تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

سنڌ جي وحدت، ورهاڱا توهان ۽ اسان

هاڻي جڏھن ڪڪر  گم ٿي ويا آھن،برساتون ڏيهه ٻوڙي واپس ٿيون آھن، موسم مٽجي رهي آھي ليڪن ڪراچي ڪارونڀار ۾ اڀار موجود آھي ڪپر ڪن ڪرڻ لڳو آھي ۽سمنڊ  ننڊ مان نئي اٿيل ڪنوار جيان جاڳي پيو آھي، چانڊوڪيون تيز روشن ٿيڻ لڳيون آھن، سمنڊ جيڏي شھر ڪراچي مٿان نيريون شامون ڪنهن اپسرا جيان ڪشش ڪندڙ رهڻ لڳيون آھن ته ان ويلي شھر جي ڏاکڻي علائقي سامونڊي ڪناري تان ھر اڀرندڙ چنڊ تمر جي گهاٽن  وڻن مان جهاتي پائي مٿي نڪرڻ لڳندو آھي  ۽ ساري ڪراچي شھر کي گهوري گهوري ڏسڻ کان پوءُ لهي ويندو آھي .هاڻي جڏهن سرءُ جا ڏينهڙا جوڀن ماڻي چڪا آھن جڏھن پڪل کيٽن مٿان ٿڪل ڪونجن جو ڪرلاءُ ڪنهن ڌڪڙيل سپاهي جي دانهن جيان محسوس ٿي رهيو آھي، هاڻي جڏھن لابارن جي رت نون گيتن جي گونجار سان مهڪي رهي آھي، ته ان وقت ڪراچي جي مالڪي جي ڪوڙي دعويٰ ڪندڙ لوڪن سنڌ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جي ڳولا ۾  بکايل گدڙن جيان اونائڻ شروع ڪيو آھي، اها اوناڙ انهن گدڙن جي اوناڙ جهڙي آھي جيڪي جڏھن سرد رت ۾ سڪندڙ ڍنڍن مان ڍينڍ کائي ڍئو ڪندا آھن ته ڍئو ۾ اونائڻ لڳندا آھن. 
جيئن جيئن اتر جون هوائون رت کي ٿڌو ڪرڻ شروع ڪنديون آھن، تيئن تيئن گدڙن جي اوناڙ ۾ شدت ايندي آھي، هاڻي جڏھن هنن ماڻھن سنڌ کي ٽوڙڻ وارو راڳ آلاپڻ شروع ڪيو آھي ته  مون کي اهو سنڌي ٻولي جو پهاڪو هر هر ياد اچڻ لڳو آھي ته “پنهنجي وڍئي جو ويڄ نه ڪو طبيب” ان ڪري جو انهن ماڻھن کي هتي وسائڻ وارا سنڌي ماڻھو ئي هئا.
هي ماڻھو جيڪي سرزمين هنڌ مان نڪري سرحدن کي ڇڏي سمنڊ جي ڪناري واري شھر ڪراچي تائين ڪهي جڏھن پهچن ٿا ته هتان جا سنڌي ماڻھو کين جيءَ ۾ جايون ڏين ٿا  انهن ماڻھن کي  هتي اجهو ۽ لٽو ملي ٿو ۽ کين هتي جون سر سبز زمينون ڏنيون وڃن ٿيون اهي ماڻھو ستر سالن جي هڪ ڊگهي عرصي ۾ ھتي رهي کائي پي  جڏھن پيٽ ڀرين ٿا  ته  اهي سرزمين سنڌ جي  حصيداري گهرن ٿا، ڀلي حصيداري گهرو پر انهن کان گهرو جن توهان کي  هتي موڪليو هو، توهان انهن کان حصيداري گهرو جتي توهان پنهنجا آکيرا ڇڏي آياهئا.
معذرت سان هي ماڻھو اهو الائي ڇو سڀ ڪجھه وساري ويٺا آھن جڏھن هو ريل جي گاڏين ۾ سٿجي اچي سنڌ ۾ لٿا هئا ته صوفين جي سرزمين جي الله لوڪ انسانن  انهن جي آجيان  انهن ڪلامن سان ڪئي جيڪي ڪلام فقير جڏھن ڪورس جي انداز ۾ ڳائيندا آھن ته روح  پڃري ۾  بند ڪنهن پکي جيان اڏامڻ لاءِ تڙپندو آھي.
الائي ڪنهن ۾ راضي آ
الائي ڪنهن سان راضي آ
ڪو راجا ڪو فقير
هي بازيگر جي بازي آ
معذرت سان، اوهان اهو الائي ڇو وساري ويٺا آھن ته جڏھن وبا ڪراچي ۾ ٽاڪوڙو ٻاريو هو ته سنڌ جي نواب غيبي خان چانڊيو هنن لاءِ ھزارين روپين جون دوائون حڪيمن کان ٺھرائي توهان لاءِ ڪراچي کڻي آيو هو.   اهو به ياد ڪريو جڏھن توهان ورهاڱي دوران  سرحدن جي  بي رحم بارود جي ٺڪائن تي اڏامندڙ پکين جي ولرن جيان ٽھي اچي سنڌ ۾ لٿا هئا هو اهو الائي ڇو وساري ويٺا آھن ته جنم ڀومي ماءُ جيان مٺي هوندي آھي ان جي ولڙين ۽ وڻن جو واس  ويراڳي وجود ۾ جڏھن واسو ڪندو آھي تڏھن زندگي جو لهندڙ سج ڪجھه عرصي لاءِ ترسي بيهندو آھي زندگي ۾  ٻيهر جيئڻ جي آس ڪر موڙندي آھي توهان اهو الائي ڇو وساري ويٺا آھيو ته توهان جي  هتي ڪا به تاريخي سرزمين ڪونهي توهان جي ٻولي ۽ لولي ، تهذيب ۽ تمدن جي ڪابه تاريخ ڪونهي توهان جو تاريخي پسمنظر ڪهڙو آھي، توهان ته پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ جو سارو ڪريڊٽ کڻڻ چاهيو ٿا، توهان مان ڪو ٻڌائيندو ته توهان ڪڏھن انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ؟انگريزن سان ته سورهيه بادشاهه پير پاڳارو وڙهيو هو، انگريزن سان روپلو ڪولهي وڙھيو هو، انگريزن سان قائد اعظم اٽڪيو هو، انگريزن سان ته علاما اقبال اکيون اکين ۾ وجهي شعلا انگيز شعر لکيا هئا، انگريزن سان ته آڳاٽو تانتيا ٽوپي ۽ نانا صاحب۽ لڪشمي ٻائي لڙيا هئا  انگريزن خلاف ته هيمون ڪالاڻي وڙھيو هو ،انگريزن سان ته غلام محمد ڀرڳڙي قانوني ويڙھ ڪئي هئي. اوهان مان انگريزن سان سنئون سڌو يا قانوني طور ڪير وڙھيو هو، اوهان انگريزن خلاف ڪڏھن بغاوت ڪئي؟ اوهان ڪڏھن بغاوت ڪري انگريزن خلاف ريل پٽڙيون اکيڙيون يا وري شھرن ۾ ڀرپور احتجاج ڪيا؟ 
ان ڳالھه کان ته انڪار ڪونهي انگريزن خلاف سنڌ جي اڳواڻن سان گڏ پنجاب سميت بنگال ۽ ٻين علائقن جا اڳواڻ به شامل هئا،انگريزن خلاف ته مهاتما گانڌي به هو جنهن  انگريزن خلاف احتجاج ڪندي نرم ڪپڙن جو لباس پائڻ ڇڏي کاڌي جو ڪپڙو پائڻ شروع ڪيو هو جيڪو هن مرڻ  گهڙي تائين مسلسل پاتو هو. توهان ته بنا ڪنهن مطالعي جي وڏڙن جي واتان ٻڌل ڳالهيون ورجايو ٿا اوهان ته تاريخ پڙھي ئي ناهي اوهان ته ڏکڻ ايشيا جي ساري ادب  ۽ شاعري کان واقف ئي ناهيو، اوهان ته لطيف سائين جو سر مارئي سمجهيو ئي ناهي جنهن ۾ هن وطن جي حب کي زندگي سان جوڙيو ئي آھي پر هو ان حد تائين به چوي ٿو ته مرڻ کان پوءِ ان جي مڙھه کي وطن جي مٽي شال نصيب ٿئي.
ميائي جياس جي وڃي مڙھه ملير ڏي
اوهان کي ڪهڙي خبر ته وطن جي مٽي ماءُ ڪيئن هوندي آھي؟ اوهان کي وطن جي مٽي جي مهڪ جي خوشبو ڪڏھن آئي آھي، اوهان کي ڪهڙي خبر ته  ڌارئين ديس ۾ ماڻھو ڪيئن اٻاڻڪو رهندو آھي؟ اوهان ته هاڻي ديس ۽ ديس واسين جون سموريون اڳوڻيون مهربانيون ڀلجي ڇڪا آھيو هاڻي اوهان ان ديس جي تقدير ۾ سير وهائڻ ٿا گهرو جنهن جي قدامت جي تاريخ، انساني ارتقا سان ڳنڍيل آھي، جنهن کي اوهان کان اڳ به ڪيئي ماڻھو بار بار ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندارهيا پر سنڌ کي ٽوڙڻ  بجاءِ پاڻ ٽٽا آھن.
توهان جا ڪيترائي بزرگ جن ڪيئي وسنديون ۽ ڦٽيون ڏٺيون آھن جن ورهاڱي جا وڍ اکين ڏٺا آھن جن انسانن کي جانورن جيان ڪسندي ۽ زخمي حالت ۾ تڙپندي ڏٺو آھي اهي اڄ به اوهان سان سنڌ جي ورهاڱي تي سهمت نه آھن، اهي نه ٿا چاهين ته ستر سالن پڄاڻان ٻيهر خونن جون نديون وهن ۽ نوان  نقشا نصابن ۾ شامل ٿين، اهي بزرگ اڄ به شهرن جي سمهڻ کان پوءِ تهجد نماز پڙھي اوهان کي پٽون پاراتا ڏين ٿا ڇاڪاڻ ته توهان هر ڏينهن نئون ممڻ مچائڻ جي تاڙ ۾ ھوندا آھيو.
اوهان رگويدن کي پڙھي ڏسو جتي سنڌ جي وڏائي سونهن ۽ سوڀيا جا داستان درج ٿيل آھن جتي سنڌوندي کي ڳاڙھن تيز ڊوڙندڙ گهوڙن کان تکي وهندڙ ندي ڏيکاريو ويو آھي جتي ان جي وڏي عمر لاءِ دعائون گهريون ويون آھن جتي ان کي پاڻي جو ديوتا مڃيو ويو آھي اهو سنڌو درياءَ جيڪو سنڌ جي ڇاتي تان وهي وڃي سمنڊ کي ٻکين پوي ٿو.توهان اهو نه سوچيو ته سنڌ کي ٽوڙي توهان ڪراچي جا مالڪ ٿيندا ڪراچي سنڌ جي شھه رڳ سڏجي ٿي، سنڌ کي ستر سالن پڄاڻان اهي سنڌي به وساري  نه سگهيا آھن جن ورهاڱي پڄاڻان وڃي هند جا مختلف هنڌ وسايا، هتان جا هاڻوڪا ديس ڌڻي ڪيئن سنڌ تي وار برداشت ڪندا. ان ڪري بهتر اهو آھي ته اوهان به سنڌ جي وحدت جي مضبوطي لاءِ سنڌ جا ٿي ڪري ڪم ڪريو، ڇاڪاڻ ته اوهان کي هتي ئي رهڻو آھي، ايئن نه ٿئي جو اوهان سنڌ دشمني  ۾ گهڻو  ڪجھه وڃائي ڇڏيو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *