Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_gk61s031qs9nnu1a1jst6gpt9u, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ جي اعليٰ تعليم ڪامورا شاهي وٽ يرغمال - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ جي اعليٰ تعليم ڪامورا شاهي وٽ يرغمال - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*
  • *اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٺٽو واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس تي ٻڌڻي *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*

سنڌ جي اعليٰ تعليم ڪامورا شاهي وٽ يرغمال

ھن وقت سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني يونيورسٽين ۾ نون وائيس چانسلرن جي مقرري جو دور ھلي رھيو آھي ، ڪافي يونيورسٽين بابت اشتھار آيا آھن ته ڪن ۾ وري مقرريون پڻ ٿي چڪيون آھن جن بابت مختلف حلقن کان اعتراض ۽ تنقيد پڻ سامھون اچي رھي آھي.
ڪو وقت ھو ته يونيورسٽيون انتظامي توڙي مالي طور وفاق جي حوالي ھيون پر ارڙھين ترميم کان پوءِ سنڌ جي اعليٰ تعليم صوبن جي حوالي آھي ان ڪري چئي سگھجي ٿو ته نين يونيورسٽين جي قيام جي فيصلن کان ويندي موجوده يونيورسٽين جي انتظامي سربراھن جي مقررين وارا معاملا مڪمل طور صوبن جي حوالي آھن. ارڙھين ترميم کان پوءِ يونيورسٽين جا معاملا نه رڳو گورنر جي اختيار مان کسي وزيراعليٰ حوالي ڪيا ويا پر سڀني صوبن اندر صوبائي ھيڪ جي قيام سان گڏ يونيورسٽين جي معاملن جا الڳ سيڪريٽريٽ پڻ ٺاھيا ويا. سنڌ صوبي پڻ ان ڏس ۾ اڳڀرائي ڪندي صوبائي ھيڪ سميت يونيورسٽين لاءِ ھڪ خاص سيڪٽريٽ به قائم ڪئي . جنھن ۾ بورڊ جا امتحاني مامرا پڻ شامل ڪيا ويا. ان جي انتظامي سربراھي لاءِ صوبائي حڪومت ھڪ عليحده سيڪريٽري مقرر ڪيو آھي جنھن کي سيڪريٽري بورڊ ۽ يونيورسٽي جو نالو ڏنو ويو . جنهن متعلق حڪومت جي سنجيدگي جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته بورڊ ٽيڪنيڪل تعليم ۽ يونيورسٽين جا معاملا بنا ڪنھن ادارتي آرگنو گرام ٺاھي ان جي ڪم ۽ نوعيت جي حساب سان لاڳاپيل عملي جي مقرري کانسواءِ ھڪ سيڪريٽري جي حوالي ڪيا ويا. ھائير ايجوڪيشن يعني يونيورسٽيون انتھائي سنجيده قسم جو انتظامي ڍانچو رکندڙ سيڪريٽريٽ جون گھرجائون آھن جتي پاليسي کان ويندي انتظامي سربراھن ۽ اڪيڊمڪ افيئرس جي حوالي سان فيصله سازي ٿئي ٿي. جنھن سنجيدگي سان ان شعبي جي لاءِ ڪوششون وٺڻ گھرجن ان جي  فقدان سبب ھن وقت لڳ ڀڳ سنڌ جون سڀ يونيورسٽيون بحراني صورتحال کي منھن ڏيئي رھيون آھن .
سنڌ پھريون صوبو ھو جنهن ارڙھين ترميم کانپوءِ صوبائي اعليٰ تعليمي ڪميشن جو بل پاس ڪيو۽ اها جوڙي اها ٻي ڳالھه آھي ته اھو پورو بل اڳ ئي موجود ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بل جو بلڪل نقل هو جنھن ۾ وفاقي ۽ صوبائي ڪميشن جا ساڳيا ڪم ڏيکاريا ويا ھيا .
پنجاب صوبي سنڌ کان ٻه سال پوءِ صوبائي ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جوڙي پر اڄ پنجاب جي صوبائي ھيڪ جي بجيٽ کان وٺي دفتر ۽ پورو انتظامي ڍانچو موجود آھي جيڪو ڪنھن ھڪ سيڪريٽري جي رحم ڪرم تي ھلڻ بدران ادارتي لحاظ کان انتھائي فعال ڪردار ادا ڪري رھيو آھي. جڏھن ته سنڌ ۾8 سال گذرڻ باوجود اڃان تائين حڪومت سنڌ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جو انتظامي ڍانچو تشڪيل ڏيڻ ۾ ئي ناڪام رھي آھي . ھن وقت ڊاڪٽر عاصم (جيڪو ھڪ پرائيويٽ ميڊيڪل يونيورسٽي جو مالڪ آھي ) سنڌ هيڪ جو چيئرمين آهي جنهن ڪري سنڌ ھيڪ ٺهڻ کان وٺي غير فعال بڻيل آھي .
سنڌ ھيڪ جي چيئرمين مطابق نه کيس ان عھدي جي پگھار ڏني وئي آھي نه ئي يونيورسٽين لاءِ رکيل رقم سنڌ ھيڪ جي حوالي آھي. اھي دٻيل شڪايتون رکندي به ھن وقت تائين چيئرمين نه ڪو خاص تحرڪ ورتو نه ئي ڪنھن قسم جي گرمجوشي ڏيکاري سنڌ هيڪ کي فعال ڪري سگھيو آھي ۽ نه ئي سنڌ حڪومت مان ڪنھن ڪو تحرڪ ورتو آھي ته قيام جي 8 سالن کان اڄ تائين غير فعال رھندڙ ان اھم اداري کي فعال ڪري سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ اثرائتو بڻائجي.
جڏهن يونيورسٽين جي وائيس چانسلر جي مقرري،مالي معاونت،يونيورسٽي اندر چانسلر آفيس جا ڪم ڪار سيڪريٽري ۽ بورڊ جي حوالي هجن ۽ ان کان ڪنهن به قسم جو پڇاڻو ۽ جوابدهي نه ٿئي ته معاملا بدترين صورتحال ڏانهن وڌي رهياآهن. يونيورسٽين جي معاملن متعلق ھن آفيس ۾ گھڻي قدر اھي ئي ماڻھو مقرر ڪيا ويا آھن جيڪي عشرت العباد پنھنجي دور ۾ مقرر ڪيا ھئا جڏھن ھو گورنر ھئڻ جي حيثيت ۾ يونيورسٽين جو چانسلر ھو ته انھن جي مقرري سندس رضامندي سان ٿي ھئي. جنھن ۾ اڪثريت جي مقرري ڪنھن ڪميشن بدران سڌي طرح ٿيل آھي ۽ اھي يونيورسٽين جا معاملا ان ئي ڏي وٺ واري فارمولا تي ھاڻي به ھلائين پيا .
عشرت العباد جو دور يونيورسٽين جي حوالن سان ڪو شاندار ماضي نٿو رکي. شايد ئي ڪراچي کان سواءِ ڪا اھڙي يونيورسٽي ھجي جنھن جي ڪنووڪيشن ۾ گورنر پاڻ اچي صدارت ڪري ڊگريون ورھايون ھجن. ان دور ۾ سندس اختيارن ھيٺ مقرر ٿيل عملدار يونيورسٽيون ھلائيندا رھندا ھئا. ارڙھين ترميم کان پوءِ اھي اختيار سنڌ جي وزيراعليٰ کي منتقل ٿيا ته بھتري جي اميد نظر آئي پر ايئن ٿيڻ بدران سنڌ جي يونيورسٽين سان ته
“ادو مئو ادي ڄائي اسين اوتري جا اوترا” وارو معاملو ٿيو آھي.
سنڌ ۾ جڏھن يونيورسٽي ترميمي آرڊيننس ٻه ھزار ارڙھن پاس ٿيو ته يونيورسٽي سان لاڳاپيل استادن ۽ انھن جي نمائنده تنظيمن تمام گھڻي خوشي ملھائي ته ھاڻي گورنر آفيس مان جان آجي ٿي آھي ۽ سنڌ جا چونڊيل نمائندا گھٽ ۾ گھٽ سنڌ جي اعليٰ تعليم تي ھاڻي وڌيڪ ڌيان ڏيندا ۽ يونيورسٽيون ھڪ  مخصوص ٽولي جي اجاراداري  مان آجيون ٿينديون پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌ ۾ مجموعي طور  تعليمي پاليسي خاص ترجيحات ۾ شامل ناهي نه وري ڪو انتظامي شعبن جي مھارت رکڻ وارا آفيسر تعليم جي حوالي سان فيصلا سازي جو شعور رکن ٿا . تنھن ڪري ڪڏھن اسڪول ته ڪڏھن ڪاليج جا شعبا پيا ورھائجن ته وري ٽيڪنيڪل تعليم جو شعبو ئي الڳ آھي . مجموعي طور تعليم جي پوري شعبي کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري آفيسر شاھي ته پھنجي نااھلي جو ثبوت ڏنو پر سنڌ جي چونڊيل نمائندن ۽ اقتداري پارٽي جنھن جو اڳواڻ پڻ ھڪ نوجوان آھي انھن به هن طرف ڌيان نه ڏنو جو سنڌ جي ھائير ايجوڪيشن کي ترجيحي بنيادن تي کڻڻ بدران ان کي آفيسر شاھي جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو جن لاءِ تعليم کاتو پوسٽنگ۽ٽرانسفر جي ڪري ھڪ “ڪمائو” کاتي کان وڌيڪ اھميت نٿو رکي. ھن مھل تائين سنڌ تعليمي ڪميشن جيڪا ، پرائمري کان ڪاليج تائين شعبن کي گڏ ڪري،ان ۾ امتحاني بورڊ ۽ ٽيڪنيڪل بورڊ، ٽيڪنيڪل تعليم  به شامل ڪري جوڙي وڃي ھا ته شايد تعليم جي شعبي ۾ سنڌ جا انگ اکر ايترا مايوس ڪن نه ھجن ھا . تعليم کي ايترن حصن ۾ ورھائي آفيسر شاھي کي ته خوش ڪيو ويو پر ان سان تعليم جي شعبي کي مجموعي طور نقصان پھتو آھي. اڄ ڏينهن تائين سنڌ سرڪار تعليمي ڪانفرس ڪرائي،ماھرن کان ان معاملي ۾ راءِ وٺڻ ۾ به ڪا اڳڀرائي نه ڪئي آھي ڇو ته تعليم جي حوالي سان ڪا به ٿنڪ ٽئنڪ نه آھي. پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ جي لاءِ عليحده شعبو آھي پر تعليم آفيسر شاھي جي رحم ڪرم تي آھي،اھو ئي سبب آھي جو اربن رپين جا قرض وٺڻ جي باوجود سرڪاري اسڪول تباھه آھن ۽ استادن کي ڳريون پگھارون ڏيڻ باوجود ڪارڪردگيءَ نه ھجڻ جي برابر آھي ڇو ته ڪا به مستقل پاليسي گائيڊ لائين ئي نه آھي .
تعليم جي اڳوڻي وزير سردار شاھه جي اھا ڪوشش ساراھه جوڳي ھئي جڏھن ھن تعليمي بورڊ واپس تعليم کاتي جي حوالي ڪرڻ لاءِ تحرڪ ورتو ھو. آفيسر شاھي تعليمي بورڊن جي مقرري مان ڪمائين ٿا اھو ئي سبب ھو جو عشرت العباد ان کي پھنجي تحويل ۾ ورتو ھوجديد ڪرپشن ۾ ايم ڪيو ايم جو ڪو ثاني ناهي جنهن طريقي سان گوسڙو ملازم توڙي استاد،ڪوڙيون ڊگريون ڪاپي ڪلچرکي ايم ڪيو ايم وڌايو ان جو مثال پوري ملڪ ۾ ملڻ مشڪل آهي .
حقيقت اھا آھي ته گورنر ھائوس کان اھي ادارا آجا ڪرائڻ ۾ استادن جو وڏو ھٿ ھيو پر ان کانپوءِ صورتحال “آسمان سي گرا کجور ۾ اٽڪا” واري ٿي، اتان آزادي بعد تعليم جي شعبي کي يڪجا ڪري بورڊ تعليم جي وزارت حوالي ڪرڻ بدران انھن کي اڄ به هروڀرو يو نيورسٽين واري کاتي حوالي ڪيو ويو آهي. جيئن ته تعليم جي حوالي سان فيصلا سنڌ ۾ آفيسر شاھي يا حڪومت نه پر قرض ڏيندڙ ادارن جا ڪنسلٽنٽ ڪندا آھن تنھن ڪري تعليم اڳيان وڃڻ بدران پويان پئي وڃي. تعليمي پاليسي نه ھجڻ ڪري تازو وفاق ھڪ نصاب تي سنڌ سرڪار جو ڪوبه پاليسي موقف نظر نه آيو نه ان ميٽنگ ۾ وڃڻ کان پھرين وزير تعليم ڪو تعليمي ماھرن جو سيمينار ڪوٺايو يا  راءِ ورتي ته ان حوالي سان ارڙھين ترميم کانپوءِ سنڌ جو موقف ڪھڙو ھئڻ گھرجي.
اعليٰ تعليم سڄي دنيا ۾ اڪيڊيميا جي حوالي هوندي آهي پر سنڌ حڪومت خالصتن تدريسي ۽ تحقيقي رجحان رکندڙ اڪيڊيميا کي ئي بيوروڪريسي جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي جيڪي ڪنھن به قسم جي پاليسي ڪم بدران پنھنجي مرضي سان معاملا ھلائي رهي آهي،نه سيڪريٽري کي تعليمي نظام جي ڄاڻ هئڻ ضروري سمجهيو ويو آهي نه وري سندن مقرري جو مدو مقرر آهي ڪي ٻن مهينن ته ڪي ٻن سالن لاءِ هوندا آهن. رڳو گذريل چئن سالن کان سنڌ جي يونيورسٽين اندر وائيس چانسلرن جي مقرري جا اشتھار کڻي ڏسو ته اندازو ٿيندو ته ڪيئن ھر سيڪريٽري ان ۾ پنھنجي فھم ۽ دانش مطابق پنھنجي شخصي مرضي مطابق تبديليون ڪيون آھن اھڙين تبديلين جي منظوري ڪھڙي اداري کان ورتي ويئي ان جو ڪنھن کي به ڪو علم ناھي. حد اھا آھي ته وائيس چانسلر جي مقرري ۾ ڪڏھن عمر جي حد سٺ سال ته ڪڏھن پنجھٺ سال رکي وئي. ڪڏھن بنيادي اھليت پروفيسر واري ته ڪڏھن بيورو ڪريٽس کي وي سي مقرر ڪيو ويو . ڪڏھن تعليمي قابليت ٻاويھين گريڊ جي پروفيسر جھڙي ته ڪڏھن عام پروفيسر مطلب اٺ سالن ۾ سنڌ سرڪار اھو طئي ڪري نه سگھي آھي ته ڪنھن تعليمي اداري جي وائيس چانسلر جي بنيادي اھليت ڪھڙي ھجي. 
مٿان وري آفيسرشاھي پاران ٿاڦيل سرچ ڪميٽي به ھر بيوروڪريٽ پھنجي پسند جي آندي. ڪڏھن ڪنھن ايم پي اي کي ميمبر ڪيو ويو ته ڪڏھن وري اھي رٽائرڊ وائيس چانسلر ان چونڊ ڪاميٽي جي سيٽن تي براجمان ڪيا ويا جن جا پنھنجا ٽينيوئر اداري ۾ تباھي لاءِ مثال طور پيش ڪري سگھجن ٿا . اڄ ڪلھه سيڪريٽري بورڊ ۽ يونيورسٽي وري نئين وائيس چانسلر جي مقرري واري اھليت ۾ اضافو ڪيو آھي ته اميدوار پروفيسر ھجي ۽ ڏھه سال انتظامي تجربو رکندو ھجي . سندس خيال مطابق انتظامي اھليت جي ڪمي ڪري پروفيسر صحيح يونيورسٽي نه پيا ھلائين. ھتي ملڪ جي سڀني يونيورسٽين ھلائڻ واري ھائير ايجوڪيشن ڪميشن جي چيئرمين جي مقرري بناڪنھن انتظامي شعبي جي صلاحيت واري تجربي تي ڪئي وڃي ٿي پر سنڌ جي يونيورسٽين ۾ وائيس چانسلر لاءِ ھن کي ڏھه سال تجربو گھرجي اھو به اھڙو جيڪو پندرھن سال سينئر پروفيسر ھجي اھو ته عهدي لاءِ نااھل ھوندو پر جي ھاسٽل جو پرووسٽ ھجي ته اھو انتظامي تجربي طور ليکي سگھجي ٿو. ان مان ھنن جي نااھلي ۽اعليٰ تعليم کان اڻ ڄاڻائيءَ به پڌري ٿئي ٿي پر حقيقي طور تي اھا انتھا مجرماڻي غير سنجيدگي به آھي جنھن کي ھن وقت لڳ ڀڳ سنڌ جون سڀ يونيورسٽيون ڀوڳي رھيون آھن. جڏھن ته يونيورسٽي جي ايڪٽ ۾ اداري جي اندر جن انتظامي پوسٽن جي فھرست ڏنل آھي ان ۾ استاد صرف اداري جو چيئرمين ۽ فيڪلٽي جو ڊين ٿي سگھي ٿو . جڏھن ته پرووسٽ ، رجسٽرار ۽ ڪنٽرولر جون پوسٽون اضافي چارج طور سنڀالي ٿو تنھن ڪري اھي خالص انتظامي تجربي ۾ گھٽ اچن ٿيون .ٻيو ته اداري اندر صرف اھي ئي انھن اضافي چارج تي ويھي سگھن ٿا جيڪي وائيس چانسلر جا منظور نظر ھجن ۽ ڪنھن جي خاص ماڻھن مان ھجن . ھڪ ايماندار پروفيسر وڌ ۾ وڌ عمر جي آخري حصي ۾ ڊائريڪٽر يا ڊين ٿي سگھي ٿو . اھو به ٽن سينئرن مان ڪو به ھڪ ٿي سگھي . جيڪڏهن وائيس چانسلر کي ڪو پروفيسر پسند نه آھي ۽ ھو اھل ۽ لائق آھي ته ھن کي ڪڏھن به ڊين نه ڪيو ويندو . مھتاب علي شاھه سنڌ يونيورسٽي ۾ واحد پروفيسر ھيو جنھن جي پي ايڇ ڊي ڪيمبرج ۽ پوسٽ ڊاڪٽريٽ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان ھئي پر وائيس چانسلر جي ناپسنديدگي جي ڪري کيس رد ڪندي ٽئين نمبر جونيئر پروفيسر کي ڊين ڪيو ويو جيڪو اڪيڊيمڪلي به سندس برابر نه ھو .ڊاڪٽر مھتاب علي شاهه کي ناپسنديدگي جي ڪري وائيس چانسلر ٻاويھون گريڊ به نه ڏنو ته ڇا ھن جون ڊگريون ۽ ڪتاب ڪابه اھليت نه رکندا؟
حقيقت اھا آھي ته انتظامي شعبا پڻ وائيس چانسلرن جي پسنديدگي سان مشروط ٿيل آھن. ان ڪري اڳيان ھلي وائيس چانسلرن جي چمچا گيريءَ ڪندڙ انتظامي عھدن تي ويھندڙن کي وري وائيس چانسلر ٿيڻ ۾ اوليت ڏني ويندي آھي جو کين انتظامي تجربو آھي. ياد رھي ته سنڌ يونيورسٽي ايڪٽ اندر ڪوبه پروفيسر وائيس چانسلر جي عھدي لاءِ اھل آھي جيڪڏھن ھن جا پيپر پورا آھن ته … ڪوبه پروفيسر جيڪڏهن ايمانداري سان انتظامي تجربو حاصل ڪندو ته اھو وڌ ۾ وڌ ڇھه سال ٿي سگھي ٿو . ڏھه سال تجربي لاءِ اھي وائيس چانسلر ئي ھوندا جيڪي ھڪ اداري کي کپائي ،پيسا ڪمائي وري ٻئي اداري لاءِ اپلائي ڪندا. ايئن ھاڻي وي سي ڪنھن اداري مان ريٽائر ٿيڻ بدران بدلي ڪيو ويندو آھي. پاڪستان جي موجود ڏي وٺ ۽ سياسي سفارشي ڪلچر ۾ ھڪ ادارو لٽي ٻئي اداري جو وي سي ٿيڻ ۾ ڪا به وڏي روڪاوٽ نه آهي ھنن کي ڪرسي جو اھڙو نشو ٿي ويو آھي جو ٻئي ٽرم يا ٻي يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر ٿيڻ لاءِ ڪجھه به ڪري سگھن ٿا ۽ مرڻ تائين ڪرسي سان چنبڙيل رھڻ چاھين ٿا .
مطلب ته وائيس چانسلر جي مقرري جا يونيورسٽي ايڪٽ کان ھٽي ڪري اھي شرط انھن چند مخصوص ٽولي کي اڳيان آڻڻ لاءِ وڌا ويا جيڪي پھرين ئي کائڻ ۽ کارائڻ جا گر ڄاڻين ٿا . اھو ئي سبب آھي ته وائيس چانسلرن جي ھڪ ھٽي ٺھي وئي آھي ، ھڪ وي سي اٺ سال ھڪ اداري ۾ گذاري وري ٻئي اداري ۾ پيو وڃي. سرچ ڪميٽي ۾ وري اھي سابق وائيس چانسلر آھن جيڪي انھن ادارن ۾ اٺ اٺ سال وائيس چانسلر رھي آيا آھن . اھي پنھنجي دادلن پروفيسرن کي اڳيان ٿا ڪن ، ڪجھه مخصوص ماڻھو ھر يونيورسٽي لاءِ نامزد پيا ٿين . ڇا سنڌ ۾ اھل ماڻھن جي ايتري کوٽ آھي يا اھو رٽائرڊ وائيس چانسلرن ۽ ٻه ٻه ٽينيوئر پورا ڪندڙ وائيس چانسلرن ھڪ اھڙو ڪارٽيل جوڙيو آھي جو مقابلي ۾ڪير اچي ئي نه . وائيس چانسلر جي مقرري ۾ انتظامي اھليت ته رکي وئي آھي پر اھو ڪٿي به ذڪر نه آھي ته اميدوار نيب يا ٻئي اداري طرفان ڪنھن به انڪوائري ۾ گهربل نه ھجي.  نه ئي اداري اندر ھن تي خردبرد يا  ھراسمينٽ جو ڪيس ھجي .نتيجي ۾ ادارن کي نيب جي حوالي ڪندڙ ڪرپٽ وائيس چانسلر ، پنھنجي يونيورسٽي ۾ اخلاقي ڪرپشن ۾ ملوث بدنام زمانه ماڻھو وڏي ديدا دليري سان وائيس چانسلر لاءِ شارٽ لسٽ ڪيا پيا وڃن. اسان سمجهون ٿا  ڪنھن به وائيس چانسلر لاءِ اٺ سال ڪافي آھن ،کين ٽيون ٽينوئر ڏيڻ نه صرف ٻين اھل ماڻهن جي حق تلفي آھي پر انھي سان ادارن ۾ ڪرپشن به وڌي ٿي . ڪھڙو وائيس چانسلر آھي جيڪو دعوا ڪري ٿو وائيس چانسلر ٿيڻ کان پھرين ۽ پوءِ به سندس ملڪيت ساڳي آھي. ڇا تعليمي ادارا ايترا يتيم آھن جو پنجن ماڻھن جي حوالي ھجن ۽ ھڪ بيوروڪريٽ جيڪو چاھي سو ڪري. سنڌ جي شھرن جو جيڪو حال آھي ۽انتظامي طور جيڪا ڪارڪردگي آھي ان مان سنڌ جي بيوروڪريسي جي اھليت ۽ انتظامي تجربي جي خبر پوي ٿي . جيڪي مقرر ئي انتظامي معاملن لاءِ آھن، انھن جي پنھنجي ڪارڪردگي قابل رحم آھي ۽ اھي طئي ڪري رھيا آھن ته وائيس چانسلر جي مقرري لاءِ انتظامي اھليت ڪيتري ھجي؟ تنھن ڪري ان قسم جي فضول روايتي سوچ ۽ انھي جي آڙ ۾ وائيس چانسلر جي مقرري جو ڪاروبار بند ڪري گھٽ ۾ گھٽ تعليمي ادارن کي وڌيڪ تباھه نه ڪيو وڃي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *