Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_m51kju1pbq401tl7q35rk4vmo9, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ جو هن سال برساتن ۾ ٻڏڻ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ جو هن سال برساتن ۾ ٻڏڻ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*

سنڌ جو هن سال برساتن ۾ ٻڏڻ

سنڌ م ڪيترن سالن ۾ برساتون پون ٿيون جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ ٻڏن ٿا، زمين ۾ ٽي کان چار فوٽ پاڻي بيٺو هوندو آهي، لاوارث ماڻهو روڊ ۽ رستن تي پناهه وٺڻ لاءِ مجبور هوندا آهن، راشن ۽ ٻيون مصيبتون اچن ٿيون پر اهو رڳو ڪن هنڌن تي ٿئي ٿو، پر هن سال جون برساتون ايترو ته لاڳيتيون پيون آهن جو ذري گهٽ سڄي سنڌ ٻڏي وئي آهي، شهري علائقن ۾ پاڻي بيٺو آهي، جنهن جي نڪرڻ جو بندوبست ڪونهي، ميرپورخاص شهر جي ايتري خراب حالت ٿي جو آبپاشي کاتي کي اتان پاڻي ڪڍڻ لاءِ هڪ فني ماهرن جي ٽيم ٺاهڻي پئي، اچو جوهي وارو پاسو اهو سڄو ملڪ ٻڏي ويو يا ته هتي پاڻي جي کوٽ هوندي آهي يا هينئر برساتن جي ڪري سڄو ملڪ ٻڏل آهي، انهيءَ پاسي کي ڪاڇو چيو وڃي ٿو، هڪڙو ته گاج بند ۾ ڀڳو جنهن جو سڄو پاڻي ڪاڇي ۾ آيو ٻيو نئون ٺهندڙ بند جيڪو واپڊا وارا ٺاهن ٿا تنهن ۾ به کنڊ لڳو جنهن کي ڏسڻ لاءِ پاڻ چيئرمين واپڊا آيو، ايف پي بند کي 6 هنڌن تان گهارا لڳا جنهن ڪري پاڻي جوهي جي بئراجي علائقن ۾ به آيو اچو دادو تي روڊ ۽ رستا ٻڏل آهن، ٻنهي پاسي پاڻي بيٺو آهي، ماڻهو رستن تي پيا آهن، اچو بدين ضلعي تي، اهو سڀ کان گهڻو متاثر ٿيو آهي، جو هڪڙي پاسي برساتي پاڻي گڏ ٿي ويو ته ٻئي پاسي سم نالين ۾ گهارا لڳا سم ناليون گهٽ پاڻي لاءِ ڊيزائن ٿيل آهن. جڏهن انهن ۾ وڌيڪ پاڻي ايندو ته يا ته اهي اٿلي پون ٿيون يا انهن ۾ گهارا لڳن ٿا، سنڌ هڪ لهوارو ملڪ آهي، جڏهن برساتن جو پاڻي اچي ته وڃي ڪاڏي ؟ انهي سلسلي ۾ حڪومت کي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي، چيف منسٽر صاحب چيو ته ٻن هفتن ۾ پاڻي نڪرڻ کپي، پر پاڻي چيف منسٽر جي چئي ۾ ناهي، جڏهن ماڻهو لڳندا تڏهن پاڻي نڪرندو، پر اهي ماڻهو لڳن پر جيڪڏهن انهن پاڻي ڪڍڻ جا بندوبست ئي نه هوندا ته هو پاڻي ڪيئن ڪڍندا، اها ذميواري ڪنهن کاتي تي مقرر ڪرڻ کپي، منهنجي ڄاڻ ۾ اڃان اها ذميواري ڪنهن کاتي تي مقرر ئي نه ڪئي وئي آهي، جڏهن اها ڪنهن کاتي تي مقرر ٿئي تڏهن ڪجهه نتيجو نڪري سگهندو.
ماضي ۾ آيل برساتون
ڪجهه سالن کانپوءِ سنڌ ۾ برساتون پو نديون آهن، سال 2011ع ۾ ته سنڌ ۾ تمام گهڻا مينهن پيا جن سنڌ جو کاٻو پاسو ٻوڙي ڇڏيو، زميندار توڙي هاري لک مان ڪک ٿي ويا، انهن جي روزگار جو ذريعو يعني ٻني ٻارو ٻڏي ويا، ڍور ڍنگر مال مويشي مري پيا، حريف جو فصل ته ڇٽو پر ربيع به ممڪن نظر نه پئي آيو، هن سال واري تباهي جو مثال سنڌ ۾ اڳي نٿو ملي ۽ چون ٿا ته اهو گلوبل وارمنگ دنيا جي گولي جو گرمي وڌڻ ڪري آهي، جنهن ڪري موسمن ۾ ڦير گهير اچي ٿو پيو، ڪٿي مينهن ٿا پون، ڪٿي تمام گهڻا پون ٿا، ڪٿي مند کان پوءِ به پون ۽ ڪٿي ٿوري وقت ۾ تمام گهڻو پون، ڪٿي اڻ مندائتا پون، سال 1999ع ۾ سائڪلون A-2 آيو جنهن ٺٽي ۽ بدين کي ٻوڙي ڇڏيو، هوا جو طوفان ايترو تيز هو جو ڪيترا ماڻهو اڏري وڻن ۾ ڦاسي پيا، جن جا لاش طوفان کانپوءِ وڻن ۾ ٽنگيل ڏٺا ويا، سال 2003ع ۾ شدت وارا مينهن پيا، ايل بي او ڊي اٿلي پئي ۽ ملڪ ۾ ٻوڙ ٻوڙان ٿي، سال 2006ع ۾ وري حيدرآباد شهر جو وارو آيو جتي 7 کان 8 سيپٽمبر تائين 15 ڪلاڪن ۾ 170 ملي ميٽر مينهن پيو جڏهن ته سراسري ساليانو مينهن 175 ملي ميٽر آهي، ايئن سمجهو ته حيدرآباد شهر تي طوفان نوح پلٽي پيو روڊ رستا ٻڏي ويا، گهٽين ۾ 4 کان فوٽ پاڻي بيهي رهيو، اهو پاڻي 15 کان 30 ڏينهن بيٺو رهيو، ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ فوج ٻيڙيون استعمال ڪيون، ماڻهن جاين جي ڇتين تي چڙهي جان بچائي، لطيف آباد جي هسپتال جا مريض ٻين هسپتالن ۾ شفٽ ڪيا ويا، راڻي باغ چڙيا گهر وارا جانور ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ موڪليا ويا، سال 2012ع وري برسات 9 آگسٽ تي شروع ٿي جيڪا سڄو مهينو هلي، کاٻي پاسي واري شهر بينظيرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ، ٽنڊومحمدخان، عمرڪوٽ ۽ ٻين ضلعن سان قهر ڪيا، فصل ٻڏي ويا، گهر ڪري پيا، مال مويشي مري پيا، ماڻهو دربدر ٿيا.
برساتن کي منهن ڏيڻ:
آبپاشي جي ليٽريچر ۾ اهو ڏنل آهي ڳتيل آبادي لاءِ 15 کان 20 سالن لاءِ نظام ٺاهڻ کپي، کنڊريل ۽ وچ واري ايراضي لاءِ 100 کان 200 تائين ٺاهڻ کپي، انهيءَ حساب سان اسان جو نظام 20 سالن واپسي لاءِ ٺاهڻ کپي.
1- گهڻي(……Return period.) لاءِ نظام ٺاهڻ
اسان جو پاڻي نيڪال وارو نظام اٽڪل 75 ملي ميٽر هر سال چئن سالن کانپوءِ پوندڙ برسات لاءِ ٺاهيل آهي، جڏهن انهيءِ کان وڌيڪ مينهن پون ٿا ته ملڪ ٻڏي وڃي ٿو جيڪڏهن نظام وڌيڪ مينهن ۽ وڌيReturn period)) لاءِ ٺاهجي ته نقصان گهڻو گهٽجي سگهي ٿو. ته وڌ پيل برسات لاءِ نظام گهرجي پر دنيا جي ڪنهن به ملڪ ايئن ڪو نه ٿيل آهي.
2.قدرتي دڳن ۽ رستن کي استعمال ڪرڻ:
اسان جو سم نالين وارو نظام 1970ع کانپوءِ ٺاهيو ويو. تنهن کان اڳ به مينهن پوندا هئا. تڏهن اهو پاڻي ڪاڏي ويندو هو. پاڻي قدرتي دڳ ۽ رستن ذريعي سمنڊ ۾ ويندو هو. جنهن جا نشان هينئر به موجود آهن جيئن پراڻ جيڪو جهلوري (ميرپورخاص) کان جهڏو ۽ انهيءِ کان نئون ڪوٽ ۽ ڍورو پُراڻ ذريعي شڪور ڍنڍ ۾ ڪري سمنڊ ۾ ويندو هو. آدمشماري وڌڻ ڪري خوراڪ جو گهرجون به وڌي ويون آهن ماڻهن ڪيترائي نوان ڳوٺ ٺاهيا آهن . شهر وڌيا آهن. نيون زمينون آباد ڪيون ويون ۽ هوريان اهي دڳ رستا بند ٿيندا ويا پر پر هن سال وارين شديد برساتن اسان کي اهو احساس ڏياريو آهي ته جيڪڏهن پاڻي جا دڳ ۽ رستا بند نه ٿين ها ته هن سان ايترو نقصان نه ٿئي ها انهن کي وري تازو ڪرڻ جي ضروت آهي،
3.واهن ۽ سم نالين جي صحيح سار سنڀال:
هن سال سم نالين ۾ لٽ گڏ ٿيڻ باوجود چڱو پاڻي ويسٽ نوابشاهه ۽ ايسٽ نوابشاهه، ميرپورخاص مين ڊرين ۽ سانگهڙ وارين سم نالين پنهنجي گنجائش کان تمام گهڻو پاڻي ڪڍيو. جيڪڏهن انهن جي صحيح سار سنڀال ٿئي ها ته اڃان وڌيڪ پاڻي ڪڍي سگهيون پئي.
4.سوسائٽي کي مينهن جي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻ:
اوچتي ڪا به آفت وڏو نقصان پهچائي ٿي پر جيڪڏهن انهيءِ کي منهن ڏيڻ لاءِ سوسائٽي کي اڳي ئي تيار ڪيو وڃي ته نقصان گهڻو قدر گهٽجي سگهن ٿا.
5. ٻوڏ جي چتاءَ ڏيڻ وارو نظام:
اهو ڪم پاڪستان جو موسميات کاتو ڪري ٿو. پر انهن وٽ اڃان صلاحيت وڌائڻ جي ضرروت آهي.
6. دڙا ۽ ٿلها ٺاهڻ:
سانگهڙ جو سڄو شهر 5 کان 6 فوٽ پاڻي ۾ ٻڏي ويو. سواءِ نظاماڻي محلي جي جيڪو مٿاهين تي ٺهيل آهي ۽ اهو سُڪل رهيو. مون کي مراد علي نظاماڻي ٻڌايو ته اسان کان وڌيڪ اسان جاوڏا سياڻا هئا جو انهي وقت سانگهڙ شهر مٿانهين تي ٺاهيو برسات کان ٻڏل ماڻهن کي عارضي طور اجهو ڏيڻ لاءِ مناسب هنڌن تي دڙا ۽ ٿلها ٺاهڻ کپن.
هر آفت اسان کي سبق سيکاري ٿي ته ڪهڙا اُپاءُ وٺجن ته اها آفت گهٽ ٿئي. سڄي سنڌ جون برساتون به اسان کي اهو سبق ڏين ٿيون ته اهي ڪڏهن به ٿي سگهن ٿيون ۽ اسان کي انهي لاءِ ڪهڙي تياري ڪرڻ کپي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *