Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ep0rddftmjue028m6ofmvab4f9, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ جي زمينن جا پيسا ڪورٽ وسيلي خرچ ٿيندا! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ جي زمينن جا پيسا ڪورٽ وسيلي خرچ ٿيندا! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

سنڌ جي زمينن جا پيسا ڪورٽ وسيلي خرچ ٿيندا!

جنهن ڏينهن چيو ويو ته مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪيو ويو ۽ اها گرفتاري سندس رهائش واري هوٽل جي ڪمري مان زوري ڪئي وئي ۽ ان جو سبب ڄاڻايو ويو ته هڪ ڏينهن اڳ 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ جناح صاحب جي مزار ۾ بيهي سياسي نعريبازي ڪئي جنهن کي توهين سان ڀيٽيو ويو. ان حوالي سان ٻن ڏينهن بعد سنڌ پوليس جي اعلى آفيسرن،جي آءِ جي جي تذليل جي حوالي سان موڪلن جي درخواستن جو پڙاڏو هيو ان ڏينهن 20 آڪٽوبر 2020ع تي سپريم ڪورٽ هڪ حڪم جاري ڪيو جيڪو سنڌ جي انهن زمينن بابت هيو جيڪي ملير توڙي بحريا اسڪيم ۾ ملڪ رياض جي رهائشي اسڪيمن لاءِ ڏنيون ويون هيون. انهن زمينن بابت سنڌ جي ماڻهن جا اعتراض ته سامهون ايندا رهيا، پر سپريم ڪورٽ ۾ جيڪو ڪيس هليو هو ان ۾ اهو چيو ويو هو ته اهي زمينون سنڌ سرڪار ڀڳڙن مٺ ۾ کپايون هيون ۽ 21 مارچ 2019ع تي بحريا ٽائون کي چار سو سٺ ارب رپيا ڏيڻ جو فيصلو ٻڌايو جيڪي ستن سالن ۾ ڏيڻ جو فيصلو ٿيو هو. ان حوالي سان ان ڏينهن ئي ارڙهين آڪٽوبر تي جڏهن هر طرح جي ميڊيا ۽ ماڻهو ان معاملي ۾ رڌل هئا. سپريم ڪورٽ ڏهن صفحن جو هڪ آرڊر جاري ڪيو جيڪو ٽن ججن مسٽر جسٽس فيصل عرب، مسٽر جسٽس اعجاز علي احسان ۽ مسٽر جسٽس منيب اختر جاري ڪيو هو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ ڪميشن ٺاهيندي ۽ ان جي نگراني ۾ اهي پيسا خرچ ڪيا ويندا. ان جا مک نڪتا هي آهن:
1.ڪاميٽي جو چيئرمين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو ريٽائرڊ جج هوندو. ان جج جو واسطو سنڌ صوبي سان هوندو جيڪڏهن نه هوندو ته پوءِ سنڌ ۾ ڪو به مقرر ٿيل ۽ اتي پبلڪ آفيس ۾ ڪم ڪري آيل ڪنهن کي به مقرر ڪري سگهبو.
2.هڪ هڪ ميمبر سنڌ جو وڏو وزير ۽ گورنر نامزد ڪندا. اهو شخص نه سياسي شخصيت هوندو نه وري ڪو اڳوڻو ڪامورو. ان لاءِ بينچ تصديق ضروري هوندي.
3.اٽارني جنرل آف پاڪسان، ايڊووڪيٽ جنرل آف سنڌ به ڪاميٽي جا ميبر هوندا. ڪميشن سنڌ صوبي سان تعلق رکندڙ هڪ خاتون کي به ميمبر ڪندي جيڪا پڻ ڪنهن سرڪاري عهدي تي رهيل نه هوندي.
4.ڇهه ٻيا ميمبر اهڙا هوندا جن کي ووٽ جو اختيار نه هوندو جيڪي به ڪميشن جي چيئرمين جي دعوت ڏيڻ جي صورت ۾ ميٽنگ ۾ اچي سگهندا. انهن ميمبرن ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، فنانس سيڪريٽري سنڌ (هي ڪميشن جو سيڪريٽري به هوندو)، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، آڊيٽر جنرل پاڪستان پاران نامزد سينيئر آفيسر، گورنر اسٽيٽ بينڪ پاران نامزد ڪيل ڊپٽي گورنر جي رينڪ جو آفيسر شامل هوندا.
سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ واضع ڪيو آهي ته چيئرمين ۽ پهريان پنج ميمبر يعني عورت ميمبر تائين ئي ڪميشن جي معاملن ۽ فيصلن بابت ووٽنگ جا اهل هوندا، باقي ميمبر رڳو ڪميشن پنهنجي سهولتڪاري لاءِ گهرائي سگهي ٿي. ڪميشن جي چيئرمن ۽ پهرين پنجن ميمبرن جو مدو چئن سالن لاءِ هوندو. ڪورٽ سڳوري کي اختيار هوندو ته مدي کان اڳ ڪنهن کي به هٽائي سگهي ٿي. وڏو وزير ۽ گورنر پهرين ڊسمبر 2020ع تائين مقرر مدي دوران ميمبرن لاءِ نالا نه ڏنا ته بينچ اهي ووٽنگ ميمبر مقرر ڪندي. ترقياتي ڪمن جي پراجيڪٽ کانسواءِ ڪميشن جو سمورو خرچ سنڌ حڪومت مٿان هوندو. 25 جنوري 2021ع تائين ڪميشن جي پهرين ميٽنگ لازمي ٿيندي ۽ ان گڏجاڻي ۾ ايس او پيز ۽ قاعدا طئي ڪيا ويندا. سپريم ڪورٽ ان حڪم نامي ۾ واضع ڪيو آهي ته ڪميشن ئي رٿائون تجويز ڪندي پر ضروري ناهي ته اهي رڳو تعليم، صحت ۽ انفرا اسٽرڪچر جي حوالي سان هجن. ڪٿي به ڊولپمينٽ جي کاتي سان لاڳاپيل فردن يا ادارن جي شموليت جو ذڪر ناهي. ڪميشن ئي اهي ٺيڪا ايوارڊ ڪندي. ٽينڊرنگ جو سسٽم آرڊر ۾ ناهي شايد اهو ڪم ان ڪميشن کي ڪرڻو هوندو. رقم خرچ ڪرڻ جا سڀ اختيار ڪميشن وٽ هوندا. ووٽنگ ميمبر جي سربراهي ۾ نگران ڪاميٽيون به جڙنديون جيڪي رٿائن جو جائزو وٺنديون رهنديون. رٿا مڪمل ٿيڻ بعد صوبائي حڪومت حوالي ڪئي ويندي.
بحريا ٽائون پاران پهرين قسط 52 ارب 69 ڪروڙ 42 لک 70 هزار 554 رپيا 29 جون 2020ع تي جمع ڪرائي وئي هئي. جنهن تي جمع رقم جو هڪ وڏو منافعو به ٿي چڪو آهي جيڪو پڻ ان رقم ۾ شامل آهي ان منافعي کي سرمائيڪاري سڏيو ويو آهي جنهن مان ڪورٽ جي جاري ٿيل آرڊر موجب 5 ارب، 46 ڪروڙ، 69 لک، 40 هزار 230 رپيا منافعو به ڪمايو ويو آهي.
سپريم ڪورٽ جي ان حڪم بعد ٺهندڙ ڪميشن بابت سنڌ حڪومت پاران ڪو ردعمل سامهون ناهي آيو. اسلام آباد جا حلقا اهڙي ڪميشن بابت مختلف راءِ رکن ٿا ۽ سوال اهو به آهي ته ڇا جيڪي جج رٽائر ٿي چڪا آهن انهن مان ڪو ڪميشن جو سربراهه ٿيندو يا وري نين رٽائرمينٽس جو انتظار ڪيو ويندو. بحريا پاران قسطن ۾ ملندڙ چار سو سٺ ارب رپيا ملندڙ اها رقم ايتري آهي جو ڊولپمينٽ سيڪٽر جي ماهر فضل الله قريشي موجب سنڌ حڪومت پنهنجي گذريل ٻن ٽن بجيٽن ۾ ان سيڪٽر لاءِ به خرچ نه ڪئي هوندي. اڳتي ڏسڻو اهو آهي ته رٿابندي کاتي کي ساڻ ڪيو وڃي ٿو يا نه؟ سنڌ جي عوام جو پيسو سنڌ جي ماڻهن جي مرضيءَ سان خرچ ٿئي ٿو يا نه؟ ان شفافيت جا ڪهڙا قاعدا قانون هوندا اهي به ظاهر ٿيندا رهن. هونئن به اڳ عدالتن يا حڪومتن جي ٺهيل ڪميشنن سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪي اطمينان بخش نتيجا نه ڏنا آهن، ڀلي انهن پٺيان نيتون نيڪ رهيون هجن پر عمل ۽ نتيجا ئي اصل اهميت وارا هوندا آهن. هن وقت اهم ڳالهه سنڌ جي ماڻهن جي شموليت آهي جيئن اها رقم لاڀائتي ٿئي، نه ته اهو سنڌي عوام سان ڪميشن به اڳ واري ڪميشن جيان بي فائدي ثابت ٿيندو جنهن جو عام عوام کي ڪو ثمر نه ملندو باقي ڪجهه ماڻهن جو ڀلو ٿئي ته ڀلي پيو ٿئي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *