي آهي انڪري ڪلڪتي ميونسپل جا سمورا اختيار پنجن سالن لاءِ چونڊيل ميئر وٽ آهن جڏهن ته انجي ابتڙ ممبئي جيڪو مهاراشٽر رياست جي گادي جو شهر آهي ۽ جتي 70سيڪڙو ٻاهران آيل گجراتي خوجا، بوهري، ميمڻ، پارسي آهن جنجو شهر جي واپار تي قبضو آهي۽ جتي اصلوڪا مرهٽا ڪولهي گهڻو ڪري مهاڻا ۽ مزدور آهن ۽ هو اقليت ۾ آهن، انڪري ممبئي ميونسپل جو انتظامي سربراهه مهاراشٽر اسٽيٽ ڪنهن سرڪاري آفيسر کي ٽن سالن لاءِ مقرر ڪندي آهي جنهنجي ذمي ميونسپل جو سمورو ڪاروبار شامل هوندو آهي. ميئر هر سال ڪائونسلرن پاران چونڊيو ويندو آهي. هو ممبئي ميونسپل جي ڪائونسل جي گڏجاڻين جي صدارت ڪندو آهي، هو شهرين جو نمائيندو تصور ڪيو ويندو ۽ سندس وڏو مرتبو ۽ شان شوڪت هوندو آهي پر کيس ڪو به اختيار ناهي هوندو جيڪي اسٽيٽ جي مقرر ڪيل سرڪاري آفيسر يا ميونسپل ڪمشنر کي هوندا آهن. شهر ۾ ٽرانسپورٽ جو بندوبست، پليون، روڊ، رستن جي اڏاوت، باغيچا ٺاهڻ، شهر اندر بجلي پهچائڻ پڻ ميونسپل جي ڪمن ۾ شامل آهي. اهڙي طرح شهر ۾ پرائمري تعليم بلڪل مفت ۽ ضروري آهي جيڪا ذميداري پڻ ميونسپل پوري ڪندي آهي. البت سيڪنڊري تعليم اسٽيٽ جي ذميداري آهي.ترڪي جي وڏن شهرن جي ميونسپل اختيارين کي پهريائين لينڊ ڊيولپمينٽ جا اختيار به هئا پر 2013ع ۾ قانون ۾ ترميم ڪري هاڻي انهنکي ماحوليات جي وزارت جي ماتحت ڪيو ويو آهي. 
انڊيا ۾ شهري سهولتن جا ادارا اسٽيٽ جي ماتحت آهن.  1853ع جي پنچائت ايڪٽ تحت دهلي، ممبئي، ڪلڪتو ۽ چنائي ميونسپل ڪارپوريشن آهن. انجا ميمبر سڌي چونڊ وسيلي چونڊيا ويندا آهن جنکي ڪائونسلر چيو ويندو آهي. دهلي جي ميونسپل ڪارپوريشن جو ڪنٽرول دهلي جي 11 مان 8 ضلعن تي آهي. باقي 3 ضلعن جو انتظام ملڪ جي گادي وارو ضلعو وفاق ماتحت ، نئين دهلي ميونسپل ڪائونسل، دهلي ڪينٽونمينٽ بورڊ آهن .انکي 2012ع ۾ ٽن ميونسپل ڪارپوريشنن ۾ ورهايو ويو، هر هڪ کي زونن ۽ زونن کي وارڊن ۾ ورهايو ويو آهن. سندن ذميدارين ۾ شهري منصوبابندي، زمين جي استعمال ۽ عمارتن جي تعمير، معاشي ۽ سماجي ترقي پڻ شامل آهن. سندن آمدني جو مک ذريعو پراپرٽي ٽيڪس، پاڻي ۽ نيڪال ٽيڪس، پروفيشنل ٽيڪس ۽ اسٽيٽ  کان مليل گرانٽ آهي. ممبئي ميونسپل انڊيا جي امير ترين ميونسپل آهي جنهنجي سالياني آمدني 250 ارب انڊين رپيا يا 550ارب پاڪستاني رپين برابر آهي جيڪا ڪجهه صوبائي حڪومتن جي آمدني کان به وڌيڪ آهي. ان آمدني جو 62سيڪڙو حصو سندن پنهنجن وسيلن مان آهي. پاڪستان ٺهڻ کان  پوءِ بدقسمتي سان ميونسپالٽين کي هلائيندڙ شهري سهولتن جي نظام جنهنکي مڪاني ادارن يا بلدياتي نظام چون ٿا عوام کي سهولتن ڏيڻ بجاءِ کين ورهائڻ ، تاريخي ايڪائين جنکي صوبا سڏيو وڃي ٿو تنکي غير موثر بنائڻ ۽ پنهنجي غيرآئيني ۽ بظاهر غيرسياسي اقتدار کي اينگهائڻ ۽ “قانوني” بنائڻ لاءِ ڪتب آندو ويوآهي. انڪري ايوب خان جو 1959ع جو BD آرڊينينس هجي يا 1960ع جو ميونسپل ايڊمنسٽريشن آرڊينينس، ضياءَ جو 1979ع ۾ آندل غير جماعتي لوڪل گورنمينٽ آرڊينينس هجي يا مشرف جو 2001ع جو ناظمي نظام انهن پنهنجي مقصدن لاءِ انکي شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ ورهايو. مشرف جي نظام ته devolution جي نالي ۾  ڪراچي شهر کي خودمختيار شهري ضلعي حڪومت ۾ تبديل ڪري کيس عملي طور سنڌ کان ڪٽي ڇڏيو ۽ ضلعي جي انتظاميه جهڙوڪ ڊي سي، ايس پي، اي ڊي او، ڊي ايڇ او جا نالا تبديل ڪري انهنکي ميئر جي ماتحت ڪيو ويو. ٻئي پاسي ڪجھه ضلعن کي ٽوڙي هر ضلعي ۾ اتان جي جاگيردار جي قيادت ۾ هڪ جاگير قائم ڪئي وئي. مڪاني جاگيردار جنهنکي ناظم چوندا هئا انجي ماتحت ڊي سي او، ڊي پي او، اي ڊي او وغيره ڏنا ويا. ميونسپل سروسز ۾ زمين جو استعمال ۽ ڪنٽرول، ماسٽرپلاننگ، رهائشي ۽ ڪمرشل ملڪيتن جي درجا بندي يا ان ۾ ڪا تبديلي به شامل ڪئي وئي. انهن سڀني گڏجي سنڌ جي وسيلن جي تاريخي ڀيل ڪئي. جي ڪو ترقياتي ڪم ٿيو ته اهو فقط ڪاغذن ۾ هو ۽ هر شهر جي داخلا تي انهن جاگيردارن پنهنجي وڏن جي نالي استقبالي محراب ٺهرايا. باقي ٿيو خير!! ايئن سنڌ ۾ جاگيرداري نظام کي زنده رکي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو.شهرن ۾ بلدياتي ادارن کي آڊٽ کان آزاد ڪري کين کليل اجازت ڏني وئي ته هو جيئن وڻين تيئن ڪن.
2013ع جي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت ناظمي نظام کي ختم ڪري مڪاني چونڊون پارٽي بنياد تي ڪرڻ جو فيصلو ٿيو. 50 هزار آبادي تائين ٽائون ڪميٽي، 3 لکن تائين ميونسپل ڪميٽي، 30 لکن تائين ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ان کان مٿي آبادي وارن شهرن ۾ ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو .
ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن  جي ذميدارين ۾ ضلعن وچ ۾ روڊ پليون ٺاهڻ. گهٽين ۽ روڊن جي لائيٽنگ ، برساتي پاڻي جي نيڪال جا منصوبا، خصوصي ترقياتي پروگرام ٺاهي اڏاوت ڪرڻ شامل آهن.انکانسواءِ KMC ماتحت هلندڙ اسپتالون، ميڊيڪل ڪاليج، چڙيا گهر، پارڪ، اسپورٽس ڪمپليڪس، سامونڊي ڪنارا، لائبرري، آرٽ گيلري، فائربرگيڊ، شهري بچاءَ، ٽريفڪ انجنيئرنگ، کير فراهمي جون اسڪيمون، مينهن جا واڙا، پنهنجين زمينن جو ڪنٽرول ۽ ان تان قبضا ختم ڪرائڻ، قومي ڏينهن ملهائڻ، پرڏيهي شخصيتن جو استقبال ڪرڻ، رولو جانورن کي تحفظ ڏيڻ ، رهائشي علائقن ۾ سرن جي بٺن کي قائم ٿيڻ کان روڪڻ جا ڪم شامل آهن.KMC جي هيٺان 6 DMCs آهن جنجي ذميدارين ۾ بنيادي ميونسپل ڪم جهڙوڪ عوام جي صحت جو فروغ، پاڻي جي فراهمي، صفائي، گندي پاڻي جي نيڪالي، ڄم موت ۽ شادي جا سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ، ڪوس گهر، گهٽيون۽ انجي لائيٽ، پرائمري تعليم، تعليم بالغان پڻ شامل آهن البت KWSB  ۽ سالڊ ويسٽ ڊسپوزل اٿارٽي صوبائي سرڪار پنهنجي ماتحت رکي آهي جنهنکي مڪاني ادارن حوالي ڪرڻ گهرجي جو انهنجو ڪم بنيادي ميونسپل سروسز ۾ اچي وڃي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌين جي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي شهر ڪراچي کي ميونسپل جون مڪمل سهوليتون ڏيڻ ۽ انکي لساني تقسيم کان بچائڻ لاءِ ماضي جي تجربن مان سکي وڌيڪ ضلعن انهنجي هيٺانDMCs ۽ يونين ڪميٽين تائين ميونسپل ذميدارين، مالي ۽ انتظامي اختيارن کي مڪمل طور  هيٺ لاٿو وڃي. ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين وڏن شهرن جي مسئلن کي صوبائي يا ميٽروپوليٽن سطح تي مرڪزيت سان نه پر عدم مرڪزيت ۽ صوبائي توڙي بلدياتي ادارن جي بهتر گورننس سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *