تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن ڏانهن سرڪار سنجيده ڇو ناهي؟

سنڌ تعليمي لحاظ کان پٺتي پيل صوبو آهي، جتي پرائمري ۾ داخل ٿيل شاگردن جو تعداد لکين هجي ٿو پر يونيورسٽي تائين پهچندڙ شاگردن جو انگ هزارن ۾ مس ٿئي ٿو، جنهن جو بنيادي سبب هڪ تعليم مهانگي هجڻ آهي، ٻيو ته اعليٰ تعليمي ادارن ۾ ميرٽ تي داخلائون نه هجڻ برابر ٿين ٿيون، اهو ئي سبب آهي جو سفيد پوش طبقي کانسواءِ هيٺين درجي جو ماڻهو پنهنجي ٻارن کي يونيورسٽي ۾ جيڪڏهن پڙهائڻ به چاهي تڏهن به هو نٿو پڙهائي سگهي، هڪ طرف مهانگائي اڳي ئي وڌي وئي آهي، مٿان تعليمي ادارن جي منٿلي فيس به ڳاٽي ٽوڙ ٿي وئي آهي، اهڙي صورتحال ۾ هڪ طرف تعليم رڳو سرندي وارن جو ورثو ٿيندي ٿي وڃي ته ٻئي طرف انهن تعليمي ادارن جا ڪرتا ڌرتا به مالي لحاظ کان متارا ٿيندا ٿا وڃن، داخلائن ۾ سيٽن جي وڪري کان وٺي انتظامي عهدن تي پنهنجا نوازي تائين جا سمورا رڪارڊ سنڌ جي اعليٰ تعليمي ادارن جي اختيارين ٽوڙي ڇڏيا آهن، سنڌ جي سڀ کان وڏي مادر علمي جنهن ماضي ۾ سٺا سياستدان ۽ باشعور شهري پيدا ڪيا، انهي يونيورسٽي جي ڊگري هن وقت پاڪستان توڙي پاڪستان کان ٻاهر هاڻي ڪا خاص اهميت نٿي رکي، انهي يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر فتح محمد برفت خلاف 2018ع ۾ اينٽي ڪرپشن جي ان وقت جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ضمير عباسي جيڪا انڪوائري ڪئي هئي،
انهي انڪوائري ۾ هن مجموعي طور 70 ڪروڙن جي ڪرپشن جو الزام لڳايو هو، جڏهن ته انهي انڪوائري جي ٻن سالن بعد اينٽي ڪرپشن سندس ۽ الزام هيٺ آيل سمورن ملازمن ۽ ٺيڪيدارن خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو، جنهن بعد سنڌ جي وڏي وزير سنڌ يونيورسٽي جي کيس جبري طور ٻن مهينن جي موڪل تي اماڻي، سندس چارج وقتي وي سي حوالي ڪري ڇڏي آهي ۽ ڊاڪٽر فتح محمد برفت خلاف پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ واري چيئرمين محمد وسيم ۽ مهراڻ يونيورسٽي جي وي سي محمد اسلم عقيلي تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي انڪوائري جو حڪم ڏنو، جيتوڻيڪ مهراڻ يونيورسٽي جي وي سي محمد اسلم عقيلي انهي ڪاميٽي ۾ شامل ٿيڻ کان معذرت ڪئي هئي پر وڏي وزير کيس ڪاميٽي ميمبر طور برقرار رکندي، کيس انڪوائري ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جنهن بعد ڪاميٽي انڪوائري شروع ڪري ڇڏي آهي، ڪاميٽي جي ذريعن موجب ڊاڪٽر فتح محمد برفت ڪاميٽي کي پنهنجو جواب لکت ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن سمورن الزامن جي ترديد ڪندي ڄاڻايو آهي ته هن سمورا ڪم سينڊيڪٽ جي منظوري سان ڪيا آهن، ڊاڪٽر فتح محمد برفت خلاف هن وقت انڪوائري هلندڙ آهي، انهي انڪوائري جي مڪمل ٿيڻ تائين ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو، پر ڪاميٽي ۾ شامل ڊاڪٽر اسلم عقيلي خلاف اينٽي ڪرپشن پاران جاچ ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽري کي لکيو ويو هو ، جنهن تي چيف سيڪريٽري سندس خلاف انڪوائري وارو فائيل اي سي سي ون جي اجلاس ۾ کڻي اچڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن اختيارين کي چئي ڇڏيو آهي،
انهي اي سي سي ون ۾ ئي فيصلو ڪيو ويندو، پر اينٽي ڪرپشن ذريعن جو چوڻ آهي ته مهراڻ يونيورسٽي جي وي سي ڊاڪٽر اسلم عقيلي پاران پنهنجي ناٺي کي سڌي ريت ڀرتي ڪرڻ، کيس ٻن سالن جي ليئن ڏيڻ، هڪ پي وي سي جي گهر واري جي اڪائونٽ ۾ ٽي ڪروڙ روپيا منتقل ڪرڻ سميت ڪيترن ئي معاملن ۾ لاپرواهي ڪئي آهي، انهي جي خلاف اجازت ملڻ کانپوءِ باضابطا طور جاچ شروع ڪئي ويندي، ان کان علاوه مهراڻ يونيورسٽي جي خيرپور ڪيمپس ۾ ڪرپشن وارو معاملو به منظر عام تي اچي چڪو آهي، ان کان اڳ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ به ڪرپشن خلاف اينٽي ڪرپشن توڙي نيب پاران جاچ ڪئي پئي وئي، نه رڳو ادارن ۾ مالي ڪرپشن يا پنهنجا نوازي جو مسئلو آهي پر سنڌ جي 8 يونيورسٽين ۾ ڪيتري عرصي کان وقتي وي سي مقرر ٿيل آهن، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي جي موجوده وي سي ڊاڪٽر طارق رفيع جي ٻيو ڀيرو مقرري وارو مدو به 6 مهينا اڳ ختم ٿي چڪو آهي پر سندس جاءِ تي مستقل وي سي مقرر ٿي ناهي سگهيو، ساڳئي ريت بيگم نصرت ڀٽو وومين يونيورسٽي سکر ۾ به مستقل وي سي نه هجڻ سبب ڊاڪٽر ثمرين حسين وقتي وي سي مقرر ٿيل آهي، سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ وري ڊاڪٽر ظهيرالدين ميراڻي وقتي وي سي طور مقرر ٿيل آهي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف وٽرنري اينيمل سائنس ۾ به ڊاڪٽر احمد سلطان جتوئي وقتي وي سي طور ڪم ڪري رهيو آهي، ڄامشوري ۾قائم ٿيل نئين مادرعلمي شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي آف آرٽ، ڊزائين اينڊ هيريٽيج ۾ پڻ وقتي وي سي طور ڊاڪٽر ڀائي خان شر کي مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏانهن حيدرآباد ۾ ٽي سال اڳ گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري کي يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويو هو، جتي پڻ مستقل وي سي نه هجڻ سبب ڊاڪٽر ناصرالدين شيخ کي وقتي وي سي طور مقرر ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت آءِ بي اي سکر جو به مستقل وي سي نه هجڻ سبب سيد مير محمد شاهه کي وقتي وي سي طور مقرر ڪيو ويو آهي. انهي سڄي صورتحال مان لڳي ٿو ته سنڌ سرڪار جي اعليٰ تعليمي ادارن ڏانهن ڌيان ناهي، جنهن سبب ادارا هڪ پاسي ڪرپشن ۽ پنهنجانوازي جي ور چڙهيل آهن ته ٻئي پاسي ادارا لا وارث بڻجي ويا آهن، جنهن سبب وڌ ۾ وڌ نقصان سنڌ جي عام ماڻهو جو ٿئي ٿو. ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته سنڌ سرڪار انهن اعليٰ تعليمي ادارن ڏانهن سنجيدگي اختيار ڪري، ڪرپشن سميت سمورين براين خلاف هڪ جامع حڪمت عملي تحت آپريشن ڪري، ته جيئن ايندڙ نسل معياري تعليم جي زيور سان سنوارجي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *