تازا ترين
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

سنڌ جي ردعمل کي مان ملڻ گهرجي

صدر پاران سامونڊي ٻيٽن جي حوالي سان اٿارٽي ٺاهڻ واري آرڊيننس خلاف سنڌ ۾ شديد ردعمل آيو آهي ،آرڊيننس جي پهرين ڏينهن سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ٿيا آهن سياسي پارٽين احتجاج جا سڏ ڏنا آهن،سوشل ميڊيا تي انهي آرڊيننس کي سنڌ جي ملڪيت تي قبضو قرار ڏنو ويو آهي قانوني ماهرن ان آرڊيننس کي صوبن کي مليل آئيني حقن مٿان لتاڙ قرار ڏنو آهي ۽ انهي آرڊيننس کي دليلن سان غير آئيني ثابت ڪيو آهي، سول سوسائٽي به ان آرڊيننس کي ردڪيو آهي،جيڪڏهن ايئن چئجي ته سنڌ هڪ آواز ٿي انهي آرڊيننس خلاف اٿي بيٺي آهي ته غلط نه ٿيندو. ٿيل احتجاجن ۾ جيڪو موقف سامهون آيو آهي اهو هي آهي ته سامونڊي ڪنارا صوبن کي قدرتي مليل تحفا آهن انهن ڪنارن ۽ انهن جي ٻيٽن تي ترقياتي ڪم ڪرڻ جا اختيار به صوبن وٽ آهن ان ڪري صدر پاران هڪ اهڙو آرڊيننس آندو ويو آهي جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي مڪمل نظر انداز ڪري انهن ٻيٽن تي سموري ترقي جا اختيار وفاق پاران ٺاهيل اٿارٽي کي ڏنا ويا آهن، عالمي قانون موجب سنڌ ۽ بلوچستان جي سامونڊي ڪنارن تي اهي ٻيٽ ايتري مفاصلي تي آهن جيڪي صوبن جي ملڪيت يا حدن ۾ اچن ٿا ان ڪري وفاق اهي ٻيٽ پنهنجي تحويل ۾ نه ٿو وٺي سگهي، گڏوگڏ هن صدارتي آرڊيننس تي اها به تنقيد ٿي آهي ته جڏهن ملڪ ۾ پارليامينٽ موجود آهي قانونساز ادارا ڪم ڪري رهيا آهن ته انهن ادارن جي هوندي صدر کي آرڊيننس لاڳو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت پئجي وئي، . توڙي جو هي فيصلو وفاق ڪيو آهي سنڌ ۾ جيڪي احتجاج شروع ٿيا آهن انهن ۾ اهو موقف سامهون آيو آهي ته سندن ووٽن تي چونڊجي آيل صوبائي حڪومت پڻ خاموش آهي جيڪا پڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي.وفاق هن اٿارٽي جوڙڻ لاءِ جيڪي جواز فراهم ڪري رهي آهي ته ان سان ٻيٽن تي ترقي ايندي جيڪڏهن ٻيٽن کي ترقي ڏيارڻي آهي ته پوءِ صوبي کان پنهنجي ملڪيت کسڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي اهو ڪم ته صوبي جي ملڪيت هوندي وفاق صوبي جي سهڪار سان ترقياتي ڪمن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو،اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي عوام جي هن احتجاج کي مان ڏيندي وفاقي سرڪار کي ٻيٽن بابت اٿارٽي جوڙڻ لاءِ جاري ڪيل آرڊيننس واپس وٺڻ گهرجي، گڏوگڏ سنڌ حڪومت مٿان پڻ اها ذميواري ٿي بڻجي ته اها ماٺ ٽوڙي هن اهم ۽ بنيادي مسئلي تي پنهنجي صوبي جي ماڻهن سان گڏ بيهي ڇاڪاڻ ته سنڌ جون سموريون سياسي پارٽيون ۽ سماج جا سمورا طبقا انهي صدارتي آرڊيننس کي نه رڳو رد ڪري چڪا آهن پر رستن تي نڪري احتجاج به ڪري رهيا آهن وفاق توڙي سنڌ ۾ جيڪي حڪومتون آهن اهي پاڻ کي جمهوري ۽ عوامي سڏائين ٿيون ۽ جمهوري حڪومتون عوامي ووٽن تي چونڊجي اينديون آهن ان ڪري انهن آڏو سڀ کان پهرين عوامي راءِ جو احترام هجڻ گهرجي ۽ اها انهن جي آئيني ۽ قانوني ذميواري آهي ته جڏهن عوام ڪنهن فيصلي جي مخالفت ڪري ته ان کي واپس ورتو وڃي اها ئي جمهوري حڪومتن جي نشاني آهي .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *