تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

سنڌ جي حڪمران پارٽي وفاق جي نشاني تي

دنيا ان معاملي تي سوچي رهي آهي ته ڪورونا جي وبا مان ڪيئن جان ڇڏائجي؟ پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ معيشت کي ڪيئن پيرن ڀر بيهارجي؟ پر پياري پاڪستان ۾ حڪومت ان ۾ لڳل آهي ته ماڻهن جي حصي ۾ ڀل کڻي ڪک به نه اچي ماڻهو غربت ۽ ڏاکڙن وگهي ڀلي چيڀاٽجي وڃن، پر حڪومت تي ڪو الزام نه اچي ۽ اها پنهنجي آئيني مدت پوري ڪري وڃي. وزيراعظم خان صاحب ته ماڳهين اهي پيو خواب ڏسي ته اپوزيشن کي ايترو دٻاءُ هيٺ ۽ بيمار رکيو وڃي جو ايندڙ پنج سال به حڪمران جماعت کي ملن. خير خواب ڏسڻ هر ڪنهن جو حق آهي. سو خان صاحب ايندڙ پنجن سالن جا خواب ڏسي سگهي ٿو. ٻئي پاسي اپوزيسن جي ڪوشش آهي ته اها پنهنجو سر بچائي. هي ڏکيو وقت گذاري وٺي رڳو پاڻ کي اپوزيشن طور زنده رکڻ لاءِ سخت تقريرون ڪندي رهي. اپوزيشن کي پڪ آهي ته تيستائين حڪومت تبديل نٿي ٿي سگهي جيستائين واڳ ڌڻي ان کي تبديل ڪرڻ نه چاهيندا. انهن واڳ ڌڻين کانسواءِ حڪومت تبديل ڪرڻ لاءِ جيتري محنت ۽ سگهه جي ضرورت آهي اوتري سگهه اپوزيشن پاڻ ۾ ڪو نه ٿي ساري. جڏهن اپوزيشن کان عوام کي سرگرم ڪرڻ بابت پڇجي ٿو ته ٻڌايو وڃي ٿو ته ايئن ڪنداسين ته سگهاريون ڌريون ماڳهين اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏينديون.
ان سڄي صورتحال جي باوجود گذريل ٻن هفتن کان اهڙا بيان اچي رهيا آهن. اهڙيون سرگرميون ٿي رهيون آهن جن مان لڳي ٿو ته ڪا چرپر ضرور آهي. تڪڙي تبديلي اچي ٿي يا نه ٿي اچي، اهو ضرور آهي ته حڪمران ڌرين جي رڌڻي ۾ رولو ضرور آهي. هر ڪا ڌر وڌيڪ اختيار ۽ اقتدار وٺڻ گهري ٿي. ان ڪري انهن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ آهي. اصل ۾ نئين راهه به تڏهن نڪرندي آهي جڏهن حڪمرانن اندر اختلاف هجن، اهي اختلاف تضادن جي صورت اختيار ڪري هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ لڳن. حڪمرانن جا پاڻ ۾ ٽڪراءَ ايترا شديد ٿي ويا آهن جو اهي حل نٿا ٿي سگهن؟ يا حڪمران ڌريون هڪ ٻئي کي سهڻ يا ايڊجسٽ ڪرڻ لاءِ تيار ناهن؟ هي هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو ڪو به حتمي جواب ڪونهي. بس في الحال اهو چئي سگهجي ٿو ته اهي اختلاف تيز ٿي رهيا آهن ۽ ٽڪراءُ شروع ٿي ويو آهي.
هونئن ته مارچ کان چوٻول شروع ٿيو هو پر مٿان وري ڪورونا ڄڻ حڪومت جي ضمانت ڪرائي ورتي. وري بجيٽ منظور ڪرائڻ ضروري هو. سڀني ڏٺو ته بجيٽ بنا ڪنهن عملي مخالفت جي منظور ٿي وئي. ڇاڪاڻ جو مٿان کان اهو ئي آرڊر هو. هونئن به بجيٽ ۾ گهڻي ردوبدل جي گنجائش نه هوندي آهي بهرحال اپوزيشن حڪومت سان ٺاهه ڪري ان کي سولو گس ڏنو. خيال هو ته ان جي عيوض اپوزيشن سان بهتر سلوڪ رکيو ويندو پر ايئن نه ٿيو. ڪجهه عرصو شگر ڪميشن ۽ ڪڻڪ جي جاچ واريون رپورٽون بحث جو موضوع بڻيون. ٿيو ايئن جو انهن رپورٽن خود حڪمران جماعت جا وکا پڌرا ڪري ڇڏيا. حڪومت جي نااهلي سان گڏوگڏ ان ۾ موجود اختلاف به سامهون اچي ويا. حڪومت ڳالهه کي سمجهي وئي ته حڪمران جماعت جي اندر جهيڙو وڌي ويندو ته ان کي سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو. ان ڪري اهو چيو ويو ته ٻيو ڪجهه ڪو نه پيو اچي ان سان گڏوگڏ حڪومت توپن جو رخ اپوزيشن ڏي ڪيو. اپوزيشن جي ٻن وڏين پارٽين پيپلزپارٽي ۽ نواز شريف کي ڏٺو ويو. نواز ليگ جي اڳواڻن کي ڪجهه ڪيسن ۾رليف مليو. ان جو سبب قومي اسيمبلي ۾ عملي مخالفت نه ڪرڻ وارو موقف به کڻي هجي پر اصل سبب اهو آهي ته پنجاب ۾ سياسي گروپن کان وٺي عوامي سطح تي حڪومت خلاف جيترو تاءُ موجود آهي ان صورت ۾ اها پنجاب جي مقبول سياسي پارٽي يا سياسي ليڊرپشپ خلاف ڪو قدم کڻي نه ٿي سگهي. اها في الحال ان تي گذارو ڪري رهي آهي ته نواز شريف کي سزا ٻڌائي کيس ملڪ کان ٻاهر روانو ڪيو ويو.
پيپلزپارٽي جو معاملو مختلف آهي. هڪ اهو ته تحريڪ انصاف توڙي وزيراعظم کي سنڌ جي ڪا لاچاري ڪونهي. بلڪه سنڌ انهن لاءِ غير اهم آهي. ساڳئي وقت سنڌ مان کين ڪو آسرو به ڪونهي ٻئي نمبر تي اها ڳالهه ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت آهي. ان ڪري تحريڪ انصاف جي لاءِ هتي پير کوڙڻ مشڪل آهي. پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت لڳاتار وفاقي حڪومت سان اين ايف سي ايوارڊ، ارڙهين ترميم، پاڻي جي ورهاست ۽ ٻين اهڙن معاملن تي جهيڙي ۾ آهي. تاريخ ۾ پهريون دفعو صوبائي حڪومت کليل طريقي سان ڳالهائي رهي آهي. صوبي جي حقن لاءِ لکپڙهه ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي جو موقف اهو آهي ته ارڙهين ترميم جي تحت آئين ان کي اهڙو حق ڏئي ٿو ان ڪري جمهوري ۽ آئيني طريقي سان شيون گهري رهي آهي.
مطلب هاڻ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته حڪومت اپوزيشن جي ٻئي وڏي جماعت پيپلزپارٽي جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهر ٿي. جنهن جو اشارو بلاول ڀٽو زرداري هفتو کن اڳ ڏنو هو ته حڪومت آصف زرداري کي قتل ڪرڻ گهري ٿي. بلاول جي هن بيان جي ڪجهه ڏينهن اندر آصف زرداري خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جي فرد جرم عائد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو پوءِ اوچتو مقرر تاريخ تي اها ڪارروائي هفتي کن لاءِ ملتوي ڪئي وئي. هڪ خيال اهو آهي ته جهڙي نموني سان حڪومت پنجاب جي ليڊر نواز شريف کي سزا ٻڌائي ساڳيو سلوڪ سنڌ سان به ڪرڻ چاهي ٿي. يعنيٰ اپوزيشن جي ٻي وڏي جماعت پيپلزپارٽي جي ليڊر آصف زرداري کي سزا ڏيڻ گهري ٿي. چوڻ وارا چون ٿا ته تڪڙ ان ڪري ڪئي پئي وڃي ته متان ڪيڏي مهل موجوده وزيراعظم پنهنجي عهدي تي نه رهي. پوءِ گهٽ ۾ گهٽ هو اهو ته چئي سگهندو ته مون ٻن وڏن ليڊرن کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ سزا ڏياري.
پيپلزپارٽي جو اهو موقف آهي جيئن ته ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ ۾ردوبدل لاءِ اها تيار ناهي، حڪومت ون يونٽ جهڙي صورتحال آڻڻ چاهي ٿي، پيپلزپارٽي ان جي مخالفت ڪري رهي آهي ان کي سزا وار ڪيو پيو وڃي. ان ڳالهه ۾ تڏهن وزن پيدا ٿي وڃي ٿو جڏهن وزيراعظم پاڻ ارڙهين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ خلاف ڳالهائي ٿو ۽ عملي طرح سان اهڙا قدم به کڻي ٿو. ان سڄي صورتحال ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي آهي ته جيئن ملڪ کي درپيش معاشي ۽ سياسي بحران مان ڪڍي سگهجي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پيپلزپارٽي ان اجلاس لاءِ حڪمران جماعت تحريڪ انصاف کي به دعوت ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. بلاول جو اهو تحرڪ وڏي حڪمت عملي وارو لڳي ٿو جنهن ۾ حڪمران جماعت کي به ڪوٺ ڏني پئي وڃي، جنهن سان ماڻهن توڙي دنيا کي اهو نظر ايندو ته وسيع تر مفاد ۾ سمورا ويڇا هڪ پاسي رکي قومي اتفاق راءِ قائم ڪرڻ لاءِ ڪانفرنس ڪوٺائي پئي وڃي. تحريڪ انصاف هن اجلاس ۾ شرڪت ڪري ان جو امڪان گهٽ نظر اچي ٿو ڇاڪاڻ جو ڪورونا بابت جڏهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارلياماني پارٽين جو اجلاس گهرايو هو ته وزيراعظم اپوزيشن کي ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو بعد ۾ هن صحافين کي ٻڌايو ته هو انهن ڪرپٽ اپوزيشن ليڊرن سان ڳالهائڻ يا گڏ ويهڻ لاءِ تيار ناهي. هن وقت تائين وزيراعظم جو ساڳيو موقف نظر اچي ٿو.
نواز ليگ اجلاس ۾ ضرور شرڪت ڪندي پر اها تڪڙي تحريڪ هلائڻ جي موڊ ۾ ناهي. هڪ اهو ته ان جي ليڊرن کي رليف ملي چڪو آهي ٻيو اهو ته تحريڪ هلائڻ جي صورت ۾ نواز ليگ جا مخالف جيڪي هينئر حڪومت ۾ آهن، سي ڊپ وچان وڌيڪ پاڻ ۾ ويجها ٿي ويندا. ٻي صورت ۾ انهن وچ ۾ هلندڙ اختلاف اهڙا آهن جيڪي پنهنجي طور تي وڃي ڇيڙو ڪندا. بهرحال اها اخلاقي حمايت جي حد تائين پيپلزپارٽي جي حمايت ڪري سگهندي. سڄي ڳالهه قاف ليگ جي سڱن ۾ ڦاٿل آهي. ڏسجي اها پنهنجا سڱ ڪنهن پاسي ٿي گهمائي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *