Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_vd4li6d6cssqp43i93si2vn97l, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ جي محبت ۽ درد - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ جي محبت ۽ درد - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

سنڌ جي محبت ۽ درد

وطن جي محبت جي جذبي جي تشريح ڪري سگھجي ٿي؟ ڇا دنيا ۾ ڪو اهڙو احساس ۽ جذبو آهي جنهن جي تشريح ڪرڻ لاءِ لفظ ملي نه سگھن ۽ احساس ايترا اڌما ڏئي وڌي وڃن جو انهن جو اظهار مشڪل بلڪه ناممڪن ٿيو پئي. ها ، اهو احساس ۽ جذبو محبت جي ان رشتي جي نالي آهي جنهن رشتي ۾ شخصي مفاد ، انا ۽ لذت جو ڪو به وجود نه هجي، جڏهن انائن ۽ لذتن کان محبت جو جذبو پاڪ ۽ صاف ٿي ويندو آهي ته اها ئي محبت مقدس حيثيت اختيار ڪري ويندي آهي. انساني رت جي رشتن ۾ اهو جذبو صرف ۽ صرف ماءُ ۾ ڏسي سگھجي ٿو، ڇو ته ماءُ کي جڏهن چيو وڃي ته هو پنهنجي اولاد جي محبت جي وضاحت ڪري يا ان جذبي کي هو لفظن ۾ بيان ڪري ته ڪو به لفظ هن جي زبان مان نه نڪري سگھندو ،ها فقط هڪ مرڪ هن جي چهري تي اڀري ايندي ۽ ٿڌو ساھه ڀري رڳو ايترو چوندي ته “ اولاد ته اولاد آهي ان جي محبت کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن ناهي” .بلڪل اهڙيءَ طرح شعور جي اعليٰ بلندي جڏهن اصولن جي چونڊ ڪري ٿي ته انهن اصولن سان شعور جو رشتو اهڙيءَ طرح پختو ٿو ٿي وڃي ۽ ايئن جڙي ٿو وڃي جيئن ماءُ جي محبت جو رشتو اولاد سان جڙيل آهي. ان ئي شعور جي بلنديءَ جا معيار جڏهن ڪنهن مقصد جو تعين ٿا ڪن ته اهو مقصد اجتماعي انسان ذات سان جڙندي پنهنجي وطن سان جڙي ٿو وڃي، وطن جي محبت اهو جذبو آهي جنهن جذبي کي سمجھڻ جي لاءِ اسان صرف ماءُ جي مرڪ ۽ ٿڌي ساھه جي اوڀار کي ڏسندي ۽ محسوس ڪندي تعين ڪري سگھون ٿا. وطن جي محبت فرد ۾ فطري بنيادن تي ته موجود رهي ٿي پر انهيءَ جي پختگي تڏهن ٿي پيدا ٿئي جڏهن شعور جي اها منزل اچي ٿي، وطن جي محبت رڳو ڪنهن زمين جي حدن جو نالو ناهي پر انهيءَ سان گڏوگڏ ان ۾ رهندڙ مارن ۽ انهن جي ريتن رسمن کان ويندي ٻولي ۽ گيتن کان سون هزار سالن جي تاريخ جي جينياتي گھراين ۾ پنهنجون جڙون ڦهلائي ٿي ڇڏي ۽ پوءِ وطن جو ذرو ذرو ان جي لاءِ عظيم ۽ اتم آهي. انهيءَ ڪري حب الوطنيءَ جو جذبو ذاتين برادرين ۽ عقيدن کان وڌي هڪ الڳ دنيا کي آباد ٿو ڪري جنهن دنيا ۾ ڪنهن لاءِ به نفرت ناهي ان لاءِ صرف محبت ۽ محبت ئي آهي ، اها محبت ان وقت پنهنجي امتحان جي گھڙين مان گذري ٿي جڏهن ان محبت جي قربانيءَ جو وقت اچي ٿو ۽ اها قرباني تڏهن ضروري ٿي پوندي آهي جڏهن وطن يعني وطن جا مارون ۽ انهن جي سون هزارن سالن جي تاريخ ۽ جاگرافي مفاد پرست گروهن لوڀي ۽ لالچي فردن جي لتاڙ ۾ ايندي آهي ۽ انهيءَ جو استحصال ٿيڻ شروع ٿيندو آهي، جيڪڏهن محبت مفادن ، انائن ۽ لالچن کان پاڪ آهي ته پوءِ اهو ممڪن ئي ناهي ته هو ان امتحان ۾ پاس نه ٿئي.
سنڌ جي درد جو سفر رڳو ڪجھه سالن جو ناهي پر اهو سفر سون سالن جي تاريخ ۾ تمام گھڻو ڦهليل آهي، سنڌ جي تاريخ جو ڪو به اهڙو دور ناهي گذريو جنهن ۾ ٻاهرين وحشين ۽ جلادن حملا نه ڪيا هجن جڏهن سنڌ تي حملا ٿيڻ جو سلسلو گھٽ هوندو هيو ته وري اندروني گروهي ۽ عقيدتي ٽڪراءَ اڀرندا هئا بلڪه اڀاريا ويندا هئا يعني ڌارين جا حملا ته ڪڏهن اندروني مفادن جا ٽڪراءَ ٻنهي عذابن ۾ سنڌ جو عوام مصيبتون ڀوڳيندو رهندو هو نه رڳو مصيبتون ڀوڳيندو رهندو هو پر طرح طرح جا ظلم ۽ عذاب به هن ڌرتيءَ برداشت ڪيا انهن عذابن ۾ وڏو عذاب هر وقت اهو ئي رهيو جو پوري سنڌ پنهنجي هيڪڙائي ۽ اتحاد جي رشتي ۾ جڙي نه سگھي يا کيس جڙڻ جو ڪڏهن نه موقعو ڏنو ويو ۽ نه وري ڪوشش ڪئي وئي انهيءَ ڪري سنڌ جي محنت جي دولت جيڪا دولت جيڪا پورهيتن جا هٿ ڪمائيندا اها لٽبي رهي ۽ پوءِ جيئن قدرتي وسيلا ظاهر ٿيندا ۽ ملندا ويا ته انهن جو حشر به اهوئي ٿيندو پيو اچي. هي هن خطي جي اها ڌرتي آهي جنهن جي وک وک دولت جي ڀرتن سان ڀري پئي آهي جيتري سنڌ سرسبز آهي اوتري يا انهيءَ کان به وڌيڪ معدني وسيلن سان ڀري پئي آهي ليڪن سنڌ جو عوام ايتري خوشحالي ۽ وسيلن جي هوندي بد کان بدتر زندگي گذاري پيو سنڌ جو هر ڏينهن عوام جي لاءِ اذيتن ۽ تڪليفن جي سلسلن کي وڌائيندي گذري ٿو. يقينن انهن سڀني عذابن ۽ مصيبتن کان نجات جو رستو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن سنڌ جي عوام جو قومي سطح تي هڪ پڪو ۽ پختو پاڻ ۾ محبت جو رشتو سياسي ۽ سماجي اصولن جي بنيادي اصولن تي جڙندو ۽ اهو ڪم صرف ۽ صرف سياست ئي ڪري سگھي ٿي. اها سياست جنهن کي عوام دشمن قوتن مهانگو ۽ مشڪوڪ بڻائيندي حقارتن جي حدن تائين ذليل ۽ خوار ڪيو آهي. حڪمران طبقي جي اها پوري پوري ڪوشش رهي آهي ته سياست کي عوام کان دور ڪرڻ جي لاءِ اهڙي حڪمت عملي جوڙجي جنهن ۾ ان جي پنهنجي هجڻ کان سواءِ ٻيو ڪو به طبقو يعني عوام جو ٻيو حصو هاري يا مزدور يا انهن سان لاڳاپيل نظريو رکندڙ داخل ٿي نه سگھي جي هو داخل ٿئي ته انهيءَ کي به شڪ ۽ حقارت جي نگاھه سان ڏٺو وڃي، عوامي محبت جو جذبو يعني سنڌ جي محبت جو جذبو تڏهن ممڪن ٿيندو جڏهن انهيءَ کوٽ کي پورو ڪري جيڪا کوٽ عوام جي سياسي ٻڌيءَ ۾ پيدا ٿيل آهي.
پاڻ سنڌ جي تمام سياسي جماعتن جي ڪردار ۽ نظرين تي ٽيڪا ٽپڻي نٿا ڪريون پر پاڻ رڳو اهو ٿا ڏسڻ ۽ سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته سنڌ جي عوامي وحدانيت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ انهن سڀني جماعتن جي اڳواڻن يا انهن جي ميمبرن عوام ۾ شامل ٿي ڪيترو سياسي پورهيو ڪيو آهي.؟ جڏهن اسان اهو ڏسون ٿا ته عمل ۾ اهو ڪجھه نظر نٿو اچي جنهن سان عوام کي متحد ڪيو وڃي نه اهو پورهيو نظر ٿو اچي جنهن جي ڪرڻ سان وحدانيت جي طاقت يعني قومي اتحاد جي طاقت جڙي . سنڌ جي محبت جو اظهار يا سنڌ سان محبت جو اظهار هر هڪ جماعت انهيءَ جا ڪارڪن ۽ انهيءَ جا ليڊر ڪندي نظر ايندا پر عمل اهو ئي نظر ايندو جو پريان بيهي ڪري عوام کي چيو ويندو ته اسان توهان جي لاءِ هي هي ڪرڻ چاهيون ٿا توهان اسان تي اعتماد ڪيو ۽ اسان جي جدوجهد ۾ شريڪ ٿيو، سنڌ جا قوم پرست ۽ کاٻي ڌر جا گروھه يا پارٽيون هي ٺيڪ طرح سان سمجھن ٿيون ته عوامي اتحاد ۽ ايڪي کي ڪهڙين حڪمت عملين سان قائم ڪري سگھجي ٿو ۽ ڪهڙيءَ طرح عوام پنهنجي حقن جي حاصلات جي تحريڪ ۾ منظم طريقي سان جڙي سگھي ٿو بلڪه ٻين لفظن ۾ هيءُ چئون ته خود عوام مان تحريڪ ڪيئن اڳتي وڌندي آهي اهو اسان جا سياسي دوست ٺيڪ طرح سان سمجھڻ جي صلاحيت رکن ٿا پر جيڪڏهن ڪو هيءُ چئي ته هنن کي اهو ڏانءُ ئي ناهي ته هو عوامي طاقت کي ڪٺو ڪري سگھن يا عوام مان عوام جي جدوجهد کي اڳتي وڌائي سگھن ته پوءِ انهيءَ جو مطلب هيءُ ٿيندو ته هو پاڻ هيءُ اعتراف پيا ڪن ته کين عوامي سياست ڪرڻ جي صلاحيت موجود نه آهي ۽ پوءِ به هو جيڪڏهن سياست جي عمل کي قائم رکن ٿا ته انهن جو مطلب صاف صاف هي سمجھڻ گهرجي ته انهن جو سياسي مفاد ڪجھه ٻيو آهي ڇو ته جيڪڏهن ڪنهن جدوجهد ۾ ڪاميابي ناهي ملندي ۽ ان ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٿيندڙ جدوجهد کي ساڳئي انداز سان هلائڻ جو مطلب ته آهي ته هو سياسي عمل ۾ ڪا به تبديلي ڏسڻ جا خواهشمند نه آهن تنهن ڪري انهن جي تمام جدوجهد عوام کي مايوسين کان سواءِ ٻيو ڪجھه نه ڏيندي ۽ جڏهن عوام مسلسل مايوسين جو شڪار ٿيندو آهي ته هو پنهنجي نالي تي ٿيندڙ جدوجهد مان بيزار ٿي ڪنارا ڪشي اختيار ڪري ڇڏيندو آهي. هن وقت سنڌ جي مظلوميت ۽ سنڌ جو درد انهيءَ ڪيفيت ۾ مبتلا آهي سنڌ سان عشق ۽ محبت جون دعوائون ان وقت تائين ٺلهي جو ٺلهيون رهنديون جيستائين محبت ڪندڙ پنهنجو پاڻ کي عوام ۾ تحليل نٿا ڪن، جڏهن سنڌ سان محبت ڪندڙن جو عمل عوام ۾ تحليل ٿيڻ شروع ٿيندو ته پوءِ سنڌ انهيءَ محبت جي رشتي ۾ جڙندي هڪ اهڙي تحريڪ کي جنم ڏيندي جو سنڌ ۾ ڪو به ظلم ۽ جبر رهي نه سگھندو سنڌ جو ڪو به حصو نيلام نه ٿيندو ۽ سنڌ جي ڪنهن به وسيلي جي ڀيل نه ٿيندي، جڏهن سنڌ تي عوام جي مڪمل چوڪيداري قائم ٿيندي. جيڪا سنڌ هاڻي عذابن ۽ مصيبتن ۾ مبتلا آهي اها دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏيندي؟ هن وقت خود سنڌ کي دنيا جي ان پيغام کي اپنائڻو پوندو ته عمل کان سواءِ وارثي رڳو دعويٰ جي حدن تائين رهي ٿي سنڌ سنڌين جي ۽ سنڌ واسين جي تڏهن ٿيندي جڏهن عوام ۽ سنڌ جو رشتو مڪمل طور تي جڙي ويندو ۽ اهو ئي دردن جو علاج ۽ محبت جو ميلاپ آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *