Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_pc93s57139ncommo9b05d72rlq, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ جو پيچيدا بڻيل قومي سوال - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ جو پيچيدا بڻيل قومي سوال - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

سنڌ جو پيچيدا بڻيل قومي سوال

سڀ کان پھرين ڳالهه ته جيڪڏھن ھندستان جو مذھبي بنيادن تي ورھاڱو نه ٿئي ھا ته اڄ اسان کي ڪراچي جي مالڪي تي وفاق ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ جھيڙي جھڙي صورتحال جو منھن نه ڏسڻو پوي ھا. ڪروڙن جي آبادي کي پنھنجين اباڻين وسندين مان لڏپلاڻ ڪرائڻ ۾ سنڌ اسيمبلي جي ڪردار جو ذڪر سڀ کان پھرين ڪيو ويندو.
روسي بالشويڪ انقلاب جي قائد ٽراٽسڪي اڻويھه سو چار ۾ بيٺڪي ملڪن ۽ ٽين دنيا جي ملڪن جي مٿئين طبقن لاءِ اھو چيو ھو ته سامراجيت جي اڀرڻ کان پوءِ ۽ بيٺڪي ملڪن ۾ سرمائيداري جي دير سان پھچڻ جي سبب اتان جي بورجوازي نه سامراجي اجارادارين جو مقابلو ڪري پنھنجن ملڪن ۾ صنعتي انقلاب آڻي سگھي ٿي، ۽ نه ئي قومي رياست جو قيام عمل ۾ آڻي سگھي ٿي، جيڪو ڪردار يورپ جي بورجوازي پنھنجن ملڪن جي اندر ادا ڪيو. ترقي جي عمل ۾ دير سان داخل ٿيڻ سبب ٽين دنيا جي بورجوازي جو ڪردار سامراجي ملڪن جي ڪميشن ايجنٽ جو وڃي رھندو. ٽراٽڪسي مطابق سامراج کان مڪمل آزادي، جاگيرداري جو خاتمو، جمھوريت کي آڻڻ ۽ رياست جي مذھب کان علحدگي وارو فرض اتان جي پورھيت طبقي ۽ هارين کي ادا ڪرڻو پوندو.
ٽراٽسڪي جي ان ٿيسز مطابق جيڪڏهن ورهاڱي کان اڳ واري ھندستان جي حڪمران طبقي جي سياسي ڪردار جو تجزيو ڪجي، ته ان جي برطانوي راڄ خلاف ڪمزوري چٽي ٿي سامھون بيھي ٿي. ارڙھن سؤ ستونجاھه جي آزادي واري جنگ کان پوءِ ھندستان جي ھندو ۽ مسلمان مٿئين طبقي جھڙي طرح انگريز حڪمرانن جو ساٿ ڏنو ان جو مثال تاريخ ۾ شايد ئي ٻئي ڪنھن خطي ۾ نظر ايندو ھجي. برطانيا خلاف اڀرندڙ عوامي مزاحمت کي ٿڌو ڪرڻ ۾ به ان طبقي ھڪ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. پنھجن آقائن سان سچائي ۽ مخلصي جي اھا حد ھئي ته ٻن “ آزاد ” ملڪن جي رياستي سربراھن برطانوي راڻي سان وفاداري جو حلف کڻي پنھنجن اقتدارن جون واڳون سنڀاليون.
سنڌ سان ٿيل سڀني ناانصافين، ويساھه گھاتين، ڌوڪن تي ڳالهائڻ کان پھرين اسان کي سنڌ جي ان حڪمران طبقي جي تاريخي سياسي ڪردار جو به تجزيو ڪرڻ لازمي آھي، جنھن جو تاريخي فرض سنڌ کي هڪ قومي رياست تشڪيل ڏيڻ ھو. سنڌ ۾ معاشي ۽ سياسي حوالي سان جنھن طبقي جو ھتي اھم ڪردار ھو، اھو ھتان جو ھندو تاجر طبقو ھو. ان طبقي جي سياسي ڪمزوري ۽ نااھلي ان ڳالھه مان ظاھر ٿئي پئي ته پنھنجي الڳ سياسي حيثيت ٺاھڻ بدران، پنھنجن طبقاتي مفادن کي بچائڻ خاطر ھن ڪانگريس ۾ پناھه ورتي. ھتي اقليت ۾ ھجڻ ڪري ھن جا سياسي ۽ معاشي مفاد سنڌ جي بمبئي سان گڏ ھجڻ ۾ جڙيل ھئا. تنھن ڪري ان طبقي ۾ سنڌ کي قومي رياست بنائڻ جو تصور ئي جنم نه وٺي سگھيو. ٻئي طرف سنڌ جا جاگيردار ۽ گادي نشين ھئا. جن جو فطري تضاد ان تاجر طبقي سان ٺھيو پئي. سنڌ جي شھرن کان وٺي سنڌ جي سياست ۽ معيشت تي ان تاجر طبقي جي حاڪميت خلاف مزاحمت لاءِ جاگيردارن مسلم ليگ جو سھارو ورتو. ھنن جا طبقاتي مفاد ان م ھئا ته مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪن. يا جيڪو قوم پرستي جو آغاز ٿيو ۽ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، اھو حقيقت ۾ سنڌي ھندو تاجر جي سياسي حيثيت کي ختم ڪرڻ لاءِ ئي ڪيو ويو. باقي پيرن ۽ جاگيردارن جي برطانوي حڪمرانن سان ساڳي وفاداري رھي، سواءِ ھڪ جي.
ملڪ جي وجود م اچڻ جي پھرين ڏينھن کان ئي ھتان جا حڪمران سگھاري جمھوريت جا بنياد نه وجھي سگھيا، ٻيو جھڙي طريقي سان مصنوعي طرح پاڪستان کي قومي رياست بڻائڻ لاءِ نئين رياست م شامل قومن جي زبان، ثقافت ۽ شناخت کي ختم ڪري اردو ٻولي ۽ “پاڪستاني ثقافت” کي مسلط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ان قومي محرومي جي احساس کي جنم ڏنو، ۽ پوري ملڪ ۾ ان ناانصافي خلاف آواز اٿڻ لڳو. اڄ ڪراچي جو مسئلو ايتري سنگين صورتحال اختيار نه ڪري ھا، جيڪڏهن ڪلھه پوري ملڪ ۾ صنعتي مرڪز قائم ڪيا وڃن ھا ۽ ملڪ جي آبادي کي مقامي سطح تي پنھنجن علائقن ۾ بھتر روزگار جا موقعا ميسر ڪري ڏنا وڃن . سڀني صوبن جي سڀني شھرن ۾ بھتر انفرااسٽرڪچر جوڙيو وڃي ھا، تعليم ۽ صحت جھڙيون سھولتون هڪجهڙيون ميسر ڪيون وڃن ھا ته اڄ پوري ملڪ مان پورھيت ھجرت ڪري ڪراچي جو رخ نه ڪن ھا ۽ ڪراچي اندر آبادي جي تناسب ۾ بگاڙ پيدا نه ٿئي ھا، نه ئي ڪراچي ۾ انفراسٽرڪچر جو مسئلو پيدا ٿئي ھا. ھتان جي ڪمزور بورجوازي جيڪا عالمي سامراجي اجارادارين جي مقابلي ڪرڻ جي اھل ئي نه ھئي ته ھتي صنعتي انقلاب آڻي سگھي ۽ زرعي سڌارا آڻي پاڪستان کي ھڪ جديد رياست بڻائي، ان پھرين ڏينھن کان ئي عالمي اجارادارين جي ڪميشن ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪيو. ننڍن صوبن جو معاشي ۽ سياسي استحصال ڪرڻ لاءِ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، جنھن ھڪ شديد قومي تحريڪ کي جنم ڏنو. نتيجي ۾ بنگلا ديش وجود م آيو.
پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ سان ئي ملٽري ۽ سول بيوروڪريسي تي پنجابي اشرافيا جي حاوي ھجڻ سبب سرڪاري نوڪرين ۽ ملڪي وسيلن تي ان جو قبضو رھيو آھي. ناڻي جي ورڇ جيڪا پھرين گڏيل پاڪستان ۾ صوبن جي پيداوار مطابق شروع ڪئي وئي، بنگلاديش جي ٽٽڻ کان پوءِ اھا آبادي جي تناسب سان ڪئي وئي. ملڪ جي ستر سيڪڙو روينيو پيدا ڪندڙ سنڌ کي ان ناڻي جي ورڇ جي نئين فارمولي سان تمام گھڻو نقصان ٿيو. سنڌ جي پاڻي جي چوري کان وٺي قدرتي وسيلن تي قبضو ۽ وفاقي کاتن جي نوڪرين ۾ گھٽ حصو ڏيڻ سبب قومي سوال جي سنڌ جي سياست ۾ مرڪزي حيثيت رھي آھي.
تازو ڪراچي جي الڳ صوبي يا وفاق حوالي ڪرڻ واري ڳالھه سنڌ اندر ھڪ وڏي سياسي بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آھي. ھتان جي اڇي ۽ ڪاري جي مالڪ طاقتور ڌر کان اسان واقف آھيون. ڪھڙي زمين جي ٽڪري تي قبضو ڪري ھائوسنگ سوسائٽي ٺاھڻي آھي، سنڌ جو اقتدار ڪھڙين پارٽين ۾ ورھائڻو آھي، ڪنھن کي کنڀڻو آھي ڪنھن کي ڇڏڻو آھي، اھي سڀ فيصلا اھا آئين ۽ قانون کان مٿاهين قوت ڪندي آھي. موجوده ڪيفيت ۾ ملڪ جي برباد ۽ مقروض معيشت جي پيش نظر حڪمران قوتن ھڪ طرف عوام تي مھانگائي جو عذاب نازل ڪيو آھي، سرڪاري ادارن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪيو آھي ته ٻئي طرف ننڍين قومن جي وسيلن جي ڦر لٽ ۾ اضافو ڪيو آھي. ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ڪراچي جي مسئلي تي جيڪا واويلا مچائي وئي آھي، ان جي پويان به اھم سبب اھو ئي آھي ته حڪمرانن جي نظر ان جي سمنڊ، ٻيٽن ۽ زمين تي آھي. ان ڳالھه ۾ ڪو به شڪ ناھي ته ڪراچي جو انفراسٽرڪچر تباھه حال آھي. جھڙي طريقي سان ملڪ اندران ڪراچي ڏانهن ھجرت ٿي آھي ۽ آبادي ۾ آضافو ٿيو آھي ان جو نتيجو اھو ئي ٿيڻو ھو جيڪو اسان ڏسي رھيا آھيون. سياسي پارٽين جي لٽ مار پنھنجي جاءِ تي، پر جيڪڏهن ايمانداري سان به ڪراچي جي ترقي تي اھي پيسا خرچ ڪيا وڃن ھا جيڪي ڪراچي جي حصي ۾ اچن ٿا، تڏھن به ڪراچي جي حالت ۾ بھتري نه اچي سگھي ھا. سي ايم سنڌ جو اھو بيان حقيقت تي مبني آھي ته “ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي بھتر بڻائڻ لاءِ ڏھه ارب ڊالر درڪار آھن، جيڪي نه سنڌ حڪومت وٽ آھن نه ئي وفاق وٽ. ” اھو بيان ھن نظام جي نااھلي جي پت وائکي ڪرڻ لاءِ کوڙ آھي. جتي ملڪ جي پنجيتاليھه ارب ڊالر جي بجيٽ جو اسي سيڪڙو قرضن جي واپسي ۽ دفاع ۾ ھليو وڃي، اتي باقي ٻي ترقي، علاج ۽ تعليم لاءِ ڇاٿو بچي. ھن نظام ۾ ڪنھن ھڪ شھر کي به جديد انفراسٽرڪچر مھيا ڪرڻ جي اھليت ناھي اتي باقي ملڪ جو سوچي به نٿو سگھجي. ڪراچي سان ڪنهن کي به پيار ناهي، اکيون صرف انجي وسيلن تي آهن.
ڪراچي جي مسئلي تي رياست وري ٻيھر ساڳي راند کيڏي سگھي ٿي جيڪا ھن ماضي م کيڏي ھئي. ھڪ طرف ايم ڪيو ايم لساني بنيادن تي ڪراچي ۾ خونريزي ڪرڻ لاءِ پنھنجن آقائن جي حڪم تي ڪنھن وقت به ميدان ۾ لھي سگھي ٿي، ٻئي طرف سنڌ جون ڪجھه قوم پرست پارٽيون جيڪي پي پي جي بغض ۾ جي ڊي اي جھڙي رياست جي سرپرستي ۾ ٺھيل رجعتي اتحاد ۾ شامل ٿيون ۽ پنھنجون رھيل کھيل سماجي بنياد وڃائي ويٺيون ، نفرت جي سياست ڪري پنھنجي ساک بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون. پي پي جيڪا ھينئر سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري پئي، پر ڪنھن به وقت طاقتور قوتن سان ڳٺ جوڙ ۾ اچي ڪا به مصلحت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي سگھي ٿي. پر سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو نوجوانن جو قومي سياسي شعور اڀريو آھي جنھن بنا ڪنھن سياسي پارٽي جي پليٽ فارم جي سنڌ جي حقن تي آواز اٿارڻ شروع ڪيو آھي. اھو نوجوان قومي ۽ لساني تعصبن کان پاڪ آھي. جيڪڏھن لاھور مان شاگردن جي مظاھرن جو سڏ اچي ٿو ته سڀ کان وڌيڪ مظاھرا سنڌ جي شھرن ۾ ڪيا وڃن ٿا. پنجاب، ڪي پي يا بلوچستان جي مسئلن تي انھن جي عوام سان گڏ بيھن ٿا. ان جڙت ۾ وڏو ڪردار سوشل ميڊيا ادا ڪيو آھي جنھن پوري دنيا کي ھڪ ننڍڙو ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آھي. ان کان پوءِ قلم تي پابندي ھجڻ باوجود سنڌي صحافت به اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ڪراچي جي سوال تي سنڌ اندر لساني بنيادن تي امڪاني تعصب ۽ خونريزي کي روڪڻ لاءِ سنڌ جي سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙ نوجوانن کي ويجھو اچڻو پوندو ۽ ھڪ جڙت قائم ڪرڻي پوندي نه صرف ايترو پر انھن کي پنجاب اندر به پنھنجا حمايتي پيدا ڪرڻا پوندا ته جيئن اتان به سنڌ جي حق ۾ آواز اڀاري سگھجي. سنڌ جو قومي سوال پنھنجي جوھر ۾ ھتان جي مزدورن ۽ ھارين جي محرومي جو سوال آھي. ھتان جا پير ۽ جاگيردار ڪالھه به مراعت يافتا ھئا، اڄ به مراعت يافتا آھن. قومي حقن جي ويڙھه پيڙھيل طبقن کي پاڻ وڙھڻي پوندي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *